پاڪ افغان تڪراري لاڳاپا: طالبان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟

حامد مير

سياستدان ۽ صحافي جي وچ ۾ دوستي وڏي مشڪل هوندي آهي، پر صحافي ۽ سفارتڪار جي وچ ۾ دوستي ايتري مشڪل نه هوندي آهي. البت اها دوستي تڏهن مشڪل بڻجي وڃي ٿي، جڏهن صحافي خبر جي پويان ڊوڙڻ بدران ڪنهن جو سفير بڻجي وڃي، ڇو ته پوءِ هو صحافي نه رهندو آهي. ڪالهه شام هڪ غير ملڪي سفارتڪار مون کان پڇي رهيو هو ته پاڪستاني صحافين وٽ خبرون گهٽ ۽ افواهون وڌيڪ ڇو هوندا آهن؟ مون ادب سان اختلاف ڪندي چيو ته سٺن صحافين وٽ اڄ به خبرن جي کوٽ ناهي، پر اهي سفارتڪارن سان اصل خبرون شيئر نٿا ڪن، بلڪه کين هتي هتان جا افواهه ٻڌائي واندو ڪري ڇڏين ٿا. ان جو سبب اهو آهي ته صحافين ۽ سفارتڪارن جي وچ ۾ اعتماد جو بحران پيدا ٿي چڪو آهي.

هي اهڙو موضوع آهي، جنهن تي گذريل ڪجهه عرصي دوران ڪيترن غير ملڪي سفارتڪارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ڪيترن پاڪستاني صحافين کي شڪايت آهي ته هنن ڪنهن سفارتڪار سان آف دي رڪارڊ ڳالهه ڪئي ۽ ٻئي ئي ڏينهن اها ڳالهه اتي پهچي وئي، جتان صحافي لاءِ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. اهڙا واقعا به ٿيا آهن جو ڪنهن صحافي ڪا ڳالهه ڪئي ئي ناهي، پر ان سان ڪو غلط دعويٰ منسوب ڪيو ويو. هتي غلطي ڪنهن سفارتڪار جي نه، پر ان محفل ۾ موجود ٻين صحافين جي هئي، جيڪي هڪ کان وڌيڪ ادارن لاءِ رپورٽنگ ڪندا آهن.

جنهن سفارتڪار سان اها گفتگو ٿي رهي هئي، ان ويچاري جي نوڪري اڄڪلهه خطري ۾ آهي. هن صاحب ڪجهه وقت اڳ پنهنجي حڪومت کي ٻڌايو هو ته پاڪستان غزه ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوج موڪليندو. ان سفارتڪار جو ذريعو هڪ پاڪستاني صحافي هو، جنهن کي هو حڪومت جي تمام ويجهو سمجهندو هو. جڏهن ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار واضح بيان ڏئي ڇڏيو ته پاڪستان حماس کي غير مسلح ڪرڻ لاءِ غزه ۾ فوج نه موڪليندو، تڏهن اهو سفارتڪار پريشان ٿي ويو. هن پنهنجي ذريعن کان پڇيو ته تنهنجي خبر غلط ڇو نڪتي؟ ذريعي چيو ته هن اها خبر سوشل ميڊيا تي پڙهي هئي.

سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز ۽ فيڪ وڊيوز جي يلغار ڪيترن سمجهدار ماڻهن کي سوشل ميڊيا کان پري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا چئي رهي هئي ته ٽرمپ وينزويلا کان پوءِ ايران تي حملو ڪندو ۽ پاڪستان ايران تي حملي لاءِ آمريڪا کي پنهنجا اڏا مهيا ڪندو. ڇهين جنوري تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان وينزويلا خلاف ٽرمپ جي قدم جي مذمت ڪري، هڪ ڀيرو وري سوشل ميڊيا کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو.

وينزويلا ۾ ٽرمپ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ان سڄي دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي. هاڻي جيڪڏهن روسي صدر پوٽن جي حڪم تي يوڪرين جي صدر زيلينسڪي کي ڪٿي اغوا ڪري ماسڪو پهچايو وڃي ته ٽرمپ ڇا ڪري سگهندو؟ ڀارتي پارليامينٽ جي هڪ مسلمان ميمبر اسدالدين اويسي پنهنجي وزيراعظم مودي کان مطالبو ڪيو آهي ته جيئن ٽرمپ وينزويلا جي صدر کي اغوا ڪري نيويارڪ پهچايو، تيئن توهان ڀارت ۾ حملن جي مبينا جوابدارن کي پاڪستان مان اغوا ڪري دهلي ڇو نٿا آڻيو؟

اويسي صاحب آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جو سربراهه آهي. هي تنظيم پاڪستان جي قيام کان گهڻو اڳ قائداعظم جي هڪ ساٿي نواب بهادر يار جنگ قائم ڪئي هئي. هي تنظيم حيدرآباد دکن جي مسلمانن جي سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي هئي، پر نواب صاحب جي وفات کان پوءِ سياسي پليٽفارم بڻجي وئي. اڄڪلهه اسدالدين اويسي هن پليٽفارم تان پاڻ کي ڀارت جو وفادار ثابت ڪرڻ لاءِ اهڙا بيان ڏيندو رهي ٿو، جو ڪڏهن کل اچي ٿي ته ڪڏهن ترس.

