سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن لاءِ بلند ٿيندڙ هڪ مضبوط ۽ باوقار آواز اڄ خاموش ٿي ويو آهي. درياهه جي وهڪرن کي سمجهندڙ، پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي جي تقدير لکيندڙ ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي ڪيس کي عالمي ۽ قومي سطح تي دليلن جي ڏيهه تائين پهچائيندڙ شخصيت، محمد ادريس راجپوت جو وڇوڙو، رڳو هڪ فرد جي وڃڻ نه آهي، پر اها هڪ علمي سرمايي، تجربي جي خزاني ۽ سنڌ جي درياهن سان سرشار ضمير جي جدائي آهي. محمد ادريس راجپوت کي سنڌ ۾ آبپاشي ماهر طور وڏي عزت ۽ مڃتا حاصل هئي. هو آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري رهيو ۽ پنهنجي ملازمت دوران نه رڳو انتظامي ذميواريون نڀايون، پر پاڻيءَ جي منصفاڻي ورهاست، آبپاشي نظام جي سڌاري ۽ سنڌ جي حصي سان ٿيندڙ اڻبرابريءَ خلاف هميشه واضع ۽ باهمت رهيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ جڏهن گهڻا ماڻهو گوشه نشيني اختيار ڪندا آهن، اتي هن پنهنجي علم، تجربي ۽ مشاهدي کي خاموش نه ٿيڻ ڏنو. هن پنهنجي قلم کي سنڌ جي وسيلن جو پاسدار بڻايو، عوام کي آگاهه ڪرڻ کي پنهنجو قومي فرض سمجهيو ۽ سنڌ جي موقف کي واضح ۽ بيباڪ انداز ۾ پيش ڪيو. هو هر فورم تي سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس ٺوس دليلن، تاريخي حوالن ۽ فني ڄاڻ سان پيش ڪندو رهيو. سندس تحريرن ۾ احساس به هو، آواز به هو، درد به هو ۽ حقيقت به. هو رڳو ماهر نه هو، پر درياهه جو وڪيل هو، جنهن جو هر دليل سنڌ جي ڌرتي لاءِ محبت جو ثبوت هوندو هو.
ادريس راجپوت جي شخصيت ۾ سادگي، وقار ۽ بيباڪي هڪ ئي وقت گڏ هئي. هو نرم لهجي ۾ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن سنڌ جي پاڻيءَ تي وار ٿيندو هو ته سندس لفظ فولاد بڻجي ويندا هئا. هو دليل سان ڳالهائيندو، انگن اکرن سان سنڌ جو ڪيس پيش ڪندو ۽ تاريخي حوالن سان پنهنجي موقف کي مضبوط ڪندو هو. سندس جذبات علم جي بنياد تي هوندا هئا، نعريبازيءَ تي نه.
پاڻيءَ جي مسئلي تي ادريس راجپوت جو ڪم سنڌ جي جديد تاريخ جو هڪ اهم باب آهي. هن انڊس ريوَر سسٽم، پاڻيءَ جي ورڇ، انڊس واٽر ٽريٽي، ڊيمز، ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙن پيچيده معاملن کي عام ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. هو سيمينارن، ليڪچرن، مضمونن، ٽي وي ٽاڪ شوز ۽ عوامي فورمن تي سنڌ جو ڪيس وڙهندو رهيو. ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ پاڻيءَ جو مسئلو ادريس راجپوت کان پوءِ ئي واضح ٿيو. هو ان ڳالهه کي بار بار اجاگر ڪندو رهيو ته سنڌ جو پاڻي گهٽجڻ صرف زرعي مسئلو ناهي، پر اها ثقافتي، سماجي ۽ وجودي تباهي آهي. ادريس راجپوت بار بار خبردار ڪندو رهيو ته جيڪڏهن سنڌ کي درياءَ کان ڪٽي ڇڏيو ويو ته هي ڌرتي ريگستان بڻجي ويندي. هو ڪئنالن ۽ نون منصوبن جي نالي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي بي نقاب ڪندو رهيو، ڀلي هن پاڻيءَ جي جدوجهد کي سياسي نعري کان ڪڍي علمي، تجزياتي ۽ قانوني سطح تي آندو. هو عالمي تناظر ۾ سنڌ جو ڪيس پيش ڪندو، وفاقي ڍانچي، آئيني حقن ۽ بين الاقوامي قانونن جي روشني ۾ پاڻيءَ جي مسئلي جي وضاحت ڪندو هو. ادريس راجپوت ڄاڻندو هو ته جذباتي تقريرون عارضي اثر ڇڏينديون آهن، پر دستاويزي جدوجهد ئي مستقل نتيجا آڻي سگهي ٿي. هو سندن جدوجهد کي رڳو زباني احتجاج ۽ جلسن تائين محدود نه رکي، پر مقامي ۽ بين الاقوامي فورمن تي رپورٽون، مضمون، ليڪچرس، ۽ علمي بحث ذريعي سندن موقف کي مضبوط ڪري پيش ڪندو رهيو. سندس علمي مهارت، تجزياتي سوچ ۽ اصولي بيهڪ کيس ٻين ماڻهن کان الڳ بڻائيندي هئي
. سندس لاڏاڻي سان پاڻيءَ جو ڪيس ناقابلِ يقين تلافي نقصان کي منهن ڏيندو. اڄ سنڌ وٽ ادريس راجپوت جهڙو ڪو آواز ناهي رهيو، جيڪو بنا ڪنهن خوف جي سچ ڳالهائي سگهي. هو طاقتور ڌرين کي دليل سان للڪاريندو هو، ۽ سندن غير موجودگيءَ ۾ اهو خال واضح طور محسوس ٿئي ٿو جتي علم، تجزيو ۽ ايمانداري گڏ هوندي هئي. سنڌ کي پاڻيءَ جو مسئلو اڪيلو سياسي يا انتظامي فڪر نه پر سماجي، ثقافتي ۽ حياتياتي مسئلو آهي، جنهن کي ادريس راجپوت جي طرز تي وڙهڻ جي ضرورت آهي.
