شر – سيلرا تڪرار جي خاتمي لاءِ ساڃاهه وندن جو کنيل قدم

تحرير: افق بشير چنا

ھٿيار ھمت جي ھار ھوندا آھن ، رت جي راند جا خوني کيڏا ھوندا آھن امن آشتي سک سڪون ۽ انسانيت جا دشمن تڏھن بڻبا آھن جڏھن انھن جو استعمال معصوم ۽ بي گناھ ماڻھن جو بي سبب بي ڏوھي رت وھائي راھون ريٽيون وڃن. ھڪ طرف رت وهائيندڙ ٻئي طرف سماج جا سڄڻ اھڙي انيا رت جي راند تي تڙپي پوندا آھن ۽ پنھنجي جستجو جدوجھد جاري رکندي شعور جي ڏيئن مان ڏياٽيون ٻاري راھون روشن ڪرڻ لاءِ نڪري پوندا آھن. اھو ته طئي آھي جڏهن عوامي شعور جاڳي ٿو ته سماج جا ڏکيا، ڏنگا منجھيل ۽ مئل سمجهيا ويندڙ مسئلا به پنهنجو حل پاڻ ڏيکارڻ لڳندا آھن، ڇاڪاڻ⁠ ته جاڳيل دماغ حقيقتن کي صاف ۽ چٽي نظرن سان ڏسي سگھي ٿو. ۽ ان جو حل به معلوم ڪري وٺي ٿو. انساني ادراڪ جو اصل ڪارج به اهو ئي آهي ته انسان کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ سچ کي سڃاڻڻ جي صلاحيت ڏي. اها صلاحيت ئي سماجي تبديليءَ، فڪري آزاديءَ ۽ حق جي حمايت جو بنيادي سرچشمو بڻجي ٿي. ادراڪ جڏهن مڪمل بيداريءَ ۾ تبديل ٿئي ٿو ته فرد کان وٺي پوري قوم تائين هر سطح تي نوان رستا کلي پون ٿا.جنھن کي سماجي سجاڳي چئجي ٿو . خاص طور گھوٽڪي هميشه سنڌ جي اُن انگ طور سڃاتو ويو آهي جتي شعور، جاڳرتا ۽ سماجي بيداري جي ڏيئي جي لاٽ مسلسل ٻرندي رهي ٿي.

هيءَ سرزمين نه رڳو زرخيز آهي، پر پنهنجي ماڻهن جي فهم، غيرت ۽ سجاڳي سبب به ممتاز مقام رکي ٿي. گذريل ڪجهه سالن ۾ گهڻيون انساني، سماجي ۽ معاشرتي آزمائشون سامهون اچي چڪيون آهن، پر هر ڏکئي وقت ۾ هتي جي ماڻهن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو سنڌ جي ٻين علائقن لاءِ مثال بڻجي چڪو آهي. خاص طور تي صحافين، اديبن، دانشورن ۽ سماجي ورڪرن جو ڪردار گھوٽڪي ۾ انھيءَ ڦڙي ڦڙي مان برسات بڻي آهي جنهن سان ڪيترائي خطرناڪ جھيڙا ۽ خوني تڪرار ٿڌا ٿيا آهن.ھٿيارن جي خوني کيڏ گڏيل ڪوششن سان نندجي نبيرجي ويئي آھي ان پويان ضرور شعور ساڃاھ ۽ انساني ھمدردي وارا رويا ڪار فرما آھن، ھي اھي رضاڪار رويا جيڪي بنا ڪنھن لوڀ لالچ مفاد ۽ مطلب جي پنھنجي علائقي ۾ امن آشتي ۽ ڀائيچاري جو سبب بڻيا آھن . هي شعور ڪا اوچتي آيل لھر نه آهي، پر ان جي پويان يقيناً ڪجهه تاريخي قربانيون ۽ شخصيتون آهن جن نه صرف ماڻهن کي بيدار ڪيو پر اھا سگھاري زبان به ڏني آھي، جنھن سچ جون راھون روشن ڪيون آھن.

