ميرپور ساڪرو جي هاءِ اسڪول ۾ پيش آيل واقعي جي پيڙاءَ جو احساس اقليتن سان همدردي رکندڙ هر شخص محسوس ڪري رهيو آهي. جڏهن اها خبر سامهون آئي ته اسڪول جي ڪجهه هندو نياڻين طرفان پنهنجي ئي هيڊ ماسترياڻي تي مبينا طور مذهب بدلائڻ لاءِ دٻاءَ وجهڻ جا الزام هنيا ويا آهن، اهي الزام سنڌ جي ساڃاهه وندن ۾ ڳڻتي جي لهر اڀارڻ سان گڏ تعليم جهڙي مقدس اداري تي به هڪ وڏو سوال اٿاري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندڙ استاد به اهڙي عمل ۾ ملوث ڏٺا وڃن ته پوءِ چوڻ لاءِ باقي ڪجهه بچي ئي نٿو، حالانڪه پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل استادن کي بنا ڪنهن مت ڀيد جي پنهنجو تدريسي عمل جاري رکڻ گهرجي.
ان سلسلي ۾ واقعي جي جاچ ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي پاران جوڙيل پنج رڪني انڪوائري ڪاميٽي اسڪول پهتي ۽ ڌرين جا بيان ورتا وا، نياڻيون وشيتا سانوڻ مهيسوري کان وٺي هيڊ ماسترياڻي گلناز تائين هر ڪنهن پنهنجو نقطه نظر رڪارڊ ڪرايو. ڪاميٽي جي ميمبرن جو چوڻ هو ته فيصلو آفيس ۾ لکت وارن بيانن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪيو ويندو، پر في الحال الزام هيٺ آيل هيڊ ماسترياڻي کان چارج واپس ورتي وئي آهي ۽ رپورٽ سيد سردار شاهه ڏانهن موڪلي ويندي.
هي سڄو عمل جيترو انتظامي طور ضروري هو، اوترو ئي سماجي ۽ اخلاقي نقطه نظر کان به ڳڻتي جوڳي صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو. خاص ڪري جڏهن هيڊ ماسترياڻي قرآن پاڪ تي هٿ رکي چيو ته مان بيگناهه آهيان، مان ڪنهن به نياڻي تي مذهب مٽائڻ لاءِ دٻاءَ نه وڌو آهي، منهنجو ڪم فقط ۽ فقط پڙهائڻ آهي، منهنجي عزت نفس تي حملو ٿيو آهي، مون ڪو به غلط ڪم ڪيو هجي ته مون لاءِ چور برابر سزا مقرر ڪئي وڃي، پر جيڪڏهن الزام لڳائيندڙ غلط ثابت ٿين ته انهن کي به قانون مطابق سزا ملڻ گهرجي.جڏهن ته ٻئي پاسي اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته الزام هيٺ آيل ماسترياڻي گلناز جوکيو تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس ڊپارٽمينٽ سسپنڊ ڪري ڇڏيو آهي.
ان کان اڳ سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن، ته هندو نياڻيون اسڪول مان غائب ٿي ويون ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهي منظر عام تي اچي پنهنجي مذهب جي تبديلي جو اعلان ڪنديون آهن، جن جي پٺيان به يقينن هڪ مخصوص سوچ جو حامل اسڪول عملو ئي هوندو آهي، جيڪو کين مذهب مٽائڻ جي آماده يا مجبور ڪندو آهي. مذهب هر انسان جو ذاتي معاملو هوندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن کي به اهو حق حاصل ناهي ته اهو ڪنهن جي مذهبي عقيدن سان ڇيڙڇاڻ ڪري، ڇو ته ڪنهن کي به زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جو خيال به ظلم، زبردستي ۽ انساني حقن جي لتاڙ جي برابر آهي. جيڪڏهن واقعي ڪنهن استادياڻي پاران اهڙي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اهو عمل معافي لائق ناهي، اها نه رڳو استاد جي مقدس ڪردار جي توهين آهي پر اقليتي شاگردن جي نفسياتي تحفظ تي به حملو آهي، ۽ ان خلاف سخت کان سخت قدم کڻڻ لازمي آهي. پر جيڪڏهن الزام غلط آهي يا ڪنهن غلط فهميءَ تي ٻڌل آهي، ته پوءِ استاد جهڙي حساس ڪردار جي عزت نفس سان کيڏڻ وارا به برابر قصوروار آهن.ڇوته اقليتن جي حفاظت اندر انصاف صرف هڪ طرفو ناهي، پر ٻنهي پاسن کان غيرجانبداري سان حقيقت ڏسڻي پوي ٿي. معاشرو تڏهن محفوظ ٿئي ٿو، جڏهن الزام به سنجيدگي سان پرکيا وڃن.
سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتو اڪثر حساس معاملن کي ابتدائي طور تي سنجيدي سان نٿو وٺي. جيڪڏهن صوبائي وزير تعليم نوٽيس نه وٺي ها ته شايد هي معاملو به ٻين معاملن جيان هيٺان دٻجي وڃي ها. حڪومتي نمائندن کي سمجهڻ گهرجي ته اقليتي شاگردن جي هر شڪايت رڳو هڪ شڪايت نه پر هڪ امتحان آهي، اهو امتحان اِهو آهي ته ڇا، اسان اڄ به مذهبي رواداري جي دعوائن تي قائم آهيون يا نه؟ ڇا اسان پنهنجي نصابي ۽ انتظامي ادارن اندر اهڙو ماحول پيدا ڪري سگهون ٿا جتي هڪ هندو، هڪ عيسائي يا ڪنهن ٻي اقليت جو ٻار پاڻ کي مڪمل طور تي محفوظ محسوس ڪري؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ اسان جي سماجي ترقي، اسان جي جمهوري دعوائن جو ڇا ٿيندو؟ اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪو به استاد يا تعليم سان واسطو رکندڙ شخص رشوت جي الزام ۾ اچي ته اهو وڏو ڏوهه آهي، پر جيڪڏهن ڪو شخص عقيدي بابت زبردستي يا دٻاءُ استعمال ڪري ٿو ته اهو ان کان وڌيڪ ڏوهه آهي. سنڌ حڪومت کي هن معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي لچڪ، دير يا سياسي مصلحت هرگز ڏيکارڻ نه گهرجي. جيڪڏهن جاچ ۾ استادياڻي ملوث نڪري ٿي ته کيس سخت کان سخت سزا ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن مٿس الزام غلط هنيو ويو آهي ته پوءِ الزام لڳائيندڙن کي به ساڳي سنجيدگيءَ سان قانوني جوابده بڻائڻ گهرجي.
اسان کي هي ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته اهڙا معاملا جڏهن به پيدا ٿين ٿا، ته اقليتن ۾ خوف وڌي ويندو آهي. هندو نياڻين جا والدين جيڪي اڳ ئي سماج اندر ڪيترن ئي ذهني عذابن مان گذرن ٿا، انهن لاءِ پنهنجي نياڻين کي اسڪول موڪلڻ ۾ خوف، خطرا ۽ وسوسا پيدا ٿيڻ لڳندا آهن.
اسان سنڌ جي تعليم کاتي کي واضع پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته. اسان اهي واقعا هرگز برداشت نه ڪنداسين جن ۾ اقليتي شاگردن جي جذبن سان کيڏيو وڃي يا انهن جي مذهبي حساسيت سان راند ڪئي وڃي. اسان جو موقف بلڪل واضح آهي ته مذهب انسان جي ذاتي آزادي آهي.نه ڪو استاد، نه ڪو سرڪاري عملدار، نه ڪو سياسي اڳواڻ ۽ نه ڪو پاڙيسري ڪنهن ٻئي جي عقيدي سان هٿ چراند ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو اهڙو عمل ڪري ٿو ته پوءِ حڪومت کي فقط نوٽيس نه پر سخت ۽ فيصلا ڪن ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ سرڪار واقعي چاهي ٿي ته امن، رواداري ۽ مذهبي آزاديءَ جو ماحول برقرار رهي، ته کيس هر اهڙي واقعي کي انتهائي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو.