تهذيب يافته، خوددار ۽ مهذب قومون پنڻ کي عيب سمجهنديون آهن. پر اسان جي ملڪ ۾ ايئن ناهي جيڏانهن نظر ڪبي ته فقيرن جو وڏو انگ پنندي ڏسڻ ۾ ايندو. حالت اها آهي جو ڪيترائي صحتمند مرد به ڪمائين ڪونه ٿا. پر، در، در پيا صدائون هڻندا آهن ۽ خيرات وٺڻ لاءِ آواز بلند ڪندا رهن ٿا. ان ڪم ۾ صحتمند عورتون به لڳل آهن. جن جو پنڻ ڪو سٺو سنوڻ ڪونه آهي. عورتن جو وڏو تعداد گداگري ڪري رهيو آهي. هاڻ ته ننڍا ٻار به پني رهيا آهن. سندن والدين يا سنڀاليندڙ کين پنڻ جي عادت وجهي رهيا آهن. انهن کي اهڙي سکيا ۽ تربيت ڏني پئي وڃي. جڏهن ته معذور ماڻهو جيڪي خيرات جا حقدار آهن. انهن جو تعداد ڪافي گھٽ ۽ ٿورو پنندي نظر اچي رهيو آهي. بي روزگاري جي ڪري پنندڙن جو تعداد وڌي رهيو آهي. ان ڪري معذور، محتاج فقيرن جي حق تلفي ٿي رهي آهي. آئون، هتي پنهنجي علائقي جو اهو حال ڏسندو آهيان. جنهن تي افسوس ۽ ڏک ٿئي ٿو. منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن جي ٻاهران نوجوان عورتون ۽ ٻار رڪشائن تي آندا ويندا آهن ۽ کين چيو وڃي ٿو ته هن ڳوٺ يا شهر ۾ وڃي پنو. پوءِ اهي ٽڙيو پکيڙجو وڃن. مختلف دوڪانن ۽ گھرن مان خيرات وٺي پوءِ واپسي جي مقرر ڪيل وقت تي هڪ هنڌ گڏ ٿين ۽ مليل خيرات جي رقم پنهنجي چڱي مڙس جي حوالي ڪريو ڇڏين وري ساڳين گاڏين تي چڙهيو وڃيو پنهنجي رهائش تي پهچن. اهو حشر سڄي سنڌ ۾ آهي جيڪو روز بروز وڌي رهيو آهي.
تازو، سنڌ جي سماجي ڀلائي واري وزير طارق ٽالپر سنڌ اسيمبلي کي آگاهه ڪيو آهي ته سندس کاتي گذريل پنجن ورهين دوران 1600 ٻارن کي فقيرن کان بازياب ڪرايو آهي. سنڌ ۾ سماجي ڀلائي کاتي جا ٽي سينٽر آهن. جيڪي ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ قائم آهن. جتي سترهن ورهين تائين عمر جا ٻار رکيا وڃن ٿا. سندس بيان، اها تصديق ڪري ٿو ته، پينو فقيرن وٽ ٻارن کي يرغمال ڪري پنايو وڃي ٿو. هاڻ ته هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ پينو فقير ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جن ۾ ننڍا ٻار ۽ نوجوان عورتون به شامل آهن. حڪومت ٿوري سختي ڪري ته اهي فقير سڀ لڪي ويندا باقي معذور ۽ محتاج وڃي بچندا. هاڻ پنڻ به ڌنڌو ۽ ڪاروبار سمجهيو وڃي ٿو. مون کي چڱي طرح ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ سنڌ جي هڪ ايس ايس پي ٿاڻن تي حڪم ڏنو هو ته ڪوبه فقير پنندي ڏسو ته ان جي رستا روڪ ڪريو ۽ سختي ڪئي وڃي ته اهي پنڻ ڇڏي ڏين. جڏهن پوليس ان حڪم جي تعميل ڪئي ۽ پينو فقيرن جي پٺيان لڳي پئي ته سمورا فقير لڪي ويا ۽ پنڻ ڇڏي ڏنائون. شهر توڙي ڳوٺ فقيرن کان خالي ٿي ويا. جيستائين اهو عمل ٿيندو رهيو تيستائين فقيرن جون صدائون ٻڌڻ ۾ ڪونه آيون. ڪجهه وقت کان پوءِ ٺاپر ٿي ته وري ساڳيا فقير ميدان تي اچي ويا ۽ ٻيهر پنڻ شروع ڪري ڏنائون. هو، بي خوف ٿي ويا. بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجي ڪرت ۾ لڳي ويا.
جيڪڏهن حڪومت انهن تي سختي ڪري ته، آئون سمجهان ٿو ته، پينو فقيرن مان هميشه لاءِ جان آزاد ٿي ويندي. پر، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته انهن ۾ واڌ ايندي رهندي. گھٽتائي اچڻ جو سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي. هاڻ ٿوري وقت ۾ ايتري ته واڌ ٿي آهي جو هتان جا ماڻهو پرڏيهه پنڻ جو ڪم ڪندا وتن. اهڙا انڪشاف ڪيترائي دفعا ٿيا آهن. پر، تازو اخبار ۾ پڙهيم ته، دنيا جي مختلف ملڪن مان هزارين پاڪستانين کي پنڻ سبب ڊي پورٽ ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن اوورسيز پاڪستانيز اينڊ هيومن رائٽس جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين آغا رفيع الله جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هن سال مختلف ملڪن مان ايڪونجاهه هزار پاڪستانين کي ملڪ بدر ڪيو ويو آهي. سڀ کان وڌيڪ چوويهه هزار ماڻهن کي سعودي عرب مان پنڻ تي واپس ملڪ موڪليو ويو. جڏهن ته هن سال عرب امارتن ڇهه هزار پاڪستانين کي پنڻ تي ملڪ بدر ڪيو ۽ اهڙي طرح آذربائيجان مان اڍائي هزار پاڪستاني پينو فقيرن کي ڊي پورٽ ڪيو ويو.
جيڪڏهن اها صورتحال چند ملڪن جي ٻڌائي پئي وڃي ته پوءِ اهڙا پينو فقير دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به هوندا جيڪي حڪومت جي گرفت ۽ پڪڙ ۾ اچي ڪونه سگھيا آهن. جيڪي جڏهن قابو ڪيا ويا ته انهن کي به ڊي پورٽ ڪيو ويندو. کين واپس ڏيهه موڪليو ويندو. اهي گھڻو وقت لڪي ۽ ڀڄي نه ٿا سگھن. اهو هڪ اڻوڻندڙ عمل آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي سا، گھٽ، ٿوري ۽ نه هئڻ جي برابر آهي. هتي هڪ ڳالهه کي واضح ڪندو هلان ته، ضرورتمند، محتاج، بيوس، لاچار، مجبور ۽ معذور جي مدد ڪري سگھجي ٿي.
صحتمند ماڻهو مختلف روپن، نمونن ۽ ڍنگن سان مجبورين جا داستان ٻڌايو پنندا رهن ٿا. جن کي روڪڻ حڪومت جي ذميواري آهي. حڪومت صرف پوليس کي اهڙا اختيار ڏيئي ۽ انهيءَ کاتي کي ذميواريون ڏنيون وڃن. پوليس ٿوري سختي ڪئي ته، پروفيشنل بيگرمين هٿ به ڪونه ايندا. سڀ ڪو وڃي پنهنجي ڪمن ڪارين ۽ ڌنڌن سان لڳندو ۽ اهڙن فقيرن مان هميشه لاءِ جان ڇُٽي پوندي. فقيرن جي سرپرستي ڪندڙن جي خلاف به قدم کڻڻ گھرجن.