ڪنهن به ملڪ ۾ عوامي سهولتن لاءِ ڪيل ڪم ساراھ جوڳا هوندا آهن پر جتي انهن ڪمن جي پوئيواري نٿي ٿئي يا برابر جي مانيٽرنگ نه ٿيڻ سبب اهي سهولتون ڪڏهن ڪڏهن عوام لاءِ عذاب بڻجي وينديون آهن، هن ملڪ ۾ جيڪڏهن بجلي يا گئس جي سهولت آهي ته انهن جي ڳرن بلن ڊڊيڪشنز ۽ لوڊشيڊنگ جي مسئلن سميت ڪٿي ڪٿي ملازمن جي ڪرپشن سبب اهي سهولتون به عوام جي لاءِ آزار بڻجي ويون آهن، جن مان ماڻهن کي سک گهٽ ۽ عذاب وڌيڪ ملي رهيو آهي، ائين ئي جديد سهولتن ۽ جدت کي ڏسندي ملڪ ۾ ويهھ سال کن اڳ موبائل فون سروس متعارف ٿي، جنهن ۾ ڪجهه سيلولر ڪمپنين سيڙپڪاري ڪري اها سهولت ڏني جنهن سان ملڪ جي عوام جو هڪ ٻئي سان بهتر ۽ تيز رفتار رابطن جو سلسلو شروع ٿيو، اها سهولت بظاهر ملڪ جي عوام کي سهولت ڏيڻ سان گڏ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ به اهم سنگ ميل ثابت ٿي رهي آهي، پر ملڪ جي عوام کي نڌڻڪو ۽ بي وس سمجهي وقت بوقت اهي ئي موبائل سيلولر ڪمپنيون ان سهولت کي عوام لاءِ آزار بنائي رهيون آهن جيڪي پنهنجا من پسند فيصلا ملڪ جي غريب عوام تي مڙهي انهن ماڻهن کي معاشي طور ڪنگال ڪرڻ جي پويان پئجي ويون آهن.
هتي جيڪي موبائل سيلولر ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن انهن جو پهرين نيٽ ورڪ به بهتر هوندو هيو جڏهن ته ڪال ۽ نيٽ پيڪيجز ريٽ به عوام جي پهچ ۾ هوندا هئا وڏي ڳالھه ته ڪمپنين پاران ڏنل سهولتن مثال طور مس ڪال ڏيڻ، بئلنس چيڪ ڪرڻ، هيلپ لائين تي رابطو ڪرڻ تي ڪا به چارجز نه هوندي هئي، پر انهن ڪمپنين وڏي چالاڪي سان آهستي آهستي بئلنس چيڪ ڪرڻ، مس ڪال ڏيڻ توڙي ڪنهن به سروس يا مسئلي جي لاءِ هيلپ لائين تي ڳالهائڻ لاءِ پئسن جي ڪٽوتي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، ائين وري موبائل سيلولر ڪمپنين صارفين جي کيسن تي وڌيڪ ڌاڙا هڻڻ جي لاءِ مختلف سروسز پاڻ مرادو به لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيون جن کي ختم ڪرائڻ لاءِ به پئسن جي ڪٽوتي ڪئي ٿي وڃي.
مختلف نالن جي سستن پيڪيجن تي وقت بوقت اضافو ڪري هڪ ڌڪ ۾ ٽيهن روپين کان پنجاھ روپين تائين پيڪيج مهانگا ڪيا ٿا وڃن، جنهن جواڳواٽ اطلاع به نٿو ڏنو وڃي،اڳ ۾ گم ٿيل سم فري ۾ ملندي هئي، سم بند به فري ۾ ٿيندي هئي، سم ڊپليڪيٽ فري ۾ يا بلڪل ٿورڙي فيس ۾ ڪڍي ڏني ويندي هئي، پر هاڻ اهي سڀ سولتون عوام کان کسيون ويون آهن، هاڻي سم بند ڪرائڻ في چارجز، سم ڊپليڪيٽ تي ڳري فيس، ايتري قدر جو پنهنجي سم بند ڪرائڻ به آزار بنايو ويو آهي، جنهن تي وڏو افسوس ٿئي ٿو ته هن ملڪ مان جيڪي ڪمپنيون اربين روپيا ساليانو ڪمائين ٿيون اهي ماڻهن کي ريلف ڏيڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي بجاءِ ابتو اهي ڏنل سهولتون به صارفين کان کسيون پيون وڃن، ٻيو ته ٺهيو پر خاص ڪري سنڌ جي ڪنهن به علائقي ۾ موبائل فون جي سروس به بهتر ناهي هوندي، ڪڏهن ڪال ڪرڻ وارن جو هڪ ٻئي کي آواز ناهي ايندو، ڪڏهن ڊبل آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، ڪڏهن ايمرجنسي ۾ ڪال ناهي لڳندي، مطلب ته هڪ طرف صارفين جي کيسن تي ناجائز ڪٽوتين ۽ سروس چارجز جي نالي ۾ ڌاڙا هنيا پيا وڃن ته ٻئي پاسي اها بهتر سروس جيڪا صارفين کي ڏيڻ گهرجي اها به نه پئي ڏني وڃي، جنهن جي ڪري عوام هاڻ هنن ڪمپنين جي روز روز جي لٽ مار ۽ ناقص سروس جي ڪري ذهني مريض بنجي چڪو آهي.