 شھيد نصرالله گڏاڻي جي قرباني نه صرف هڪ فرد جي قرباني هئي، پر هڪ فڪر ۽ فڪر جي مسلسل جدوجهد جو نالو پڻ هئي. سندس شهادت گھوٽڪي ۾ اهڙو احساس ۽ سجاڳي پيدا ڪئي جو اڄ هتي جا ماڻهو، خاص ڪري صحافي ۽ سماجي اڳواڻ، ظلم ۽ ڏاڍ آڏو خاموش نه ٿا رهن ۽ بنا ڪنھن خوف خطري جي ڳالھائن ٿا. هو پنهنجي ذميواريءَ کي رڳو ٽائيم پاس يا شوق نه پر فرض سمجهن ٿا. هن فڪر جي روشنيءَ ۾ گھوٽڪي جو هر باشعور شهري پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. جيڪا جاڳرتا جي جيت جو سبب بڻجي رھي آھي.

تازو شر سيلرا ڪوش ڀٽا ۽ ڌونڌو برادرين ۾ ھلندڙ خوني جھيڙو اهڙو واقعو هو جيڪو ڪنهن به ساڃاھ وند ۽ انسان دوست ذهن لاءِ ڪنھن ڳوڙھي تڪليف کان گهٽ نه هو. ڪيترائي بيگناهه ماڻهو مارجي ويا، گهر اُجڙي ويا، خوف جو راڄ قائم ٿي ويو، ۽ ٻنهي پاسن جا ماڻهو پاڻ کي اڪيلو ، بي سھارو ۽ غم ۾ غرق محسوس ڪرڻ لڳا. اهڙي صورتحال ۾ عام طور تي علائقا غير محفوظ ٿيندا آهن ۽ ماڻهو پنهنجين چارديوارين ۾ قيد قابو ٿي پوندا آهن، ترقي خوشحالي تعليم جي ندي جو وهڪرو بيھي رھندو آھي جھڳا ڀڙڀانگ ٿي ويندا آھن. پر گھوٽڪي ۾ ان جي ابتڙ ٿيو. هتي جي دانائن، چڱن مڙسن، صحافين، اديبن ۽ سماج سڌارڪن اڳتي وڌي هڪ مثالي جٽادار ڪوشش ڪئي، جيڪا وڏي خوني جھيڙي کي روڪڻ جو ڪارڻ بڻي.

 ڪجهه ڏينهن اڳ ڌرين وٽ جيڪو ميڙ ۽ منٿ وارو قافلو نياڻيون قرآن مجيد شاھ سائين جو رسالو سچل سائين جو رسالو کڻي پهتو، اهو رڳو روايتي پر انسانيت جي سڀ کان اعليٰ درجي جي علامت هو. سنڌ ۾ قرآن جي  صورت ۾ منٿ ڪرڻ صديون پراڻي روايت آهي،  پر جڏهن اهڙي ڪوشش دل ۽ سچائيءَ سان ڪئي وڃي ته دلين جا در کلي وڃن ٿا. اهو قافلو نه رڳو ڌرين کي سلهاڙڻ امن سان رھڻ لاءِ ويو، پر هن ڌرتي تي امن ۽ آشتي جي اهميت جو پيغام به کڻي ويو. ان قافلي ۾ شامل ماڻهن نيڪ نيتي، همدردي ۽ قرباني قابلِ داد آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته انهن سخت خطرن ۽ بي يقيني جي فضا ۾ حڪمت ۽ جرئت سان قدم کنيا.ان سان گڏ پوليس ۽ انتظاميا جا جوان پڻ پنهنجي جاءِ تي بي مثال قربانيون ڏئي رهيا آهن. امن قائم رکڻ لاءِ جيڪي نوجوان پنهنجي جان خطري ۾ وجهن ٿا، اهي به تعريف جي لائق آهن. اُنهن جو فرض آهي، پر جيڪڏهن فرض دل سان نڀائجي ته اهو ڪم ضرور نتيجا ڏيئي سگهندو آهي.

 گھوٽڪي جي ساڃاھ وند دوستن اهو ثابت ڪيو آهي ڏکي ڏکاري صورتحال مان نڪرڻ جا ڪھڙا ۽ ڪھڙي ريت گس وٺجن ۽ سوڀ ماڻجي ان سموري ڪاميابي جو وڏو سهرو مقامي سماجي اڳواڻن، صحافين، مدبرن ۽ اديبن جي سر وڃي ٿو، جيڪي پنھنجي نيڪ نيتي خيرخواھي ۽ انساني ھمدردي جي جذبي سان اڳتي آيا ۽ ماڻهن کي ويڙهه کان بچائڻ لاءِ ھڪ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو. ۽ نتيجي ۾ جھيڙيندڙ ڌرين کين مثبت ۽ آٿت ڏيندڙ موٽ ڏني . سماجي اڳواڻن ۽ صحافين جو اصل جوهر ان وقت نظر اچي ٿو، جڏهن هو ذات کان مٿاهون ٿي سماج لاءِ سوچين. گھوٽڪي ۾ اهو سلسلو روزمره جي ڪم وانگر هلندو رهي ٿو. هتي جي قلمڪارن جو ڪردار ڏٺو وڃي ته هو معاشري جي هر سور اھنج ۽ ايذا کي سگھارو آواز ڏيئي دنيا آڏو پيش ڪن ٿا. سماجي ورڪر پنهنجي ڪم سان ماڻهن جي دلين ۾ انسانيت جا ٻج پوکن ٿا. اديب ۽ شاعر پنهنجي شاعري سان ماڻهن جي کھرن روين کي نرم ڪن ٿا ۽ تشدد مارا ماري خون خرابي جي باري ۾ سوچڻ کان اڳ  مَٺو محسوس ڪرائن ٿا. اھا ئي آس اميد آھي ته انھي وک سبب گھوٽڪي ڪيترن وڏن جھيڙن کان پنھنجو پاند بچائي ورتو آھي.جيڪڏهن سڄي سنڌ اهڙي طرح گڏجي ڪم ڪري ته ڪيترائي الجھيل مسئلا سولائي سان سلجھي سگهن ٿا. تڪرار، جھيڙا ۽ رت ڇاڻ، جيڪي پيڙهين کان هلندي اچي ٿي، انهن جو حل تلوار يا بندوق ۾ نه پر شعور، ڳالهه ٻولهه، همدردي ۽ گڏيل ذميواري سان ٽاري سگھجي ٿي. گھوٽڪي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن چند باشعور ماڻهو اڳتي وڌن، ته وڏا فتنا فساد جھيڙا جھٽا به ٽري سگهن ٿا.

سنڌ جو سماج روايتي طور تي محبت، امن، گڏيل سھڪار ۽ هڪ ٻئي جي عزت جو علمبردار رهيو آهي؛ پر وقت گذرڻ سان ڪجهه جڳهن تي اها روايت ڪمزور نظر ٿي اچي.جنھن کي پڪو پختو بڻائڻ ۽ اھڙي روايت کي رائج ڪرڻ لاءِ محنت جستجو ۽ گڏيل جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي. اھڙي وقتائتي وک  ثابت ڪري ٿي ته جيڪڏهن شعور کي مضبوط سگھارو ڪيو وڃي ته تباهيءَ جا سڀ  رستا بند ٿي ويندا.اهي ماڻهو جيڪي امن لاءِ اڳتي اچن ٿا، هو رڳو پنهنجن لاءِ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ ڪم ڪن ٿا. اهي تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکائن ٿا، ڇو⁠ته ڪنهن جهيڙي کي روڪڻ ڪنهن شعوري انقلاب کان گهٽ نه هوندو آهي. ان وقت جڏهن ماڻهو غصي، پلاند پاڙڻ يا تڪليف جي ٻوڏ ۾ ٻڏل هجن، تڏهن انھن کي سمجھائي سلجھائي، صلاحي ڳالهه ٻولهه جي رستي تي آڻڻ لاءِ منٿ ڪرڻ وڏي جرئت ۽ دانشمندي جي علامت آهي. گھوٽڪي جي ماڻهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن سماج جي هر طبقي مان هڪڙو ماڻهو به پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪري، ته اھي جھڙ جهيڙا جهٽ ۾ ختم ٿي سگهن ٿا.آخر ۾، اهو چئي سگهجي ٿو ته گھوٽڪي جو شعور، ان جا صحافي، اديب، شاعر، سماجي اڳواڻ ۽ عام ماڻهو، سڀ گڏجي هڪ اهڙي روشني بڻيا آهن جيڪا سنڌ کي هڪ روشن رستو ڏيکاري رهيو آهي. جيڪڏهن اسان سڀ پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداريءَ سان ڪريون، ٻيو نه پر هڪ ٻيو گھوٽڪي سنڌ جي هر ضلعي ۾ جنم وٺي سگهي ٿو، ۽ پوءِ هڪ به جهيڙو نه رهندو جيڪو ڳالهين سان حل نه ٿي سگهي. امن، شعور ۽ گڏيل ذميواري ئي اسان جو مستقبل سنواري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.