گڏيل قومن جي رپورٽ ۽ طالبان جو موقف

ايوب ملڪ

گڏيل قومن پنهنجي تازي رپورٽ ۾ طالبان جي ان دعويٰ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي ته افغان سرزمين دهشتگرد گروهن طرفان پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال نٿي ٿئي. جڏهن ته طالبان 2020ع ۾ دوحا معاهدي تحت اهو واعدو ڪيو هو ته افغانستان کي ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف خطري طور استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن حوالي سان طالبان داعش خراسان خلاف ته سخت ڪارروايون ڪيون آهن، پر افغانستان ۾ موجود ٻين دهشتگرد گروهن خلاف جن ۾ مشرقي ترڪستان اسلامي تحريڪ، القاعده، تحريڪ طالبان پاڪستان، جماعت انصارالله ۽ اتحاد المجاهدين پاڪستان شامل آهن. ڪا به خاطرخواهه ڪارروائي نظر نٿي اچي. ان ئي سبب انهن دهشتگرد گروهن طرفان وقت بوقت پاڙيسري ملڪن تي حملا ٿيندا رهن ٿا.

تازو ئي تاجڪستان جي چيڪ پوسٽن تي افغان سرزمين مان حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٽن دهشتگردن سان گڏ ٽن تاجڪ اهلڪارن جي به موت جي تصديق ٿي آهي. ياد رهي ته گذريل هڪ مهيني دوران تاجڪ سرزمين تي دهشتگردن جو هي ٽيون حملو آهي. رپورٽ ۾ افغان سرزمين کي علائقائي استحڪام لاءِ وڏو خطرو قرار ڏنو ويو آهي

اقوامِ متحده جي رپورٽ موجب طالبان، القاعده سان ويجها لاڳاپا برقرار رکيو ويٺا آهن ۽ افغانستان جي ڪيترن ئي صوبن ۾ القاعده جي مستقل موجودگي آهي. جيتوڻيڪ انهن سرگرمين کي گهڻو نمايان نٿو ڪيو وڃي، پر گڏيل قومن جي مبصرن جو چوڻ آهي ته هن تنظيم کي اهڙو سازگار ماحول ميسر آهي، جيڪو کين تربيت ۽ ٻيهر تنظيم جو موقعو فراهم ڪري ٿو. ان جي ابتڙ داعش خراسان کي طالبان جو بنيادي مخالف سمجهيو وڃي ٿو، پر طالبان جي ڪارروائين جي باوجود هي گروهه اڃا تائين افغانستان ۾ موجود آهي ۽ ملڪ اندر توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ حملا ڪندو رهي ٿو.

رپورٽ موجب علائقائي استحڪام لاءِ سڀ کان وڏو خطرو تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) آهي، جنهن بابت چيو ويو آهي ته طالبان جي ڪجهه عنصرن جي مڪمل ۽ مضبوط حمايت ان کي حاصل آهي، جنهن سبب انهن کي افغانستان ۾ محفوظ پناهه گاهن مان ڪارروائيون ڪرڻ جي آزادي ملي ٿي. هن رپورٽ مان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته طالبان جي سرڪاري بيانن ۽ ميدان تي موجود حقيقتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، جنهن ڪري افغانستان خطي جي سلامتي لاءِ مسلسل چيلينج بڻيل آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته تاريخي لاڳاپن کي نظر ۾ رکندي طالبان ۽ ٽي ٽي پي وچ ۾ تعلقات ختم ٿيڻ جا امڪان انتهائي گهٽ آهن. ڪجهه اندازن مطابق صرف 2025ع دوران پاڪستان تي ڇهه سؤ کان وڌيڪ حملا ٿي چڪا آهن، جن ۾ اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ باقاعده منصوبابندي هيٺ ڇوڪرين جي اسڪولن تي نه رڳو حملا ڪيا ويا پر انهن کي باهه به ڏني وئي. ياد رهي ته پاڪستان تي ٿيندڙ اهي حملا گهڻو ڪري پيچيده نوعيت جا هئا، جن ۾ هڪ ئي وقت گاڏين ۾ لڳايل بارودي مواد ۽ گڏوگڏ خودڪش حملي آورن جي پيادل ٽيمون به استعمال ڪيون ويون.

