نائين اليون واقعي کان وينزويلا جي صدر جي گرفتاري تائين

تحرير: اياز امير

القاعده وارن کان ڪنهن پڇيو ته نيويارڪ جي ٽوئن ٽاورز تي جهاز ٽڪرائي توهان ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ چاهيو هو؟ ٽي هزار يا ساڍا ٽي هزار ماڻهن جي موت مان ته ڪو به سياسي يا اسٽريٽجڪ مقصد نٿو نڪري. اسامه بن لادن ۽ خالد شيخ محمد جي سوچ ڇا هئي ته اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏئي ڪهڙا مقصد حاصل ٿيندا؟ ٽوئن ٽاورز ته ڪري پيا، پينٽاگون تي به هڪ جهاز وڃي ٽڪرايو، پر ان جي ردعمل ۾ آمريڪا جيڪو ڪجهه ڪيو، ان سان پهرين افغانستان تباهه ٿيو ۽ پوءِ عراق مڪمل طور اجڙي ويو. القاعده جي گهڻي قيادت ماري وئي. ابو زبيده ۽ خالد شيخ محمد هتان گرفتار ڪيا ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ اسامه بن لادن جي به ڳولا ڪئي وئي ۽ جيئن وينزويلا ۾ آمريڪين حملي ذريعي صدر نيڪولس مادورو کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اهڙي ئي نموني آمريڪي هيليڪاپٽر آيا، جنهن احاطي ۾ اسامه بن لادن رهائش اختيار ڪئي هئي، اتي آمريڪي نيوي سيل لٿا، اسامه بن لادن کي ماري ڇڏيو ۽ سندس لاش هيليڪاپٽرن ذريعي بگرام ايئر بيس کڻي ويا. جيئن وينزويلا کي حملي جي ڪا خبر نه پئي، تيئن هن حملي جي به ڪنهن کي خبر نه پئي. القاعده جو ٻيو اڳواڻ ايمن الظواهري بچي ويو هو، پر ان جي به ڪابل ۾ آمريڪين ڳولا ڪئي ۽ بلڪل طالبان جي نڪ هيٺ ايمن الظواهري ڊرون حملي ۾ ميزائل جو نشانو بڻجي ويو.

افغانستان تي حملي وقت القاعده يا طالبان جا جيڪي ماڻهو آمريڪين جي هٿ لڳا، تن کي دنيا جي مختلف ڳجهين جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ سي آءِ اي انهن سان جيڪو سلوڪ ڪيو، اهو پڙهي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اڄ القاعده ڪٿي آهي؟ ڪجهه ماڻهو شايد اڃا افغانستان ۾ هوندا ۽ ڪجهه نظرياتي ساٿي بيابانن ۾ پنهنجا ٺڪاڻا ٺاهي ويٺا هوندا. اسان جهڙن ناسمجهن کي ڪو سمجهائي ته سهي، ته القاعده جي سوچ ۽ سڄي جدوجهد جو مقصد آخر ڇا هو؟

اهو الڳ بحث آهي ته اسان جا حڪمران لڳاتار افغانستان جي معاملن ۾ شامل رهيا. افغانستان تي حملي کان پوءِ القاعده ۽ طالبان جا ڪيترا ماڻهو يا چئجي ته ڪيترا جٿا، پاڪستان اچي پناهه وٺي ويٺا. قبائلي علائقن ۾ وڃي پنهنجا اڏا قائم ڪيائون. ڪيترائي مقامي ماڻهو انهن جي هٿان قتل ٿيا. جڏهن پاڻي پل کان مٿي وهڻ لڳو ته تڏهن رياست کي ڪجهه هوش آيو ۽ 2014ع ۾ انهن عنصرن خلاف باقاعده مهم شروع ڪئي وئي. اڄ جڏهن حالتون مڪمل طور بدلجي چڪيون آهن ته اسان افغانستان کان شڪايتون ڪريون ٿا ته بارڊر پار کان جٿا اچي هتي حملا ڪن ٿا. اها ڳالهه گهٽ ياد رهي ٿي ته ڪڏهن هتان کان به جٿا اتي وڃي ڪارروايون ڪندا هئا.

