شڪارپور ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدي فوت، اهلڪارن مٿان تشدد ڪري مارڻ جو الزام

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) شڪارپور ڊسٽرڪٽ جيل ۾ جيل پوليس اهلڪارن جي مبينا تشدد سبب قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل  قيدي فوت وارثن پاران جيل پوليس اهلڪارن مٿان تشدد ڪري مارڻ جو الزام وارثن پاران فوت ٿيل قيدي جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قتل جي ڪيس ۾ بند ٿيل سٺ سالن جو قيدي منٺار گوپانگ مبينا جيل پوليس اهلڪارن جي  تشدد ۾ فوت ٿي ويو جيل پوليس اهلڪارن فوتي قيدي جو لاش سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو  جتان اسپتال جي مارچري شفٽ ڪيو ويو، جتي فوت قيدي جي وارثن فوتي جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو جنھن بعد جڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾ ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، مبينا طور تشدد ڪري ماريل پيرسن جي ڀاءُ شير محمد گوپانگ دانهيندي چيو ته جيل پوليس عملدارن مخالفن کان پئسا وٺي منهنجي ڀاءُ کي ماريو آهي،جيڪڏھن منھنجو ڀاءُ بيمار ھو ته اسان کي اطلاع ڪيو وڃي ھا جيل پوليس اسان کي ڪو به اطلاع نه ڪيو اسان کي اھا خبر پئي ته اوھان جو ڀاءُ جيل ۾ فوت ٿي ويو آهي، پوسٽ مارٽم ڪرايون به ته انصاف نه ملندو، پوءِ لاش جي چير ڦاڙ ڇو ڪرايون، هن ٻڌايو ته ٽي سال اڳ پنھنجي برادري جي پٺاڻ گوپانگ منھنجي ڀائيٽي کي اغوا ڪيو ان کانپوءِ انھن جو ٻين قومن سان به جيھڙو ھلندڙ ھو ان دوران ڇوڪري کڻي ويندڙ جي ڀاءُ صابر گوپانگ کي ڪنھن قتل ڪيو ان جو الزام اسان جي ڀاءُ مٿان لڳو پوليس اصل جوابدارن بدران منھنجي ڀاءُ کي پڪڙي جيل موڪليو جيڪو ٽن سالن کان جيل ۾ قيد ھو اڄ جيل پوليس ان جو لاش ڏنو آهي، ڪير به واضح نٿو ٻڌائي ته سندس موت ڪئين ٿيو، جيل ذريعن موجب قيدي بيمار ھو دل جي تڪليف سبب فوت ٿي ويو آھي ٻئي طرف فوتي جي چڪاس ڪندڙ ڊاڪٽر مطابق ته فوتي جي جسم تي ڪٿي به تشدد جو ڪو به نشان نه مليو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.