2025ع پاڪستان جي پاڻي جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو موڙ ثابت ٿيو، جيڪو هڪ وڏي ٻوڏ ۽ شروعاتي سوڪھڙي سبب ياد ته رکيو ويندو، پر ان سال اھا حقيقت پڻ پڌري ڪئي ته پاڻي فقط فني يا موسمي مسئلو ناھي، پاڻي قومي سلامتي، صوبن جي حقن، وفاقي اتحاد، معاشي بقا، عوامي صحت ۽ ڏکڻ ايشيا جي پاڻي واري سفارتڪاريءَ جو مرڪزي محور پڻ بڻجي چڪو آھي۔
سڄي سال دوران پاڪستان هڪ ئي وقت ڪيترن ئي آبي صدمن کي منهن ڏنو: سراسري کان گهٽ برساتن وارو سيارو، تاريخي گرمي جون لھرون، غير معمولي چؤماسو، سرحد پار آبي ڇڪتاڻ، ۽ ملڪ اندړ صوبن جي وچ ۾ پاڻي ورڇ بابت شديد بي اعتمادي۔ انهن سڀني عنصرن گڏجي اھا ڳالهھ چٽي ڪئي ته پاڻي رڳو ڊيمن، بيراجن، واهن يا ٽيڪنيڪل انتظام جو مسئلو ناھي۔ 2025ع اهو واضح ڪري ڇڏيو ته پاڻي اصل ۾ حڪمراني، طاقت ۽ بقا جو سوال آهي۔
2025ع جا اهم آبي واقعا:
هي بحران ڪنهن هڪ واقعي جو نتيجو نه هو، بلڪه سڄي سال دوران وقت بوقت ٿيندڙ اهڙن واقعن جو سلسلو هو، جن گڏجي ملڪ کي مستقل غيريقينيءَ ۾ رکيو۔ فيبروري ۽ مارچ ۾ پاڻي کوٽ جا ابتدائي اشارا سامهون آيا، ۽ ساڳئي وقت نون واهن بابت پراجيڪٽ صوبائي تڪرار جو بنياد بڻيا۔ سنڌ پنھنجي آئيني ۽ تاريخي حقن لاءِ ھڪ بي مثال سماجي تحرڪ کي ڪامياب ڪيو، جيڪا اھنسا ۽ جمھوري بنيادن تي پروان چڙھي ھئي۔ اپريل 2025ع ۾ پهلگام واقعي کان پوءِ سنڌو طاس معاهدي جي معطلي ھندستان جي ھڪ وڏي بي وقوفي ۽ آبي جارحيت ثابت ٿي، جنھن جو پاڪستان عاليشان سفارتي جواب ڏنو، معلومات/ڄاڻ جي ڏي وٺ ھندستان بند ڪئي ۽ ان سان فني هم آهنگي عملي طور ختم ٿي وئي۔ مئي ۽ جون ۾ شديد گرمي پوري پاڪستان کي پنھنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو۔ ان ڪري ۽ آڳاٽي خريف جي گھرجن پاڻيءَ جي طلب کي غيرمعمولي حد تائين وڌائي ڇڏيو۔ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ تيز ۽ اوچتن چؤماسي جي برساتن سان صورتحال يڪدم بدلجي وئي؛ شهري ٻوڏون، درياھن جي چاڙهه ۽ لکين ماڻهن جي لڏپلاڻ/ بي گهري سامهون آئي، ھندستان ۾ پڻ شديد مينھن اتي ٻوڏ کانپوءِ، ھيٺ ڇڏيل پاڻي پاڪستاني پنجاب ۾ شھرن توڻي ٻھراڙين ۾ وڏي تباھي ۽ ڀوڏ آڻي چڏي۔ ساڳئي عرصي ۾ اتر علائقن ۾ گليشيرائي ٻوڏون رپورٽ ٿيون۔ سيپٽمبر تائين ذخيرن ۾ پاڻي وڌيو، پر آڪٽوبر ۾ ڪنڙ نديءَ تي ڊيم تعمير بابت افغانستان جي اعلان نئون آبي محاذ کوليو۔ سال جي پڇاڙيءَ تائين سنڌو ڊيلٽا بابت ڳڻتيون، بئراجن تي ھلندڙ ڪمن جي اڪلاءُِ بابت سوال ۽ شهري پاڻي منصوبن جي دير اهو واضح ڪري ڇڏيو ته 2025ع موسمي نه، پر اسٽرڪچريل/ ھئيتي بحرانن جو سال هو۔