القاعده جو ته هڪ الڳ معاملو آهي، پر هي جيڪي حماس وارا آهن، تن کي ڇا سُجهيو هو جو هنن بي هٿيار اسرائيلي شهرين تي حملا ڪيا، ماڻهن کي گوليون هنيون ۽ ڪيترن کي اغوا ڪري غزه جي سرنگهن ۾ يرغمال بڻائي رکيو؟ القاعده ڇا سمجهيو هو ته ٽوئن ٽاورز تي حملو ٿيندو ۽ آمريڪا ڪجهه نه ڪندو؟ اهڙي ئي نموني حماس ڇا سمجهيو هو ته بي هٿيار اسرائيلي نشانو بڻبا ۽ اسرائيل خاموش ويهي رهندو؟ پوءِ اسرائيل جيڪا بربريت ڏيکاري، اها وچ اوڀر جي تاريخ ۾ ياد رکبي. غزه تباهه ٿي ويو، پنجاهه کان سٺ هزار غزه واسي اسرائيلي بربريت جو شڪار ٿيا، پر ساڳي وقت حزب الله ۽ ايران، جيڪي حماس جا وڏا حمايتي هئا، سي به سخت نقصان هيٺ آيا. حيرتناڪ نموني حزب الله جي قيادت جو صفايو ڪيو ويو. اهڙا ڳجهيا ٺڪاڻا اسرائيلي بمبارن ۽ ميزائلن جو نشانو بڻيا، جو سوچي عقل دنگ رهجي وڃي. حزب الله جي قيادت، حسن نصرالله سميت، بيروت ۾ هڪ محفوظ هنڌ تي هئي، پر اسرائيلي بمباري جي زد ۾ اچي وئي. حماس جو سربراهه اسماعيل هنيه تهران ۾ سرڪاري مهمان طور رهيل هو، جتي اسرائيلي ميزائلن کيس نشانو بڻايو. پوءِ ايران تي جيڪي حملا ٿيا، تن ۾ به ان جا ڪيترائي اهم اڳواڻ مارجي ويا. اڄ نه اها حيثيت حزب الله جي رهي آهي، نه ايران جي. تنهنڪري سوال وري اٿي ٿو ته ڇا حماس جي قيادت عقل کان خالي ٿي وئي هئي، جو هنن اسرائيل تي حملي جو منصوبو ٺاهيو؟

ويٽنام جي جنگ جي ڀيٽ ۾ افغانستان جو نالي ماتر جهاد ۽ القاعده جي انتهاپسندي ڪا حيثيت نٿي رکي. ڪهڙي بربريت هئي جيڪا پهرين فرينچن ۽ پوءِ آمريڪين ويٽنامي قوم تي نه آزمائي؟ جنگ جي عروج تي پنج لک آمريڪي فوجي ويٽنام ۾ مقرر هئا ۽ ويٽنام تي جيڪا بمباري ٿي، اها ٻي عالمي جنگ جي سڀني محاذن تي ٿيل بمباري کان به وڌيڪ هئي. ويٽنام جي ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت هيٺ ويٽنامي قوم ثابت قدم رهي ۽ آخرڪار آمريڪا ٿڪجي ويٽنام ڇڏڻ تي مجبور ٿيو. ان سڄي جنگ ۾ ويٽنامي فوج ۽ گوريلا ويڙهاڪن جا هدف فوجي ٽارگيٽ هئا. عام شهرين خلاف دهشتگردي ويٽنامي قوم جو طريقو نه هو. جنت جا خواب ڏيکاري خودڪش بمبار تيار نه ڪيا ويندا هئا. ويٽنامي جدوجهد خالص پنهنجي سرزمين جي آزادي لاءِ هئي. هڪ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته ويٽنام جنگ ۾ چين جي ڀرپور حمايت هوندي به ويٽنامي قوم ڪڏهن چين جو تسلط قبول نه ڪيو. جاپانين سان، فرينچن سان ۽ آمريڪين سان وڙهيا، پر آزادي ۽ خودمختياري لاءِ. جن مدد به ڪئي، انهن جي هنج ۾ ڪڏهن به نه ويٺا. ويٽنامين وٽ هڪ واضح مقصد هو، جيڪو هنن حاصل ڪري ورتو. هاڻي سوال اهو آهي ته القاعده ۽ هاڻوڪي اسلامڪ اسٽيٽ خراسان جا مقصد ڪهڙا آهن؟ اهي آخر ڇا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا؟ اجتماعي طور اسان جي حالت ڇا آهي؟ جن مسلم بادشاهتن وٽ تيل جي دولت آهي، تن جا ته وارا نيارا آهن. پر حقيقي معنيٰ ۾ ترقي پسند ۽ ترقي يافته معاشرا اسلامي دنيا ۾ ڪٿي آهن؟ ڪيترن حوالن سان ترڪي پاڻ کي هڪ جديد جمهوري ملڪ بڻايو آهي، پر ان جو وڏو ڪارڻ سيڪيولر سوچ رکندڙ ڪمال اتاترڪ جو انقلاب آهي. ملائيشيا جا حالتون سٺيون آهن، جنهن جو وڏو سبب مهاتير محمد جي سترهن سالن جي قيادت هئي. باقي اسلامي دنيا جو حال ڇا آهي؟

اسرائيل ان خطي جي مسلمانن جو خراب حشر ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسرائيل جو گاڊ فادر آمريڪا آهي. ان آمريڪا جي سربراهه، يعني صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سامهون مسلم ملڪن جي اڳواڻن جو رويو ڏسڻ جهڙو آهي. تيل وارا ملڪ به پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻ جي قابل ناهن. آمريڪي تسلط آهي، جيڪو تيل سان مالامال ملڪن کي تحفظ ڏئي ٿو. جمهوريت نالي شيءِ به ڄڻ اسان جي اجتماعي مزاج سان ٺهڪي نٿي اچي. جنهن کي عرب بهار چيو ويو، اها وڏي شان سان آئي، پر پوءِ خبر ناهي ڪٿي گم ٿي وئي. گهڻن مسلم ملڪن جي ابتڙ، پاڪستان جو بنياد جمهوريت تي ٻڌل هو، پر جمهوريت سان جيڪو هتي ٿيو، تنهن بنيادن کي ئي ڪمزور ڪري ڇڏيو. بهرحال، جيڪو به اچي ٿو، نئون ڀاشن ڏيڻ شروع ڪري ڏئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.