بنگلاديش چونڊون 2026: اقتدار جي سياست ۾ نوان امڪان

مسرور احمد

بنگلاديش ۾ امڪاني عام چونڊون 2026 رڳو هڪ آئيني عمل نه آهن، پر ڊگهي سياسي ڇڪتاڻ جو منطقي انجام بڻجڻ پيون وڃن. اهي چونڊون ان سوال جو جواب ڏينديون ته ڇا بنگلاديش واقعي جمهوري راهه تي موٽي رهيو آهي يا اقتدار جي پراڻي سياست نون چهرا کڻي پاڻ کي ٻيهر ورجائيندي.

پندرهن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين اقتدار ۾ رهندڙ عوامي ليگ هڪ ڀيرو ٻيهر عوامي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل نظر اچي ٿي، جڏهن ته بنگلاديش نيشنل پارٽي (BNP)، جماعت اسلامي ۽ نئين نيشنل سٽيزن پارٽي نئين سياسي منظرنامي جي تشڪيل ۾ مصروف آهن۔ جيڪڏهن سياسي فضا جو غيرجانبدار جائزو ورتو وڃي ته هن وقت بنگلاديش نيشنل پارٽي واضح طور سڀ کان مضبوط اميدوار طور سامهون اچي ٿي۔ عوامي ليگ جي ڊگهي حڪمراني، رياستي ادارن تي غيرمعمولي ڪنٽرول، مخالف ڌر خلاف سخت قدم ۽ يڪطرفيون چونڊون عوام جي وڏي حصي ۾ شديد بيچيني پيدا ڪري چڪيون آهن۔ اها ئي بيچيني BNP لاءِ سياسي سرمايو بڻجندي نظر اچي ٿي۔ جيڪڏهن چونڊون نسبتاً شفاف ٿيون ۽ عوامي ليگ پوري قوت سان ميدان ۾ نه اچي سگهي ته BNP لاءِ پارلياماني اڪثريت حاصل ڪرڻ ڪا ڏورانهين ڳالهه نه هوندي۔

تنهن هوندي به هي معرڪو هڪ طرفو ناهي۔ جماعت اسلامي، جنهن کي ماضي ۾ سياسي طور ڀت سان لڳائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، هاڻي ٻيهر منظم ۽ متحرڪ نظر اچي ٿي۔ مذهبي ووٽر، شهري وچولو طبقو ۽ نظام کان نالان حلقا جماعت ڏانهن متوجه ٿي رهيا آهن۔ ڪيترن حلقن ۾ BNP ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڏاڍو سخت مقابلو متوقع آهي، جيتوڻيڪ قومي سطح تي جماعت لاءِ اڪيلي حڪومت ٺاهڻ ڏکيو نظر اچي ٿو۔ وڌيڪ امڪان اهو آهي ته جماعت اسلامي ايندڙ پارليامينٽ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪندي، ڀلي اهو اتحاد جي صورت ۾ هجي يا اپوزيشن جي توازن طور۔

انهيءَ دوران نيشنل سٽيزن پارٽي بنگلاديشي سياست ۾ هڪ نئين آواز طور اڀري آهي۔ هي پارٽي پاڻ کي پراڻي سياسي اشرافيه جي مقابلي ۾ هڪ متبادل طور پيش ڪري ٿي۔ نوجوان، تعليم يافته ۽ شهري ووٽر ان جي بنيادي طاقت آهن۔ جيتوڻيڪ تنظيمي ڪمزوري ۽ وسيلن جي کوٽ ان جا وڏا مسئلا آهن، پر اها حقيقت نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته هي پارٽي ڪيترين ئي سيٽن تي روايتي جماعتن جو راند بگاڙي سگهي ٿي۔

ٻئي پاسي بنگلاديش مسلم ليگ هن چونڊ ڊوڙ ۾ عملي طور غيرموثر نظر اچي ٿي۔ بنگلاديش مسلم ليگ پنهنجون پاڙون آل انڊيا مسلم ليگ سان جوڙي ٿي، جنهن کي هڪ پرو پاڪستان بنگلاديشي سياسي اڳواڻ ۽ مشهور رضاڪار عبدالصبور خان زنده رکيو، پر نه هن پارٽي وٽ عوامي جڙون آهن ۽ نه ئي ڪو موثر قومي بيانيه۔ اهڙيءَ طرح کاٻي ڌر جون جماعتون، جيتوڻيڪ نظرياتي طور سرگرم آهن، پر عوامي سطح تي انهن جو اثر محدود آهي۔ البت اهي جماعتون انساني حقن، مزدورن جي مسئلن ۽ چونڊ شفافيت بابت اهم آواز ضرور بلند ڪري سگهن ٿيون۔

