ڪراچي (رپورٽر) ملير ميمڻ ڳوٺ ۾ هڪ فليٽ مان نوجوان ڇوڪري جو گولي لڳل لاش مليو، پوليس موقعي تي پهچي علائقي کي سيل ڪري ڪرائم سين کي طلب ڪيو، رپورٽن موجب پوليس بعد لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، ايس ايڇ او ميمڻ ڳوٺ جاويد ابڙو موجب مبينا طور آپگهات ڪندڙ ناري جي سڃاڻپ 22 ورهين جي ثمرين ڌيءَ واجد طور ٿي آهي، جڏهن ته شروعاتي جاچ ۾ واقعي کي آپگهات قرار ڏنو ويو آهي، پوليس واقعي واري هنڌ تان هڪ پسٽل پڻ قبضي ۾ ورتو، جيڪو ناري جي والد جو هجڻ ٻڌايو وڃي ٿو. لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارثن پوليس کي ٻڌايو آهي ته ثمرين نفسياتي مسئلن جو شڪار هئي، جڏهن ته سندس والد پوليس آفيسر آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ مقرر آهي، پوليس واقعي بابت وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ڪري رهي آهي.