اقتدار ۾ ويٺل طاقتور پوڙها مرد ۽ عورتون، اوهان لاءِ هاڻي سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي۔ نوجوان نسل اوهان جيڪو ڪجهه وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، اهو ڪجهه به خريد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي۔ اوهان اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪيترا به ليڪچر ۽ سيمينار ڪرائي ڇڏيو، محبِ وطن هجڻ (پيٽرياٽزم) کي هٿي ڏيڻ جي ڪيتري به ڪوشش ڪريو، اهو سڀ بي اثر ٿي چڪو آهي۔
محبِ وطن هجڻ وارو جذبو زبردستي پيدا نٿو ٿئي، اهو تڏهن پاڻمرادو جنم وٺي ٿو جڏهن برابر موقعا هجن، مضبوط انفراسٽرڪچر هجي ۽ هڪ اثرائتو نظام موجود هجي۔ جڏهن اوهان پنهنجي ماڻهن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪريو ۽ سندن حقن جي ضمانت ڏيو، تڏهن اوهان کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ وڃي شاگردن کي اهو سمجهائڻو ئي نه پوندو ته هو پنهنجي ملڪ سان محبت ڪن اهي پاڻ ئي ڪندا۔
نوجوان ذهن، جنريشن زي ۽ الفا، چڱيءَ طرح سمجهن ٿا ته ڇا ٿي رهيو آهي۔ اوهان جي لاڳيتن ڪوششن باوجود ته کين پنهنجو محبِ وطن هجڻ وارو نقطهءِ نظر وڪرو ڪيو وڃي، اهي سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهن۔ انٽرنيٽ جي بدولت ۽ ان ٿوري گهڻي تعليم جي ڪري جيڪا اڃا باقي آهي اوهان جي بهترين ڪوششن باوجود به، ته ماڻهن کي جيترو ٿي سگهي اڻ پڙهيل رکيو وڃي، اوهان ناڪام ٿي چڪا آهيو۔
اوهان ناڪام ٿي ويا آهيو ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ ۾ ته کين ڇا سوچڻ گهرجي، ڇو ته هاڻي ماڻهو پاڻ سوچين ٿا۔ شايد اهي پنهنجا خيال زور سان چوڻ کان ڊڄن ٿا، ڇو ته هو ساهه کڻڻ پسند ڪن ٿا، پر اوهان جي پاڻ ٺاهيل نيڪي ۽ فضيلت جي نقاب کي هو صاف ڏسي رهيا آهن۔
اوهان زور زبردستي سان اقتدار ۾ رهي سگهو ٿا، پر ماڻهن کي اوهان سان ڪا دلچسپي ناهي۔ اوهان بغير سيڪيورٽي جي گهر کان ٻاهر به نٿا نڪري سگهو؛ جيڪڏهن اهو اوهان جي عوامي مقبوليت بابت ڪجهه نٿو ٻڌائي، ته پوءِ اوهان کي سنجيدگي سان حالتن جو جائزو وٺڻ گهرجي۔
نوجوانن لاءِ هاڻي It is Over آهي .۽ ڇاڪاڻ ته هنن سکيو آهي ته هو طاقتور ماڻهن کي سڌيءَ ريت چئلينج نٿا ڪري سگهن، ان ڪري هو ملڪ ڇڏڻ لڳا آهن۔ اهو خيالي سوچ هوندي ته هو ڪرپشن خلاف ڪا وڏي تحريڪ هلائيندا۔ هو خاموشي سان نڪري ويندا ۽ موٽي نه ڏسندا، ڇو ته جيڪي دوست ڳالهائي رهيا هئا، تن کي خاموش ڪيو ويو۔ پر بومرز لاءِ، هاڻي سڀ ڪجهه ختم آهي۔ انهن جو ڪو مستقبل ناهي۔ نوجوان آبادي ۽ موجوده حڪمرانن جي وچ ۾ هڪ وڏو وٿي آهي ڪا به گڏيل زمين موجود ناهي۔