سرحد پار آبي سياست:
ڇهه ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين سنڌو طاس معاهدو جنھن ماحولياتي طور تي سنڌ ۽ پاڪستان کي وڏو ڇيھو رسايو آھي، عالمي سطح تي هڪ ڪامياب مثال سمجھيو ويندو رهيو آھي۔ اپريل 2025ع ۾ اهو توازن ٽٽي پيو۔ معاهدي جي معطلي سان پاڻي سڌي طرح قومي سلامتيءَ سان ڳنڍجي ويو۔ ڊيٽا شيئرنگ/معلومات جي ڏي وٺ واري معاھدي کي بند ڪرڻ ھندستان جي امن کي تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ھئي۔ اھا معلومات ٻوڏ بابت اڳڪٿي، آبپاشي ۽ ريزروائر مئنيجمينٽ جي لاءِ گھڻي اھميت رکي ٿي؛ جيتوڻيڪ پاڪستان ان وٿي کي عالمي ڊيٽا بيس ۽ ٻين ذريعن مان ڀري ورتو۔
پاڪستان لاءِ هي صورتحال وجودي هئي۔ سنڌو، جهلم ۽ چناب رڳو درياهه نه آهن؛ اهي خوراڪ، بجلي، روزگار ۽ سماجي استحڪام جو بنياد آهن۔ ان ڪري وهڪرن ۾ مداخلت کي ”جنگي ڪارروائي“ سان ڀيٽڻ جذباتي نه، پر تلخ حقيقت هئي۔ اوڀر سرحد سان گڏ، اولهه ۾ افغانستان سان به نئون آبي محاذ کليو۔ پاڻي آهستي آهستي علائقائي طاقت جي سياست جو حصو بڻجي رهيو آهي ۽ باضابطه پاڻي معاهدن جي کوٽ مستقبل ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو خطرو وڌايو آھي۔
وفاقي ۽ صوبائي تڪرار:
سنڌ لاءِ پنھنجي پاڻي جي حقن جي جستجو ھڪ مسلسل جدوجھد آھي۔ صوبن جي وچ ۾ اڳ ۾ ئي طئي ٿيل ورڇ کي نون وصفن ۽ خطرن اچي ورايو۔ ملڪي سطح تي 2025ع پاڻي ورڇ جو سوال وفاقي اتحاد لاءِ سخت امتحان بڻيو خاص طور چولستان ڪينال منصوبي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ شديد تڪرار پيدا ڪيو۔ پنجاب لاءِ اهو زرعي توسيع ۽ سيڙپڪاريءَ جي علامت هو؛ سنڌ لاءِ بقا جو سوال۔
اصل مسئلو نظرياتي نه، بلڪه هائيڊرولوجيڪل/ پاڻي جي ڦيري سان ڳنڍيل آھي: سنڌو درياھي نظام ۾ واڌو پاڻي موجود ناهي۔ بلڪه موجود پاڻي کان وڌيڪ ورھايل آھي؛ ان ڪري ئي پنجاب جي چوڻ تي ارسا ٽي سطحي فارمولا يا تاريخي وھڪرن جي حساب سان، سنڌ جي اعتراضن باوجود ورھائيندو آھي۔ وقت سان گڏ گهٽجندڙ وهڪرا، موسمي تبديلي ۽ اڳ ئي وڌايل ورڇ نظام کي نازڪ حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي۔ اهڙي حالت ۾ نوان واهه ترقي نه، بلڪه کوٽ جي ٻيهر ورڇ آھن مٿي فائدو، هيٺ نقصان! سنڌ ۾ احتجاج رڳو سياسي نعرا نه هئا؛ اهي پنھنجي جائز حقن جي گھر، ڳڻتي، محرومي ۽ بي اعتماديءَ جو اظهار هئا۔ گڏيل مفادن واري ڪائونسل(سي سي آءِ) جي مداخلت تي منصوبا عارضي طور روڪيا، پر بنيادي سوال اڃا جواب لاءِ واجھائي رھيو آهي: پاڻيءَ جي کوٽ واري دور ۾ ترقيءَ جا خواب جنھن ۾ شموليت ۽ ھيٺن جي حقن جو پاس نه ھجي، اھي ڪيئن ۽ ڇو ترتيب ڏجن؟
2025ع ۾ پاڻيءَ جي بحران جو سڀ کان سخت اثر سنڌ ۾ ڏٺو ويو۔ صوبو سوڪھڙي سان شروع ٿيو ۽ پوءِ ٻوڏ جي خطري هيٺ آيو۔ آڳاٽو خريف پاڻي لاءِ پريشان رھيو۔ وري جڏھن پاڻي ھو ته پڇڙيون اڃايل رھيون۔ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران پوري پاڪستان جيان سنڌ ۾ پڻ ھڪ اھڙي ڪمزوري آھي جنھن تي گھڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آھي۔ شهر ، خاص ڪري ڪراچي ٽينڪر مافيائن ۾ ورتل آھن؛ ٻھراڙين ۾ پاڻي مقداري ۽ معياري لحاظ سان پوئتي پيل ۽ وبائي بيمارين جي ور چڙھيل آھي۔ سنڌ حڪومت ڪافي پراجيڪٽ شروع ڪري رھي آھي۔
سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال سنڌو ڊيلٽا ۾ رهي: سالن کان ڪوٽڙي کان هيٺ مٺي پاڻي جي گهٽ وهڪري سبب سمنڊ اڳتي وڌندو رهيو آھي، زمينون کاريون ٿي رھيون آھن، سم ۽ ڪلر سامونڊي ضلعن ۾ وڌي رھي آھي؛ مينگروز/تمر جا ٻيلا پوئتي پيا آھن – هي تباهي هاڻي ماحولياتي بحث نه، پر معاشي ۽ سماجي بقا جو سوال بڻجي چڪي آهي۔
سنڌو ڊيلٽا جي تباهي 2025ع ۾ صرف ماحولياتي الميو نه رهي، بلڪه اها پاڪستان جي آبي حڪمرانيءَ جي فڪري ناڪاميءَ جو واضح ثبوت بڻجي وئي۔ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي رپورٽ ۽ ٻين عالمي تحقيقن ۾ اھا تنبيهه ڏني وئي آهي ته سنڌو جهڙن وڏن درياھي نظامن ۾ هيٺئين وهڪري ڏانهن ويندڙ پاڻي “ضايع” نه هوندو آهي، بلڪه اهو ڊيلٽائن، ساحلي معيشتن، حياتياتي تنوع ۽ موسمي لچڪ لاءِ زندگي جھڙي حيثيت رکي ٿو۔ ان جي باوجود، پاڪستان جي مٿي وارن علائقن ۽ پاليسي حلقن ۾ اڃا تائين اهو تصور غالب آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ڏانهن ويندڙ مٺو پاڻي قومي معيشت لاءِ نقصان آهي- اھو هڪ اهڙو مفروضو آھي ، جيڪو نه سائنسي بنيادن تي بيٺل آهي ۽ نه ئي ڊگهي مدي وارن معاشي حسابن سان هم آهنگ آهي۔ ايشيائي ترقياتي بئنڪ واضح طور ٻڌائي ٿي ته اهڙي سوچ نه رڳو ساحلي علائقن کي تباهه ڪري ٿي، پر ملڪ کي موسمي آفتن، سامونڊي طوفانن ۽ خوراڪ جي عدم تحفظ آڏو وڌيڪ بي واھو ڪري ٿي۔ سنڌو ڊيلٽا ڏانهن ويندڙ وهڪرو دراصل قدرتي انفرااسٽرڪچر/ ڍانچو آهي۔ اهو سمنڊ کي روڪي ٿو، زمين کي زرخيز رکي ٿو، ۽ ان هزارين سالن کان انساني تهذيب کي جيئاريو آهي۔ جڏهن ماڻھو ان وهڪري کي ”ضايع ٿيڻ“ سڏين ٿا، تڏهن هو اصل ۾ مستقبل کي ضايع ڪري رهيا آهن۔ 2025ع اهو سال هو، جنهن ثابت ڪري ڇڏيو ته ڊيلٽا کي پاڻي نه ڏيڻ ترقي نه، پر قومي پائيداري کان نابري وارڻ آھي۔
موسمي شدت: بحرانن کي وڌائيندڙ عنصر
2025ع موسمي تبديلي جي شدت ۽ اھميت کي اجاگر ڪيو، اھو عنصر هر ڪمزوري کي ٻيڻو ڪري ٿو؛ اتر ۾ برف تيزيءَ سان پگهرڻ لڳي؛ گليشيرائي ٻوڏن نوان خطرا پيدا ڪيا۔ پوءِ آيو چؤماسو: تيز، غيرمتوقع ۽ تباهه ڪندڙ؛ جنهن شهري ٻوڏون، درياھن جي چاڙهه، لکين ماڻهن جي بي گهري ۽ وڏي زرعي نقصان کي جنم ڏنو۔ اهي الڳ الڳ حادثا نه هئا؛ اهي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل صدما هئا، جيڪي تياريءَ جي کوٽ کي وائکو ڪري ويا۔
سال جي پڇاڙيءَ تائين نقصان رڳو معاشي نه رهيو۔ ٻوڏن ترقيءَ جي رفتار گهٽائي، رليف خرچن سان خزانو دٻاءَ هيٺ آيو، ۽ موافقت/ ايڊاپٽيشن لاءِ سيڙپڪاري ناڪافي رهي۔ پر سڀ کان وڏو نقصان ادارتي هو: اعتماد جو نقصان، رٿابنديءَ جي ساک جو نقصان۔ 2025ع ثابت ڪيو ته پاڪستان جو پاڻي بحران اصل ۾ حڪمرانيءَ جو بحران آهي: ڪمزور ادارا، ردِعمل تي ٻڌل پاليسيون ۽ سياسي بنيادن تي فيصلا۔
2025ع جو سبق صاف آهي: پاڻي هاڻي پٺتي رهندڙ مسئلو نه رهيو آھي۔ اهو پاڪستان جي خوراڪ، صحت، صوبن جي حقن سان سلھاڙيل وفاقي وحدت، موسمي لچڪ ۽ علائقائي امن جو مرڪزي ٿنبو بڻجي چڪو آهي۔ سرحدن تي پاڻي ۽ ٻين مسئلن تي ڇڪتاڻ هجي، صوبن وچ ۾ بي اعتمادي هجي، يا سنڌو ڊيلٽا جي خاموش تباهي حقيقت هڪ ئي آهي۔ جيڪڏهن حڪمرانيءَ ۾ بنيادي سڌارا، گڏيل آبي رٿا بندي، شفاف ڊيٽا ۽ سياسي همت پيدا نه ڪئي وئي، ته 2025ع پيو پاڻ کي ورجائيندو۔
2025ع جو سبق صاف آهي: پاڻي هاڻي پٺتي رهندڙ مسئلو نه رهيو آھي۔ اهو پاڪستان جي خوراڪ، صحت، صوبن جي حقن سان سلھاڙيل وفاقي وحدت، موسمي لچڪ ۽ علائقائي امن جو مرڪزي ٿنبو بڻجي چڪو آهي۔ سرحدن تي پاڻي ۽ ٻين مسئلن تي ڇڪتاڻ هجي، صوبن وچ ۾ بي اعتمادي هجي، يا سنڌو ڊيلٽا جي خاموش تباهي حقيقت هڪ ئي آهي۔ جيڪڏهن حڪمرانيءَ ۾ بنيادي سڌارا، گڏيل آبي رٿا بندي، شفاف ڊيٽا ۽ سياسي همت پيدا نه ڪئي وئي، ته 2025ع پيو پاڻ کي ورجائيندو۔