- ڊاڪٽر محمد عظيم عالماڻي
گذريل مھيني سنڌ جي ٽن اھم ۽ اڏول انسانن جو وڇوڙو ٿيو آھي جن پنھنجن زندگين ۽ خدمتن وسيلي انسانذات جي ڀلائي ۽ سنڌ جي تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان پنھنجو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آھي. انھن ٽن املھھ انسانن ۾ ھڪ محترم ڊاڪٽر محمد عظيم عالماڻي، ٻيو محترم انجنيئر محمد ادريس راجپوت ۽ ٽئين شخصيت محترمھ شمشاد اختر ڏيٿو صاحبھ شامل آھن.
ڊاڪٽر محمد عظيم عالماڻي سنڌ جو ھڪ بھترين ڊاڪٽر ھيو. ڊاڪٽر صاحب جو مرتيو 20 ڊسمبر 2025ع تي 92 ورھين جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ ٿيو، کيس حيدرآباد ۾ ڪنٽومينٽ ويجھو ٽنڊو جھانيان ۾ دفن ڪيو ويو. ڊاڪتر محمد عظيم عالماڻي، سنڌ جو ھڪ مخلص، خدمتگذار،بھترين ڊاڪٽر، مسيحا ۽ صاف سٿري ڪردار جو مالڪ ھو. ھو ھڪ سخت قسم جو منتظم ۽ استاد ھو. پاڻ، ڊائو ڪاليج ڪراچي سنڌ مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کانپوءِ انگلينڊ مان، ميڊيڪل جي اعلي تعليم (MRCP) حاصل ڪيائين ۽ سڄي عمر سنڌ جي خدمت ڪيائين. ھو لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ڪئي سال پروفيسر ۽ پرنسيپال پڻ رھيو، ڊائو ڪاليج ۾ پروفيسر رھيو، سنڌ ۾ صحت کاتي جو سيڪريٽري رھيو ۽ اھڙي نموني مختلف عھدن تي رھي سنڌ جي غريب عوام جي خدمت بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي ڪندو رھيو. منتظم جي حيثيت سان ھو سخت مزاج ضرور ھو پر مسيحا جي حيثيت ۾ وري ھڪ عظيم انسان ھو، غريب ماڻھن جي صحت جو تمام گھڻو خيال رکندو ھو ۽ انھن لاءِ فڪرمند پڻ رھندو ھو.
پاڻ، لاڳيتو پنجاھھ ورھين تائين حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ خانگي طور پرئڪٽس ڪندو ھو، سڄي سنڌ جي غريب ماڻھن جا سندس اسپتال اڳيان ميڙا متل ھوندا ھئا، ڇاڪاڻ تھ ھو غريب مريضن کان فيس تمام گھٽ ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ بلڪل بھ نھ وٺندو ھو. انھن سڀني ڳالھين جو مان اکين ڏٺو شاھد آھيان. پاڻ نيڪ نمازي ۽ زندگي جي آخري ڏينھن تائين سنڌ جي ننڍن وڏن ۽ غريب ماڻھن جي خدمت ڪندو رھيو. سندس وفات تي سڄي سنڌ کي ڏک پھتو آھي، ڇاڪاڻ تھ سندس وفات سان نھ رڳو سنڌ ھڪ ماھر ڊاڪٽر کان محروم ٿي وئي پر غريبن ۽ مسڪينن کان سندن ھڪ بي لوث خدمتگار ۽ مددگار پڻ وڇڙي ويو.