هن سڄي منظرنامي ۾ سڀ کان تڪراري سوال اهو آهي ته ڇا عوامي ليگ کي چونڊن کان ٻاهر رکڻ مفادِ عامه ۾ درست آهي؟ عوامي ليگ تي الزام پنهنجي جاءِ تي آهن ته هن جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪيو ۽ سياسي مخالفن کي دٻايو، پر ڪنهن وڏي جماعت کي چونڊ عمل کان ٻاهر ڪرڻ به جمهوري اصولن جي ابتڙ آهي۔ اهڙي حڪمتِ عملي عارضي طور سياسي رليف ته ڏئي سگهي ٿي، پر ڊگهي مدي ۾ اها سياسي انتقام، عدم استحڪام ۽ عوامي ورهاست کي جنم ڏئي سگهي ٿي۔ اصل امتحان اهو هيو ته عوامي ليگ کي شفاف چونڊن ۾ عوامي فيصلي جي سامهون آندو وڃي ها۔

هتي شيخ حسينه واجد جي سياسي سفر جو ذڪر به اڻ ٽر بڻجي ٿو۔ چار ڀيرا وزيراعظم رهندڙ حسينه واجد معاشي ترقي ۽ انفراسٽرڪچر جا ڪيترائي منصوبا ضرور ڏنا، پر طاقت جي لڳاتار مرڪوز ٿيڻ هن جي سياست کي عدم برداشت ۽ مرڪزيت ڏانهن ڌڪي ڇڏيو۔ اپوزيشن تي سختيون، ميڊيا تي دٻاءُ، تڪراري چونڊون ۽ اداراجاتي سياست آهستي آهستي عوامي اعتماد کي کوکلو ڪري ڇڏيو۔ اهڙيءَ ريت مضبوط سياسي ورثي واري اڳواڻ جو سياسي مستقبل پاڻ ئي پنهنجي پاليسين جي بار هيٺ دبجي ويو۔

معاشي محاذ تي به بنگلاديش نازڪ دور مان گذري رهيو آهي۔ زرمبادلي جي ذخيرن تي دٻاءُ، مهانگائي، توانائي بحران ۽ عالمي مالي ادارن تي انحصار معيشت جي ڪمزورين کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي۔ ايندڙ حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج سياسي استحڪام سان گڏ معاشي سڌارا هوندا۔ جيڪڏهن نئين قيادت شفاف حڪمراني، برآمدات جي واڌ ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد تي ڌيان ڏنو ته معيشت سنڀالي سگهجي ٿي، ٻي صورت ۾ بحران وڌيڪ گهرو ٿي سگهي ٿو۔

چونڊن جي شفافيت هن سڄي عمل جي جان آهي۔ نگران حڪومت جي غيرجانبداري، اليڪشن ڪميشن جي خودمختياري، انتظاميه ۽ سيڪيورٽي ادارن جو غيرسياسي ڪردار ۽ ميڊيا جي آزادي اهي سڀ عنصر طئي ڪندا ته 2026 جون چونڊون بنگلاديش جي تاريخ ۾ هڪ مثبت موڙ ثابت ٿينديون يا هڪ ٻيو تڪراري باب بڻجنديون۔

علاقائي سطح تي هي چونڊون پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي لاءِ اهم آهن۔ پاڪستان لاءِ هي هڪ موقعو آهي ته هو نئين بنگلاديشي قيادت سان لاڳاپا نئين سر قائم ڪري، واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن کي بهتر بڻائي۔ ٻئي طرف ڀارت، جيڪو ڊگهي عرصي کان عوامي ليگ جو ويجهو اتحادي رهيو آهي، هڪ مختلف سياسي سيٽ اپ ۾ پنهنجي اثر و رسوخ ۾ گهٽتائي محسوس ڪري سگهي ٿو، خاص طور جيڪڏهن نئين حڪومت وڌيڪ متوازن پرڏيهي پاليسي اختيار ڪري۔ آخر ۾ سوال اهو ئي آهي ته ڇا اهي چونڊون بنگلاديش ۾ قومي اتحاد پيدا ڪنديون يا وڌيڪ نفرت کي جنم ڏينديون؟ ان جو دارومدار سياسي قيادت جي روين، ادارن جي غيرجانبداري ۽ عوامي فيصلي جي احترام تي آهي۔ بنگلاديش هن وقت تاريخ جي هڪ نازڪ موڙ تي بيٺو آهي۔ جيڪڏهن هن موقعي کي دانائي سان استعمال ڪيو ويو ته ملڪ جمهوري استحڪام ۽ معاشي بحالي ڏانهن وڌي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ اقتدار جي پراڻي سياست نون بحرانن کي جنم ڏئي سگهي ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.