تمر جي ٻيلن کي بچائڻ جي ضرورت

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ جي سڄاڻ زرعي نوجوانن ۽ ماهرن جر هڪ وفد ڪيٽي بندر جي پسگردائي ۾ تمر جي ٻيلن جي افزائش ۽ انهن جي موجودگي جو جائزو ورتو. هن وفد لانچ جو سفر ڪري سمنڊ جي گهرائي طرف به ويا جتي وري مڇي جي افزائش ۽ ان جي واڌاري جو به جائزو ورتو. هن ڏس ۾ آئون به لکندو رهيو آهيان ته زرعي ماهر محمد خان جروار جا به ڪتاب لکيل آهن

دنيا اندر جتي جتي به سمنڊ آهن اتي تمر جي ٻيلن ۽ مڇي جي موجودگي موجود آهي فلپائين ۾ هڪ ڀيري وڃڻ ٿيو ته اتي به تمر جي ٻيلن جي موجودگي ڏسڻ ۾ آئي. تمر جا ٻيلا ڪنهن به ملڪ ۽ علائقي جي ترقي جو هڪ مک حصو آهي. تمر جا ٻيلا تڏهن واڌ ڪري سگهن ٿا جڏهن اتي سمنڊ ۾ درياهه جو پاڻي پهچندو هجي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ صرف سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ ئي تمر جا ٻيلا آهن ۽ اتي ئي ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح سمنڊ ۾ مڇي ته هوندي ئي هوندي آهي پر ان علائقي ۾ جهينگا مڇي جي پالنا ٿي سگهي ٿي. هن وقت به سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ جهينگن جي موجودگي آهي. تمر جي ڪاٺ ۽ جهينگن جي موجودگي ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي ۽ وڌائي سگهجي ٿو. هن وقت به سنڌ نه ته وفاق تمر جي ٻيلن ۽ جهينگن مان گهڻو ڪجهه لاڀ حاصل ڪري رهيو آهي جو سامونڊي علائقا جنهن کي ڪوسٽل ايريا جو درجو مليل آهي وفاق وٽ آهي اهو ئي انهن جي نگراني ڪري ٿو.

جڏهن دريا بادشاهه موج مستي ۾ هوندو هو ۽ ٻارهو ئي ان جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو ته ان وقت تمر جا ٻيلا اڻ کٽ هئا مارڪيٽ ۾ پلو ۽ جهينگا به عام جام سستي اگهه تي وڪرو ٿيندا هئا هر غريب غربو پيو استعمال ڪندو هو هاڻ تمر، پلو ۽ جهينگو اڻلڀ آهي جنهن لاءِ دريا جو مٺو پاڻي هجڻ ضروري آهي. عالمي ادارن به پنهنجي رپورٽ ۾ درياهه جي پاڻي کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ جي سفارش ڪئي آهي.

جڏهن سيد مراد علي شاهه (ڀريا وارو) زراعت ۽ ماهيگيري وارو وزير هو سندس دور ۾ ڪيٽي بندر لڳ ڪنهن هنڌ تي ڪروڙن رپين جي لاڳت سان جهينگن جي پالنا وارو تحقيقي مرڪز قائم ٿيو هو عملو به مقرر ٿيو هو . هنن جهينگن ۽ سامونڊي جهينگن جي بناوٽ ۾ ته ڪو خاص فرق نه هو البته  ذائقي ۾ فرق هو. سامونڊي جهينگي ۾ نمڪيات جو اثر وڌيڪ هوندو آهي جڏهن ته هٿرادو پليل جهينگو ڪجهه مٺو هوندو آهي جنهن ۾ ڪي بي  فيڊر جو پاڻي به افزائشي تلائن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. هاڻ ان فارم جي ڪا به خبر ناهي اهي اطلاع آهن ته اهو منصوبو هاڻ رهيو ئي ناهي.

سنڌ جي حڪومت ڪيٽي بندر رٿا تي ڪافي سنجيده آهي پر جيڪڏهن ناهي ته تمر جي ٻيلن ۽ جهينگن جي افزائش تي ناهي جنهن لاءِ به رٿا الڳ هجڻ گهرجي. ڪيٽي بندر لڳ ڪنهن مناسب هنڌ تي تمر جي ٻيلن ۽ جهينگن جي افزائش لاءِ کوجنا جو مرڪز قائم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سامونڊي علائقن جي ماڻهن کي ڄاڻ ملي سگهي ۽ ان ڄاڻ جو لاڀ وٺڻ لاءِ وري انهن کي پهريان مالي امداد مهيا ڪئي وڃي بعد ۾ بنا وياج قرض ڏجن ته جيئن سنڌ جو هي سامونڊي علائقو سون بڻجي سگهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي سميت سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي شاگردن کي سامونڊي علائقن جو دورو ڪرائي کين اتان جي حالت بابت ڄاڻ فراهم ڪرائي وڃي. اڃا به وڌيڪ لاڀائتو تڏهن ٿيندو جڏهن ڪارونجهر طرز تي سامونڊي علائقن ۾ به سياحتي مرڪز ۽ پڪن رستن جو ڄار وڇائڻ گهرجي ته جيئن سياح اتي باآساني پهچي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.