عوام لاءِ آزار بڻيل نادرا سينٽر اوٻاوڙو

ادارا عوام جي سهولت لاءِ قائم ڪيا ويندا آهن پر نادرا سينٽر اوٻاوڙو عوام لاءِ سهولت نه پر آزار بڻيل آهي، جتي ڪنهن به ڪم لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پنڌ ڪرايو وڃي ٿو. جنهن جو تازو مثال اسان جا ٿيل وارتا آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ آئون پنهنجي 50 ساله پڦي، جنهن جي سڃاڻپ ڪارڊ جو هلندڙ مهيني مدو پورو ٿي وڃڻ سبب کيس ڪارڊ ”ري نيو“ ڪرائڻ لاءِ  نادرا سينٽر اوٻاوڙي وٺي آيس ته اسان کي مختلف بهانا ڪري ٽاريندا رهيا ۽ اهڙا ڪاغذ طلب ڪيا، جيڪي عام طور تي پهريون ڀيرو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ وقت به طلب ناهن ڪيا ويندا، جڏهن ته منهنجي پڦي جو سڃاڻپ ڪارڊ 2003 کان ٺهيل آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا  مدو ختم ٿيڻ ڪري ان کي نئون پڻ ڪرايو ويو آهي. ياد رهي ته منهنجي پڦي جي سڀني ٻارن جا سڃاڻپ ڪارڊ پڻ ٺهيل آهن، پر هوندي به نادرا سينٽر اوٻاوڙي ۾ اسان جو جائز ڪم يعني پڦي کي ڪارڊ نئون ٺاهي ناهي ڏنو ويو ۽ ان سلسلي ۾ اسان کي مسلسل ٽي ڏهاڙا پنڌ ڪرايو ويو.

اهڙي صورتحال  رڳو اسان جي نه پر ڪيترن ئي ماڻهن جي روزاني آزمائش بڻجي چڪي آهي. نادرا جهڙو اهم ادارو، جنهن جو ڪم عوام کي سڃاڻپ ڏيڻ ۽ سندن قانوني حقن تائين رستو هموار ڪرڻ آهي، جيڪڏهن پاڻ ئي رڪاوٽ بڻجي وڃي ته پوءِ عام ماڻهو ڪهڙي در تي وڃي فرياد ڪري؟ خاص ڪري بزرگ عورتون، ٻهراڙيءَ مان ايندڙ غريب مرد ۽ عورتون جڏهن ٽن ٽن ڏينهن جا چڪر ڪاٽين ٿا ته انهن لاءِ نه صرف مالي پر ذهني اذيت پڻ پيدا ٿي وڃي ٿي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اعليٰ اختيارين هن معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي عملو بدلايو وڃي ته جيئن نظام بهتر ٿئي، نگراني سخت ٿئي ۽ عوام سان انسانيت وارو رويو رکيو وڃي. عوام لاءِ ٺاهيل ادارا جيڪڏهن عوام لاءِ تڪليف جو بڻجن ته پوءِ حڪومت لاءِ به اهو وڏو سوال آهي. نادرا اوٻاوڙو کي حقيقي معنيٰ ۾ سهولت جو مرڪز بڻائڻ لاءِ شفافيت، ذميواري ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ لازمي آهي، ڇو ته عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ ئي وقت جي اهم ضرورت آهي۔

مختيار علي/ ڪمون شهيد

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.