27هين ترميم کانپوءِ عدالتون ڪينگرو ڪورٽن کان به بدتر ٿي ويون :زين شاهه

ڪراچي( رپورٽر) تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان اڄ سڄي ملڪ ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف يومِ سياه ملھائڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو آهي.  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان جي وائس چيئرمين سيد زين شاھ جي سربراهي ۾ منير نائچ، ايڊووڪيٽ خواجه نويد امين، ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر ۽ ٻين تي مشتمل هڪ وفد ڪراچي بار جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي۔ ملاقات دوران سيد زين شاھ 27هين آئيني ترميم خلاف ڪراچي بار جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ اهو عزم ورجايو ته تحريڪ تحفظِ آئینِ پاڪستان 26هين ۽ 27هين سميت سڀني غير آئيني ترميمن جي ڀرپور مزاحمت ڪندي۔ سيد زين شاھ ٻڌايو ته تحريڪ تحفظِ آئینِ پاڪستان اڄ جمعي، 21 نومبر 2025ع تي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ هن ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي ميمبرن کان ڪئي ته هو 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم خلاف هن تحريڪ جي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏين، ڇاڪاڻ ته هي معاملو پاڪستان جي آئين جي وسيع مفاد سان تعلق رکي ٿو. ڪراچي بار کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي رياست آهي جنهن ۾ سنڌ رضاڪاراڻي طور شامل ٿي هئي۔ سيد زين شاھ چيو ته ملڪ ۾ عدالتون 27هين ترميم کانپوءِ ڪينگرو ڪورٽن کان به وڌيڪ بدتر ٿي ويون آهن، 27هين ترميم کانپوءِ پارليامينٽ جي بالادستي بوٽ جي هيٺان هلي وئي آهي، اسان وڪيلن کي ڪارو ڏينهن ملهائڻ لاءِ دعوت ڏيڻ آيا آهيون، سنڌ حڪومت قلم 144 لاڳو ڪري خوف جي فضا قائم ڪرڻ چاهي ٿي، مون تي 3 ڪوڙيون ۽ هٿ ٺوڪيون ايف آئي آرز داخل ڪيون ويون، جڏهن عدليا به سرڪار جي تابع ٿي وڃي ته پوءِ عدليا ناهي، اسان 26هين ۽ 27هين آئيني ترميم کي جوڊيشل مارشلا سمجهون ٿا، ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي ڪابينا سيد زين شاھ جو ڀليڪار ڪيو ۽ اصولي موقف کي ساراهيو. ڪراچي بار ايسوسيئيشن آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري قدرن جي لاءِ پنهنجي غير مستحڪم جو عزم ورجايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.