ڪجهه موڪلاڻيون رڳو هڪ شخص جو دنيا مان وڃڻ جو اعلان نه ڪنديون آھن، پر ھڪ عھد جي پڄاڻي ۽ نه ڀرجندڙ خال جو ڏس ۽ ڏک پڻ ڏينديون آھن. سائين محمد ادريس راجپوت جي وڇوڙي سان سنڌ اهڙي ئي لمحي مان گذري رهي آهي. هو رڳو هڪ آبپاشي انجنيئر نه هو، نه ئي صرف سنڌ جو اڳوڻو سيڪريٽري آبپاشي ۽ پاڻي جو ماھر. هو اصل ۾ هڪ فرض شناس منتظم، ۽ اھڙا استاد هئا، جن واهن، بندن، پاڻي جي وهڪرن، ٻوڏن، پڇڙي جي کوٽن، موسمياتي ڦيرگھير، ڊيلٽا لاءِ پاڻي، ڪالاباغ جي نقصانن واري فني ٻولي کي عام ماڻهن جي سمجهه ۾ ايندڙ بياني ۾ تبديل ڪيو.
پاڪستان جهڙي ملڪ ۾، جتي پاڻي بابت بحث اڪثر نعرا بڻجي وڃن ٿا، يا فني اصطلاحن جي اوٽ ۾ لڪي پنھنجي معني وڃائي سياسي شور ۾ گم ٿي وڃن ٿا، اتي راجپوت صاحب هميشه سادگي ۽ وضاحت تي زور ڏنو. سندن يقين هو ته آبادگار، سياستدان، صحافي، انجنيئر ۽ عام شهري کي آبپاشي نظام بابت سمجھ ھجڻ ضروري آھي۔ ته اھو نظام ڪيئن هلي ٿو ۽ ڪيئن ناڪام ٿئي ٿو۔ ايئن ڪرڻ سان کين مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهو ئي يقين سندس سرڪاري زندگي ۽ لکڻين ٻنهي جو بنياد رهيو.
سائين راجپوت صاحب انجنيئرنگ ۽ انتظام ڪاري کي فيلڊ ۾ سخت محنت سان پڪو ڪيو ۽ سوچ، بحث، سکيا ۽ تدبر سان اڳتي وڌيو۔ سائين واهن ۽ آبپاشي سرشتي کي صرف اڏاوتي گھاڙيٽو نه پر ھلندڙ ھڪ جيئرو نظام سمجھيو، جن کي ھر وقت ڏسڻ ۽ سنڀالڻ جي ضرورت ھجي ٿي۔ واھ ريگيوليٽر، بند، بئراج، ان سان لاڳاپيل دستاويز، رپورٽون، مينوئل، اڀياس، آفتن واري حالتن، ٻوڏ ۽ کوٽ ۾ انتظام ڪاري سندس ڪم، گفتگو، قلم ۽ فڪر جو حصو رھيا۔ سنڌ آبپاشي کاتي ۾ اعليٰ عهدن تي رهندي به، هن ڪڏهن آفيس کي مشاهدي جو متبادل نه بڻايو. جن انجنيئرن سائين جي ماتحتي ۾ ڪم ڪيو ته کين شفقت سان گڏ سختي، صحيح ڪم جي ترجيح، کاتي لاءِ فڪر مندي جھڙا گُڻ سکڻ جو موقعو مليو۔ نوڪري ۾ ھوندي يا رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪنسلٽنٽ طور، سائيٽ وزٽن، بندن جي طبعي جاچ، ۽ عملي ۽ آبادگارن سان ڊگھن بحثن سان ڪم جي معيار کي مقدم رکيو . اھا سکيا اڄ جي نوجوان انجنيئرن کي ڏيڻ وارا سينيئر شايد ئي ڪي ھجن۔ سندن عملي زندگي ھڪ اھڙو اھم سکيا جو مينوئل آھي جنھن جي سنڌ جي پاڻي سان لاڳاپيل انجنيئرن ۽ فردن کي ڏسڻ جي ضرورت آھي۔
پر ھڪ اھم وصف ۽ گُڻ جيڪو کين ٻين کان الڳ ڪري ٿو، اهو سندن پاڻي جي خشڪ ۽ ڏکئي موضوع تي آسان ۽ سمجھه ۾ ايندڙ لکڻيون آهن۔ نوڪري ۾ ھوندي آبپاشي جا مينيوئل ۽ خاص ڪري رٽائرمينٽ کان پوءِ مسلسل ڪالم ۽ ليک! راجپوت صاحب اخبارن ۾ سادي سنڌي ٻولي ۾ ڪالم لکيا، ڪتاب لکيا، پمفلٽ، ۽ تجزياتي نوٽس تيار ڪيا۔ هنن آبپاشي کي ڪنهن ڳجهي سائنس طور پيش نه ڪيو، جيڪا رڳو انجنيئرن لاءِ هجي، پر هڪ اهڙو عوامي نظام بڻائي پيش ڪيو، جنهن تي ماڻهن جو حق آهي. بئراجن جي جوڙجڪ هجي، پاڻي جي ورڇ جي سياست هجي، يا پڇڙين علائقن کي نظرانداز ڪرڻ جا خطرا، يا مٿي خطرناڪ منصوبا ھجن، هر موضوع تي سندن بنيادي ھڪ ڳالهه هئي: پاڻي جي بدانتظامي ڪڏهن به اڻڌُري نٿي رهي؛ اهو هميشه ڪنهن نه ڪنهن کي نقصان پهچائي ٿي، ۽ اڪثر ڪري ڪمزور کي وڌيڪ ڇيھو رسائي ٿي۔
ڪالاباغ ڊيم بابت سندس تنقيد جذباتي نعري بازي نه هئي۔ اها هائيڊرولڪس، تاريخ ۽ سنڌ جي واهن ۽ ڊيلٽا جي عملي تجربي تي ٻڌل هئي. هن صبر سان وري وري سمجهايو ته وهڪرن ۾ گهٽتائي ڪيئن سامونڊي چاڙھ وڌائي ٿي ، زمين کي کارو ڪري ٿي، ماھيگيري کي تباهه ڪري ٿي، ۽ روزگار کي نقصان پهچائي ٿي. اهڙي ريت هن سنڌ کي اهو شعور ڏنو ته هو پنهنجا خدشا نعرا نه، پر دليلن سان پيش ڪري. اهو به اهم آهي ته راجپوت صاحب صوبي جي اندر انتظامڪاري سان گڏ ، سنڌ جي پاڻي جي قانوني حقن جو مضبوط دفاع ڪيو، پر ساڳي وقت اندروني ناڪامين تي به پردو نه وڌو: ناقص سار سنڀال، سياسي بنيادن تي مقرريون، ٺيڪن ۾ گھٽ وڌائي ، ۽ سينئر آفيسرن جو فيلڊ کان پري ٿي وڃڻ جي معاملي تي کليل ڳالھايو۔ جڏھن به سنڌ حڪومت سمجھيو، ته ھاڻ معياري ڪم ڪرڻو آھي، خاص ڪري ۲۰۱۰ جي ٻوڏن کانپوءِ جي ڪمن لاءِ سائين جي ايمانداري ۽ انجنيئري سمجھه جو ڪو متبادل ڪو نه ھو۔ سندن صاف گوئي ڪيترن لاءِ اڻ وڻندڙ هئي، پر گهڻن لاءِ قابلِ اعتبار پڻ. هن سنڌ کي ياد ڏياريو ته ٻاهرين ناانصافين جو مطلب اهو ناهي ته اندروني بدانتظامي کي نظرانداز ڪيو وڃي.