- محمد ادريس راجپوت
محمد ادريس راجپوت سنڌ جو ھڪ ناميارو آبپاشي ماھر ۽ انجنيئر ھو. ھو چند سال اڳ سنڌ جي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جي حيثيت سان رٽائر ٿيو، راجپوت صاحب، سنڌ ۾، سنڌو درياھھ مٿان وڏن ڊيمن اڏڻ جو مخالف ھو، خاص طور تي ڪالاباغ ڊيم جو. ادريس راجپوت سنڌ جو ھڪ سلڇڻو انسان ھو، اصل ۾ ھو، ھندستان مان لڏي ايندڙ اردو ڳالھائيندڙ خاندان سان تعلق رکندڙ ھو، ننڍي عمر ۾ ھندستان مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو، سنڌ جي چند ماڻھن مان ھو جن سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڙھيو ۽ ھو اھو ڪيس مرڻ گھڙي تائين انگن اکرن ۽ دليل سان وڙھندو رھيو. ھن پاڻي جي معاملي خاص طور سنڌ جي پاڻي جي ڪيس بابت ڪافي ڪتاب لکيا جن مان مکيھ ھي آھن: سنڌ جو پاڻي بحران، سنڌوءَ جي سار، سال 2011ع واري برساتي ٻوڏ ۽ سنڌ جا سور، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم (سنڌ جو پاڻي ڪيس)، درياءَ جي دانھن، ڪالاباغ ڊيم ۽ صوبن ۾ پاڻي جي ورھاست جا مسئلا، Kalabagh Dam A fiction A view point from Sindh ، راجپوت صاحب آبپاشي کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ دوران سنڌ ۾ پاڻي جي ورڇ جي نظام کي بھتر بڻائڻ سان گڏ ملڪي سطح تي سنڌ جي پاڻي ڪيس بابت سنڌ جو موقف واضح طور رکيو. ادريس صاحب سان منھنجي دوستي کي ذري گھٽ 40 سال ٿي ويا. ھي اھو دور ھو جڏھن سنڌ جي مختلف انتظامي کاتن ۾ ادريس صاحب سان گڏ فضل الله قريشي صاحب، عبدالغفار سومرو صاحب، محترم بشير ڏھر ۽ محترم حاجي محمد ڏھر، عبدالرسول ميمڻ صاحب، سائين اي اين جي عباسي صاحب، سائين غلام محمد سومرو صاحب، الله اوڀايو خشڪ صاحب ۽ ٻيا مختلف عھدن تي رھي نھ رڳو فرض شناسي سان سرڪاري نوڪري پر گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي خدمت جو جذبو رکندي ڪم ڪندا ھئا. مٿي ڄاڻايل نالا پاڻ ۾ گھرو تعلق پڻ رکندا ھئا. منھنجيون ساڻن سنڌ جي پاڻي ڪيس جي حوالي سان وقت بوقت ملاقاتون ۽ گڏجاڻيون پيون ٿينديون ھيون. اسان گڏجي سنڌ جي پاڻي تي تمام گھڻو آواز اٿاريو، جنھن ڪري فوجي ڊڪٽيٽر جنرل مشرف پڻ ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ھڪ پارلياماني ۽ ٻي ٽيڪنيڪل ڪاميٽيون جوڙيون ، جن جي حوالي ڪالاباغ ڊيم بابت رپورٽ تيار ڪرڻ ھو. آخرڪار مٿي ڄاڻايل سنڌ جي گھڻ گھرن ماھرن جي ڏينھن رات ڪوششن جي نتيجي ۾ انھن ٻنھي رپورٽن وسيلي ڪالاباغ ڊيم جو باب ھميشه لاءِ بند ٿي ويو.
ھر انسان کي آخر ۾ ھلڻو ضرور آھي. ڊسمبر 2025 ۾ ادريس صاحب جي وفات سان سنڌ ھڪ محب وطن ۽ نامياري آبپاشي ماھر کان محروم ٿي وئي. سندس عمر 85 ورھين کن ھئي. سندس خاندان ڪراچي رھي ٿو.
- ڊاڪٽر شمشاد اختر
چند ڏينھن اڳ جي ڳالھھ آھي تھ اوچتو ھڪڙي خبر ملي تھ محترمھ ڊاڪٽر شمشاد اختر اڳوڻي گورنر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان اوچتو وفات ڪري وئي. کيس دل جو دورو پيو، سندس وفات جي خبر ٻڌي نھ رڳو مونکي پر سڄي سنڌ ۽ سڄي ملڪ جي ماڻھن کي پڻ افسوس ٿيو. محترمھ شمشاد اختر تاڃي پيٽي سنڌياڻي ھئي. اصل نوشھري فيروز جي ڏيٿو ھئي. سندس پيءُ محترم منير اختر ڏيٿو حڪومت پاڪستان ۾ وفاقي سيڪريٽري رھيو، ان کانسواءِ ھو ڪيترن ئي ٻين عھدن تي پڻ رھيو. محترمھ شمشاد اختر انگلينڊ مان اڪنامڪس ۾ پي ايڇ ڊي ھئي، ۽ انھي مضمون تي سٺي دسترس رکندڙ ھئي. اڪنامڪس تي سندس ڄاڻ تمام گھري ۽ اونھائي واري ھئي. سڀ کان پھرين ورلڊ بينڪ واشنگٽن ۽ پوءِ ورلڊ بينڪ بينڪاڪ ۾ ڪم ڪندي رھي. ڊاڪٽر عشرت حسين صاحب 6 سال اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جو گورنر رھيو ان کانپوءِ محترمھ شمشاد اختر پڻ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر رھي. ۽ پنھنجو بھترين وقت گذاريائين