اقوامِ متحده جي رپورٽ موجب ٽي ٽي پي جي جنگجوئن جو انگ لڳ ڀڳ ڇهه هزار آهي، جيڪي افغانستان جي خوست، ڪنڙ، ننگرهار ۽ پڪتيڪا صوبن ۾ رهائش پذير آهن، جڏهن ته هن تنظيم جي سربراهه نور محمد ولي جي ڪابل ۾ رهائش بابت به اطلاع آهن. سرحدي رستن جي بندش سبب افغان معيشت کي لڳ ڀڳ ڏهه لک ڊالر جو نقصان ٿي رهيو آهي. چمن سرحدي گذرگاهه جي بندش سبب پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ به عام زندگي مفلوج ٿي وئي آهي. پشتون قبائلي جرڳن طرفان سرحد کولڻ جو مطالبو وڌندڙ انساني ۽ معاشي نقصان جي واضح نشاندهي ڪري ٿو. چمن، طورخم ۽ ٻين ننڍين سرحدي گذرگاهن تي عام ماڻهن جي زندگي واپار، مزدوري، ٽرانسپورٽ ۽ آمدرفت سان ڳنڍيل آهي. سرحد بند ٿيڻ سان ماڻهن جو ڪاروبار اوچتو ختم ٿي وڃي ٿو ۽ دڪاندارن، مزدورن، ڊرائيورن ۽ واپارين لاءِ زندگي گذارڻ ڏکيو بڻجي وڃي ٿو. ان سان گڏ ڪيترائي خاندان سرحد جي ٻنهي پاسن تي رهندي رشتيداري، شادي ۽ روزگار جي سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، جنهن سبب والدين ٻارن کان، مڙس زال هڪ ٻئي کان ۽ مريض علاج کان محروم ٿي وڃن ٿا. جيڪي ٽرڪ ڊرائيور ماڻهن جو سامان کڻي رستي ۾ ڦاسي پون ٿا، انهن کي کاڌ خوراڪ ۽ آمدني جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

سيڪيورٽي خدشا پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل حقيقت آهن، پر سرحدي علائقن ۾ سخت سيڪيورٽي ۽ آمدرفت جي بندش سبب عوام جو رياست تي اعتماد گهٽجندو وڃي ٿو، ڇو ته اهڙيون پاليسيون، جيڪي عام ماڻهن جي زندگي اجيرن بڻائين، مسئلا گهٽائڻ بدران وڌائين ٿيون. اقوامِ متحده جي هن رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل جنوري ۾ ٽي ٽي پي پنهنجي حملن جي هدفن ۾ پاڪستاني فوج جي ملڪيت هيٺ هلندڙ ڪاروبار به شامل ڪري ورتا آهن ۽ چيني ادارن خلاف ڪارروائين ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. ياد رهي ته آگسٽ 2021ع ۾ جڏهن طالبان ڪابل تي قبضو ڪري رهيا هئا، تڏهن ان وقت جي حڪمرانن وڏي جوش سان خوشي جو اظهار ڪيو هو، جڏهن ته ان وقت به ڪيترن ترقي پسند دانشورن رياستي سوچ رکندڙ حلقن کي تصوير جا ٻئي رخ ڏيکاري چيو هو ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي نظرياتي طور مڪمل هم آهنگ آهن ۽ انهن جو نظريو رڳو افغانستان تائين محدود ناهي، بلڪه هو پوري خطي کي پنهنجي نظرياتي دائري ۾ آڻڻ چاهين ٿا.

وقت جي تقاضا اها آهي ته ٽي ٽي پي بابت پنهنجين غلط پاليسين تي سنجيدگي سان نظرثاني ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هتي دهشتگردي خلاف بندوق ۽ بارود ته استعمال ٿيو آهي، پر انتهاپسند ذهنيت خلاف فڪري ۽ ذهني سطح تي ڪو اثرائتو قدم نه کنيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.