جنريشن زي کي هاڻي تيز انٽرنيٽ گهرجي، جڏهن ته اقتدار وارا مضبوط فائر وال چاهين ٿا۔ جنريشن زي کي سستا اسمارٽ فون گهرجن، بومرز انهن تي ٽيڪس لڳائڻ چاهين ٿا۔ جنريشن زي فري لانسنگ تي پابنديون نرم ڪرڻ چاهي ٿي، بومرز وڌيڪ ضابطا لاڳو ڪرڻ جا خواهشمند آهن۔
انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪو به گڏيل نقطو ناهي۔ اهو ئي سبب آهي جو بومرز هارائي چڪا آهن۔اوهان جيتريون مرضي جنگيون ڪرائي ڇڏيو، جنريشن زي انهن تي ميِمز ٺاهي ڇڏيندي۔ مين اسٽريم ميڊيا کي سينسر ڪريو، جنريشن زي Rumble، YouTube ۽ Discord جهڙن پليٽفارمن ڏانهن ٽپو ڏئي پنهنجي ڳالهه رکي ڇڏيندي۔ بومرز، هاڻي اوهان خيالن کي سينسر نٿا ڪري سگهو۔ اهي ڏينهن ختم ٿي ويا جڏهن اوهان ماڻهن کي بيوقوف بڻائي سگهندا هئؤ۔ هاڻي ڪو به بيوقوف نٿو بڻجي۔ ها، اسان وٽ لائبريريون ناهن۔ ها، اسين اپارٽمينٽ ڪرائي تي به نٿا وٺي سگهون۔
ها، ڪار خريد ڪرڻ به اسان جي وس کان ٻاهر آهي۔ اوهان جي ”مهربانين“ جي نتيجي ۾، جيڪا معيشت اسان کي ورثي ۾ ملي آهي، اها اوهان جي اخلاق کان به وڌيڪ خراب آهي۔ پر ان سڀ جي باوجود، اسين اڳتي وڌندا رهون ٿا ڪتابن ۾، سوشل ميڊيا ۾، ڪيفي شاپس ۾ (جيتري مون کي انهن کان نفرت آهي)، ۽ ڊبل پيٽي بيف برگرن ۾ سڪون ڳوليندي۔ اسين گندي پاڻيءَ ۾ ترندا رهون ٿا۔ اسين اوهان جون ٽي وي تقريرون نٿا ڏسون، ڇو ته گهڻو ڪري اوهان جيڪو چوندا آهيو، اهو کل جو سامان هوندو آهي۔ ان لاءِ اسان وٽ اسٽينڊ اپ ڪاميڊي موجود آهي، پوءِ مين اسٽريم ميڊيا ڇو ڏسون؟
وقت بدلجي رهيو آهي، ۽ اوهان جيترو جلد اهو سمجهو، اوترو بهتر۔ پر اوهان کي پرواهه ئي ڪانهي۔ اوهان جا ٻار ٻاهر آهن، اوهان روزانو لکين ڪمائي رهيا آهيو، اوهان وٽ لامحدود طاقت آهي، بهترين کاڌو کائو ٿا ۽ صاف پاڻي پيو ٿا پوءِ اوهان کي پرواهه ڇو ٿيندي؟ پر اها پرواهه تڏهن ٿيندي، جڏهن اوهان کي خبر پوندي ته ڪو به اوهان جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي۔ ڄاڻو ٿا ڇو؟ ڇو ته جنريشن زي ڪنن ۾ هيڊفون لڳائي Spotify جو پيڪيج کنيو ويٺي آهي۔ جيڪڏهن حالتون ناقابلِ برداشت ٿي ويون ته اڌ وٽ ملڪ ڇڏڻ جا وسيلا هوندا ۽ باقي اڌ اوهان کي پنهنجي ميوزڪ ٻڌائيندو ۽ اها اوهان لاءِ سٺي نه هوندي.
بومرز، اسان ٿڪجي پيا آهيون۔
اسان هاڻي اوهان جو بيانيه خريد نٿا ڪريون۔
اهو پراڻو ٿي چڪو آهي۔