ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي جو ملڪگير اجتماع اڄ کان مينار پاڪستان لاهور ۾ شروع ٿيندو. صوبائي ترجمان مجاهد چنا مطابق21 کان 23 نومبر تائين ٿيندڙ اجتماع عام ۾ لکين ماڻهو مرد توڙي عورتون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شريڪ ٿيندا جڏهن ته چاليهه کان وڌيڪ ملڪن مان اسلامي تحريڪن جا سوين نمائندا پڻ شريڪ ٿيندا. سنڌ مان پڻ هزارين قافلا ريل گاڏين، بسن ڪوچن توڙي ڪارن ذريعي لاهور پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ناظم اجتماع مرڪزي نائب امير لياقت بلوچ جي اڳواڻي ۾ شرڪاءَ لاءِ آرام، کاڌي پيتي سميت ٻين ضرورتن لاءِ بندوبست ڪيو ويو آهي. جمعي جي نماز بادشاهي مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. اجتماع ۾ مخلتف سيشن رکيا ويا آهن ، ٽن ڏينهن واري اجتماع جي پڄاڻي تي مرڪزي امير حافظ نعيم الرحمٰن بدل دو نظام تحريڪ جي اڳتي جي لائحه عمل جو اعلان پڻ ڪندو جڏهن ته اجتماع عام ۾صوبائي قيادت سميت ملڪ جا بَرک عالم دين ، دانشور، صحافي، شاعر ۽ نالي وارا سياستدان پڻ خطاب ڪندا.