هي به هڪ تلخ حقيقت آهي ته ادريس راجپوت جهڙا ماڻهو اسان جي سماج ۾ سندن حياتيءَ ۾ اڪثر اڪيلائي جو شڪار رهندا آهن. ادارا، يونيورسٽيون ۽ حڪمران طبقو سندن علم مان مڪمل فائدو وٺڻ ۾ ناڪام رهندو آهي. جڏهن اهڙا ماڻهو وڇڙي ويندا آهن، تڏهن سندن اهميت جو احساس ٿيندو آهي، پر تڏهن دير ٿي چڪي هوندي آهي. ادريس راجپوت جو وڇوڙو سنڌ لاءِ صرف هڪ موت نه، پر هڪ خبرداري آهي. اها ياد ڏياريندڙ آهي ته جيڪڏهن اسان علم، سچ ۽ اصولن تي بيٺل ماڻهن کي اڳتي نه آڻينداسين ته سنڌ جا ڪيس ڪمزور ٿيندا ويندا. پاڻيءَ جو مسئلو اڄ به ايترو ئي سنگين آهي، جيترو ادريس راجپوت جي حياتيءَ ۾ هو، پر هاڻي ان کي وڙهڻ لاءِ ادريس جهڙو فڪري سپاهي موجود ناهي. سندس ورثو البت زندهه رهڻ گهرجي. سندس لکڻيون، وڊيوز، تقريرون ۽ تجزيا سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ رهنمائي جو ذريعو بڻجڻ گهرجن. يونيورسٽين کي گهرجي ته پاڻيءَ جي مطالعي ۾ ادريس راجپوت جي ڪم کي نصاب جو حصو بڻائين. سول سوسائٽي ۽ سياسي ڌرين کي گهرجي ته سندس فڪر کي اڳتي وڌائن، رڳو تعزيتي لفظن تائين محدود نه رهن.
پاڻي ماهر ادريس راجپوت جي لاڏاڻي تي اڄ اسين سڀ سوڳوار آهيون پر اهو سوڳ جيڪڏهن شعور ۾ تبديل نه ٿيو ته هي لاڏاڻو فقط هڪ ٻيو وسريل باب بڻجي ويندو. ادريس راجپوت جي جدوجهد جو سڀ کان وڏو سبق اهو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ جا مسئلا صرف انتظامي يا سياسي سطح تي حل نه ٿي سگهن. اهي علم، فڪر، قانون ۽ عوامي شعور جي بنياد تي ئي حل ٿي سگهن ٿا. سندس زندگيءَ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته جيڪڏهن ماڻهن کي پنهنجي زمين ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ شعوري جدوجهد ڪرڻي آهي ته اهي پنهنجي آواز کي مضبوط، دليل تي ٻڌل ۽ مستقل رکڻ جي ضرورت آهي.
ادريس راجپوت اسان کي ياد ڏياريو ته پاڻيءَ جو مسئلو رڳو زراعت يا معيشت جو ناهي، پر اهو ثقافت، تهذيب، انساني وجود ۽ مستقبل جو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي اها سمجھڻ جي ضرورت آهي ته جيڪڏهن پاڻيءَ جي تحفظ لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم نه کنيا ويا، ته اڄ جو سوڳ سڀني لاءِ دائمي تباهي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. سنڌ اڄ سوڳوار آهي، پر شعور سان گڏ اهو سوڳ مستقبل لاءِ هڪ سبق بڻجي سگهي ٿو. ادريس راجپوت کي سچي ڀيٽا اها هوندي ته سنڌ پنهنجي پاڻيءَ جي حق لاءِ سنجيدگي، علم ۽ گڏيل شعور سان جدوجهد جاري رکي. سندس سوچ، اصول ۽ علمي جدوجهد سنڌ جي عوام لاءِ روشنيءَ جو چراغ بڻجي سگهي ٿي، جيڪو مستقبل ۾ پاڻيءَ جي هر مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ رهنما ثابت ٿيندو.