واش روم ۾ پيل لاش

تحرير: شازيه مظهر

   اسماءَ جي جنم ڏينھن تي سندس مڙس ھڪ پوش علائقي جي وڏي ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني کارائڻ جي آڇ ڪئي،  اسماءَ خوش ٿي جلدي تيار ٿي وئي، ٻئي ريسٽورنٽ پهچي آرڊر ڏئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا،  اسماءَ ڳاڙھي رنگ ۾ بيحد خوبصورت پئي لڳي مڙس جون اکيون ھن تان ھٽيون ئي نه پئي. جيستائين ماني اچي  اسماءَ ھٿ ڌوئڻ لاءِ واش روم جي طرف وئي. واش روم مان نڪرندي ئي  اسماءَ حيرت سان سڄي ريسٽورنٽ کي ڏسي رھي ھئي، ھن کي ھر طرف رت ۽ لاش نظر پئي آيو، جتي نظر پئي ڪري کيس آدم خور جھڙا  انسان ماني جا وڏا  گرهه کائيندي نظر ئي آيا.کيس چڪر اچڻ لڳا پر هن پاڻ کي سنڀالي ورتو، ۽ مڙس ڏانھن نظر پيس وري ساڳيو منظر اکين ۾ اچي ويس سڀ  ڪجهه نارمل نظر اچڻ لڳس جيئن پھريان ھيو. ماڻھو مزي سان پنھنجي ٻارن سان گڏ ماني کائي رھيا ھئا. ڪير وري پنھنجي گھرايل  مھمانن جي اوسيئڙي ۾ ھيا ڪير وري پنھنجي وي آئي پي مھمانن جي آجياڻن ۾ لڳا پيا ھيا ته وري ڪير پنھنجي فيملي سان کل ڀوڳ ڪري کاڌي جو لطف وٺي رھيا ھيا.

   اسماءَ تون گم سم ڇو آھين اڄ تنھنجو ڏينهن آھي چھري تي مرڪ آڻ خوش ٿي تون مرڪندي سٺي لڳين ٿي.   اسماءَ شروع کان ئي تمام حساس طبيعت جي مالڪ رھي آھي ھوءَ ٻين جي دردن کي پنھنجو درد سمجھي محسوس ڪندي رھي آھي. ھن کي ريسٽورنٽ جو ماحول اوپرو اوپرو پئي لڳو. هن کي هتي عجيب محسوس پئي ٿيو. هوءَ اڪثر چوندي هئي ته اسان هڪ ئي ملڪ ۾ هڪ ئي صوبي ۾ مختلف دنيا ڏسندڙ ماڻهو آهيون. غريب امير ائين وچولي دنيا. هن کي ايليٽ ڪلاس کان چڙ هئي. بقول هن جي جيڪڏهن هي وڏو ڪلاس پنهنجون عياشيون گهٽ ڪري ۽ پنهنجي دولت جو ڪجهه حصو غريبن ۾ ورهائي ته غربت گهٽ ٿي سگهي ٿي.

   اڄ هن کي هي سڀ ماڻهو ڀوائتا پئي لڳا. ڇو ته اڄ هن کي هي سڀ قاتل پئي لڳا يا پوءِ  جيئن ويٽر ماني کڻي آيو  اسماءَ  رڙ ڪئي تي ھي ڇا، ھي ڪچو گوشت ڇو کڻي آيو آھين ۽ ھتي ڪير به زنده ڇو ناھي. رضا مونکي ڀؤ پيو ٿئي ھتي سڀ فوت زده ماڻھو آھن اٿ ھتان ھلون.

 اسماءَ چري ٿي وئي آھين ڇا، ھتي زندگي ئي زندگي آهي ڏس سڀ ڪيترا خوش آھن سڀني چھرن تي زندگي جي مرڪ آھي.  سڀ زندگي مان لطف اندوز پيا ٿين.

ايئن ئي آهي ته پوءِ واش روم ۾ لاش ڪنھن جو  ھو اها ڳالھائي پئي پر مري چڪي ھئي.

ڪنهن جو لاش  اسماءَ تو ڪنھن جو لاش ڏٺو آهي واش روم ۾. ھاڻي  ته مونکي به ڊپ پيو ٿئي.

ويٽر منھنجي وائف واش روم ۾ لاش ڏسي آئي آهي.

ھا رضا پر زندہ لاش.

 اسماءَ تنھنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي. لاش زنده ڪئين ھوندو.

ھوءَ زنده ھئي صحيح سلامت

صاحب آئون ڏسي ٿو اچان، ويٽر واش روم ڏانهن وڃڻ لڳو.

صاحب واش روم ۾ ڪو به لاش ڪونھي، مونکي لڳي ٿو ميڊم جي طبيعت ٺيڪ ناھي، پريشان لڳي ٿي.

ھي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ھي پاڻ به ته لاش لڳي ٿو زندہ لاش

ھا رضا تون صحيح ٿو چوين ھتي ھر ڪو زندگي سان ڀرپور آھن انھن وٽ بھترين زندگي آھي. ھا ڏس ھي سڀ ڪيترا خوش آھن. پر سچ چوان ٿي اندر لاش آھن.

مونکي لڳي ٿو ھي ويٽر پنھنجي ريسٽورنٽ جي ساک کي بچائڻ لاءِ ڪوڙ ٿو ڳالهائي اھو سوچي رضا واش روم ڏي وڃڻ لڳو.

 صاحب ھي ليڊيز واش روم آھي اوھان نٿا وڃي سگھون ويٽر رضا کي جھلڻ لڳو پوءِ تون ڇو وئين، صاحب آئون ته اوهان جي بيگم جو شڪ دور ڪرڻ لاءِ ويو ھيس پر واش روم ۾ ڪو به لاش ناھي.

ٺيڪ آهي  اسماءَ تون مون سان گڏ ھل ۽ لاش ڏيکار .

 اسماءَ رضا سان گڏ واش روم ڏانهن وڃڻ لڳي.  اسماءَ اڳتي ٿي در کوليو پوءِ رضا کي چيو ته اچ ڏس ھي ھيڏو سارو لاش ھن ويٽر کي نظر ڪونه آيو. رضا اندر جي طرف ڏسڻ لڳو، واش روم ۾ بيسن وٽ ھڪ ڪرسي رکيل ھئي ان تي ھڪ ستر سالن جي پوڙھي مائي ويٺل ھئي جيڪا واش روم ۾ اندر ايندڙ رضا کي ڏسي اٿي بيٺي

صاحب اوھان واش روم ڏانهن نه اچو.

 اسماءَ ڪٿي آهي لاش. رضا شرمنده ٿي ٻاھر نڪرندي چوڻ لڳو .

اها ته ھئي لاش جنھن اوھان کي ٻاھر نڪرڻ لاءِ چيو.

 اسماءَ ھل گھر، تون چري ٿي پئي آھين اجايو پئي چوين.

  رضا اسان جي معاشري جو اھو ئي ته الميو آهي جو اسان بس جسم مان  ساهه نڪري وڃڻ کي ئي موت چوندا آھيون. رضا ھي ھڪ زنده لاش آھي مون ھن سان ڳالهايو، ھن مونکي ٻڌايو ته ھن کي موڪل رات جو ھڪ وڳي ٿيندي آهي. ھيءَ بزرگ مائي رات جي ھڪ وڳي رڪشا ڪري گھر وڃي ٿي. سندس گھر پٺتي پيل غريب علائقي ۾ آهي جتي سڄو ڏينهن لائٽ ناھي ھوندي. ھيءَ گھر ويندي آهي ته اونداهي ۽ گرمي ھوندي آھي ھي سڄي رات سمھي ناهي سگھندي. ھن جا پٽ نشي جي لعنت جا شڪار آهن ھيءَ اڪيلي ڪمائي ٿي ھڪ ويلو ماني کائي ٿي. وري  ڪجهه بچيل سچيل ھتان کڻي وڃي ٿي جيڪا پنھنجي بيمار مڙس ۽ پٽن کي کارائي ٿي. تون رضا ھن کي جيئرو چوين ٿو. ھي زندگي جيڪا ھي گذاري ٿي ڇا واقعي زندگي آھي. رضا ھي ڏس سامھون ويٺل فيملي پنھنجو پاليل ڪتو جيڪو انھن پنھنجي نوڪر کي ڏنو ته ٻاھر بيهي ان کي سنڀال، ڪيترو خوبصورت ۽ صحت مند آھي. ھي ڪتو جنھن کي ڊاگ چئو ته برو نه لڳندو پر ڪتو گار لڳندي آهي. پر آئون ڪتو ئي سڏيندس ھي ڪتو زنده آھي پر ھن جي رسي پڪڙيندڙ ھي نوڪر لاش آھي.  ها تون صحيح آهين هي سڀ ته زنده آهن مري ته هن ملڪ جو غريب عوام ويو آهي جيڪا زندگي انهن جي آهي فقط  ساهه کڻڻ لاءِ آهي جنهن جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي.  ھي لاچار ماڻھو طبعي موت کان اڳ ئي مري ويندا آهن. تون ڀلي انھن کي جيئرو چئه پر مونکي ھي زنده ناھي لڳندا.  وينٽي ليٽر تي پيل بظاھر زنده شخص جنهن کي نلڪين ذريعي منرلز ملندا آهن ۽ مصنوعي  ساهه ڏنو ويندو آھي تن کي به اسان زنده ئي چوندا آھيون.  ھي به ٻه ويلا ماني جي گرھ لاءِ ذلت آميز زندگي جي وينٽي ليٽر تي پيل آھن انھن جي اکين جي چمڪ خوابن جي ٽٽڻ سان گڏ ئي ختم ٿي چڪي آهي. مرڪڻ ته، انھن زندگي جي وينٽي ليٽر تي سمھندي ئي وساري ڇڏيو آهي.

   ھا  اسماءَ تون صحيح آهين. اھو چئي رضا ھن پوڙھي مائي جي ھٿ تي پنج ھزار رکي روانو ٿيڻ لڳو  اسماءَ مائي جي چھري ڏانھن اميد جا ڪرڻا ڏسي مطمئن ٿي ته وينٽي ليٽر لاءِ  ڪجهه رقم  ته ملي ويس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.