اڄ جڏهن سنڌ موسمياتي تبديلي، وڌيڪ شديد ٻوڏن، ۽ مرجھايل ڊيلٽا جي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي، تڏهن راجپوت صاحب جي سوچ ۽ عملي زندگي جي اهميت وڌي وڃي ٿي. اهڙن وقتن ۾ وڏن منصوبن جنھن جي نتيجي ۾ وڏا ٺيڪا ھجن ۽ تڪڙن ۽ اڻ لاڳاپيل حلن جي ڳولا عام هوندي آهي، پر سندن زندگي هڪ مختلف سبق ڏئي ٿي: جيڪڏهن فيلڊ جون زميني حقيقتون، طرزِ حڪمراني جون ناڪاميون، ۽ پڇڙي واري علائقن جا آواز نظرانداز ڪيا ويندا، ته ڪا به ٽيڪنالاجي يا ڪو به وڏو پراجيڪٽ ڪامياب نٿو ٿي سگهي.
سندن ورثي کي اڳتي وڌائڻ جو مطلب رڳو ڪنهن روڊ يا هال جو نالو رکڻ ناهي. ان جو مطلب اداراتي تبديلي آهي. سنڌ جي آبپاشي نظام کي اهڙن انجنيئرن جي ضرورت آهي، جيڪي حساب ڪتاب سان گڏ پڙهن به، ڊرائنگ سان گڏ لکن به، ۽ آفيس سان گڏ واهن تي هلن به. تربيت ۾ فيلڊ جا دورا ۽ تنقيدي سوچ کي ٻيهر مرڪزيت ملڻ گهرجي. جونيئر انجنيئرن کي همٿايو وڃي ته هو سائين جا لکيل ڪتاب وري وري پڙھن ۽ انھن کي پنھنجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن، سادي ٻولي ۾ لکڻ پڙھڻ جي عادت وجھن ۽ ماڻھن سان لهھ وچڙ ۾ اچن۔ ساڳي وقت، طرزِ حڪمراني ۾ سڌارا ضروري آهن. راجپوت صاحب وري وري چيو ته سيمون/ ليڪيج رڳو واهن ۾ نه، ادارن ۾ به آهن. ناقص رٿابندي ، ڪمزور نگراني، ۽ غيرشفاف ٺيڪيداري پاڻي ۽ پئسو ٻئي ضايع ڪن ٿا. سندن ورثي جو احترام تڏهن ٿيندو، جڏهن انهن مسئلن کي ايمانداري سان منهن ڏبو: وڏن منصوبن جي آڊٽ، حقيقي ۽ بھتر ماپون، پڇڙين وارن جو تحفظ، ۽ ڪارڪردگي کي طاقت کان وڌيڪ اھميت ڏيڻ شامل آھي .
ڪالاباغ ڊيم بابت سندس تنقيد جذباتي نعري بازي نه هئي۔ اها هائيڊرولڪس، تاريخ ۽ سنڌ جي واهن ۽ ڊيلٽا جي عملي تجربي تي ٻڌل هئي. هن صبر سان وري وري سمجهايو ته وهڪرن ۾ گهٽتائي ڪيئن سامونڊي چاڙھ وڌائي ٿي ، زمين کي کارو ڪري ٿي، ماھيگيري کي تباهه ڪري ٿي، ۽ روزگار کي نقصان پهچائي ٿي. اهڙي ريت هن سنڌ کي اهو شعور ڏنو ته هو پنهنجا خدشا نعرا نه، پر دليلن سان پيش ڪري. اهو به اهم آهي ته راجپوت صاحب صوبي جي اندر انتظامڪاري سان گڏ ، سنڌ جي پاڻي جي قانوني حقن جو مضبوط دفاع ڪيو، پر ساڳي وقت اندروني ناڪامين تي به پردو نه وڌو: ناقص سار سنڀال، سياسي بنيادن تي مقرريون، ٺيڪن ۾ گھٽ وڌائي ، ۽ سينئر آفيسرن جو فيلڊ کان پري ٿي وڃڻ جي معاملي تي کليل ڳالھايو۔