جيڪڏهن انٽرنيٽ جي ڳالهھ ڪنداسين ته دنيا وڃي چنڊ تي پهتي آهي پر اسان جي ملڪ ۾ 4G ۽ 5G جو نالو ڏئي اڄ به 2G يا 3G جهڙي سروس ڏئي ڪم کي هلايو پيو وڃي، جڏهن ته سيلولر ڪمپنيون بنا ڪنهن سبب جي پئسن جي ڪٽوتي سان گڏ گيمز ۽ ٻين بهانن سان پڻ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيون آهن جيڪو انتهائي غلط عمل آهي، ان کان علاوه ڪجهه ڪمپنيون ايڊوانس جي مد ۾ ٿورڙي رقم ڏئي ان تي سروس چارجز جي نالي بئلنس چٽ ڪريو وڃن، ڪي ڪمپنيون وري قرض ڏئي ستن ڏينهن يعني هفتي وار صارفين کان هڪ هزار جي پويان پنجاھ روپيا هفتيوار سروس چارج جي نالي تي ڳرو وياج وٺن ٿيون، جڏهن اصل رقم جمع به ٿي وڃي ٿي تڏهن به وياج جي رهيل پئسن تي به وياج لڳائي غريب عوام کي لٽيو ويو وڃي، جيڪڏهن هيلپ لائين تي رابطو ڪري نيٽ ورڪ خراب يا پئسن جي ڪٽوتي جي شڪايت ڪجي ٿي ته ان تي به عمل ڪرڻ بجاءِ ڪيترن ئي نمونن سان عوام کي مختلف سروسز ۽ ميسيجز ۾ ڦاسايو وڃي ٿو جنهن سان اٻوجھه ۽ اڻ پڙهيل ماڻهو وڌيڪ تڪليفن ۾ اچي وڃن ٿا، ڏٺو وڃي ته موبائل سيلولر ڪمپنيون عوام جي لاءِ مڪمل طور عوام آزار بنجي چڪيون آهن، پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهي ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جي کيسن مان اربين روپين جا ڌاڙا هنيا پيا وڃن، ٻن يا ٽن سؤ وارن پيڪيجن کي مختلف نالا ڏئي انهن کي هزارين روپين تائين پهچائي ڇڏيو آهي، عام ماڻهو نيٽ پيڪيج ته پري جي ڳالھه آهي مهانگائي سبب رڳو ڪال پيڪيج به نٿو ڪرائي سگهي، هڪ سؤ روپيا بئلنس لوڊ ڪرائجي ٿو ته هڪ روپيو به مالڪ تائين مشڪل سان پهچي ٿو، اهي پئسا به قرضن سميت ٻين الائي ڪھڙين ڪهڙين سروسز ۾ ڪٽجي ٿا وڃن، هڪ مزدور پيشه ماڻهو ڪمپنين جي انهن ارھ زوراين ۽ ناجائزين مان تمام گهڻو بيزار بنجي چڪو آهي، پي ٽي اي سميت ملڪ جي اعلي ادارن ۽ ٻين وس وارن کان هن غريب ملڪ جو عوام مطالبو ٿو ڪري ته ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ موبائل سيلولر ڪمپنين جي مڪمل مانيٽرنگ ڪري سروس کي بهتر بنائڻ سميت عوام کان بي سبب مختلف سروس چارجز جي مد ۾ ٿيندڙ ناجائز ڪٽوتيون بند ڪرايون وڃن،