هڪ غير ملڪي نشرياتي اداري مون کان پڇيو ته اويسي جي بيان کان پوءِ ڇا توهان کي هڪ ٻي پاڪ-ڀارت جنگ جو خطرو نظر نٿو اچي؟ مون جواب ڏنو ته خطري ۾ ته اويسي صاحب پاڻ نظر اچن ٿا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف صاف لفظن ۾ ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اڄڪلهه ڀارتي ميڊيا تي اهو دعويٰ ڪيو پيو وڃي ته 2026ع ۾ ڀارت ۽ افغانستان گڏجي پاڪستان تي حملو ڪندا، جڏهن ته پاڪستان حملو ڪندڙن کي سبق سيکارڻ لاءِ تيار آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر افغان طالبان بابت جيڪو لهجو اختيار ڪيو، ان کان پوءِ هڪ افغان صحافي مون کان پڇيو ته ڪٿي پاڪستان افغان طالبان جي قيادت کي هيليڪاپٽرن ذريعي اغوا ڪرڻ جو منصوبو ته ناهي ٺاهيو؟ مون حيرت مان پڇيو ته هي ڪهڙي ڳالهه پيا ڪريو؟ افغان صحافي ٻڌايو ته طالبان مخالف اڳواڻ ۽ احمد شاهه مسعود جو پٽ احمد مسعود باقاعده بيان جاري ڪيو آهي ته جيئن ٽرمپ وينزويلا جي صدر کي اغوا ڪيو، تيئن پاڪستان به افغان طالبان جي اڳواڻ ملا هيبت الله کي قنڌار مان اغوا ڪري وٺندو. هي بيان منهنجي لاءِ حيرت جوڳو هو. افغان صحافي پڇيو ته جيڪڏهن پاڪستان فوجي ڪارروائي ذريعي افغان طالبان جي قيادت کي ختم ڪري ڇڏي ته ڇا پاڪستان جو مسئلو حل ٿي ويندو؟ ڇا ڪابل ۾ پاڪستان دوست حڪومت قائم ٿي ويندي؟ مون افغان صحافي کان پڇيو ته جيڪڏهن ڪابل مان طالبان جي حڪومت ختم ٿي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هن جواب ڏنو ته اتر افغانستان احمد مسعود ۽ عبدالرشيد دوستم جي حامين وٽ هليو ويندو، اوڀر افغانستان ۾ ڪٿي طالبان ۽ ڪٿي داعش جو غلبو هوندو، ۽ ڪابل ۾ گهرو جنگ شروع ٿي ويندي. داعش 2013ع ۾ ابو بڪر البغدادي عراق ۽ شام ۾ قائم ڪئي هئي. 2015ع ۾ طالبان جي هڪ باغي حافظ سعيد ۽ ڪزئي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ داعش جي شاخ قائم ڪئي. داعش ۽ طالبان 2015ع کان هڪ ٻئي تي حملا ڪندا رهيا آهن. داعش افغان طالبان کي پاڪستان جو ايجنٽ قرار ڏيندي رهي آهي، جڏهن ته هاڻي پاڪستاني حڪومت افغان طالبان کي ڀارت جو ايجنٽ قرار ڏئي رهي آهي. ايراني حڪومت داعش کي اسرائيل جي تخليق سمجهي ٿي، ڇاڪاڻ ته داعش جا جنگجو اسرائيل سان وڙهڻ بدران ايران ۽ افغانستان ڏانهن لڏي رهيا آهن. داعش کي غزه جي نه، پر افغانستان جي فڪر آهي.

پاڪستان داعش جي هڪ افغان ڪمانڊر محمد شريف الله کي گرفتار ڪري گذريل سال آمريڪا حوالي ڪيو هو. تازو داعش جو هڪ ٻيو افغان اڳواڻ سلطان عزيز عزام پاڪستان ۾ گرفتار ٿيو آهي، جيڪو پنهنجي ريڊيو “صداءِ خلافت” تي افغان طالبان کي منافق قرار ڏيندو هو ۽ افغانن سان گڏ پاڪستانين کي به پنهنجي رياست خلاف بغاوت تي اڪساتو هو. پاڪستان کي گهرجي ته سلطان عزيز عزام کان ٿيندڙ جاچ جون تفصيلون سامهون آڻي، ته جيئن خبر پوي ته داعش جو اصل ماسٽر مائينڊ اسرائيل آهي يا ڪو ٻيو مغربي ملڪ. پاڪستان سميت خطي جي سڀني ملڪن کي افغانستان بابت گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. افغان طالبان کي به ثابت ڪرڻو پوندو ته هو ڀارتي ڪنٽرول ۾ ناهن، نه ته سندن معاملا وڌيڪ بگڙي سگهن ٿا. ٻئي پاسي پاڪستان کي به سوچڻو پوندو ته جيڪڏهن افغانستان مان طالبان جو ڪنٽرول ختم ٿي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا ٻيهر گهرو جنگ جي صورت ۾ لکين افغان مهاجر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ڏانهن رخ نه ڪندا؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.