فضائيا ۽ بحريا کي ماتحت حيثيت ۾ ڌڪڻ سان اداراتي عدم توازن جو امڪان؟

اسلام آباد (عامر رانا) پاڪستان جي 27هين آئيني ترميم رڳو ھڪ قانوني تبديلي ناھي، پر ملڪ جي دفاعي ڍانچي، جاگرافيائي حڪمتِ عملي ۽ سول ملٽري لاڳاپن ۾ ھڪ اھڙو موڙ آھي جيڪو گهاٽو ۽ ڊگھي اثر رکندڙ قرار ڏنو پيو وڃي. جيتوڻيڪ ھن ترميم تي سياسي ۽ عدالتي سطح تي سخت تنقيد ٿي رھي آھي، پر ان جو روح دراصل جديد جنگي ضرورتن ۽ ڀارت طرفان پيدا ٿيندڙ مستقل خطرن جي ڏس ۾ ھڪ وسيع فوجي نئين سر تنظيم تي ٻڌل آھي. ترميم جي مرڪزي دفاعي حصي تحت چيف آف ڊفنس فورسز (سي ڊي ايف) جو نئون عھدو قائم ڪيو ويو آھي ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي (سي جي سي ايس سي) جو عھدو ختم ڪيو ويو آھي. دفاعي ذريعن مطابق، ھي فيصلو ڀارت جي ’ڊيپ اسٽرائڪ‘ صلاحيتن ۽ سائبر ۽ اليڪٽرو ميگنيٽڪ سرگرمين (سي اي ايم اي) جھڙن نون جنگي ميدانن جي ابھار جي پس منظر ۾ ڪيو ويو آھي. نئين ڍانچي مطابق فضائيا کي عملي قيادت ۽ بري فوج کي حڪمتِ عملي واري ڪمانڊ جي ذميواري ڏني وئي آھي ته جيئن ھڪ ئي وقت ڪيترن محاذن تي درپيش خطرن جو اثرائتي طريقي سان مقابلو ڪري سگھجي.  تنھن ھوندي به، ھي ترميم منظور ٿيڻ جو طريقو جمھوري اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي، ڇو ته قانون سازي جي ھن عمل ۾ پارلياماني بحث کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو. ھن عمل پاڪستان ۾ ھائبرڊ رجيم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آھي، جتي سلامتيءَ جا ادارا رياستي فيصلا سازيءَ تي مڪمل اختيار رکن ٿا. سياسي قيادت کي پوئتي ڌڪڻ جو ھي رجحان قومي سطح تي ڪمزوري جو سبب بڻجي رھيو آھي، جيڪو نه رڳو پرڏيهي پاليسي پر سفارتي ڳالهين جي گنجائش کي به محدود ڪري رھيو آھي. ان ريت، ھي ترميم آخرڪار ان سياسي ويزن جي شڪست طور سامھون آئي آھي جيڪو نواز شريف جھڙن اڳواڻن علائقائي امن ۽ ڀارت سان لاڳاپن جي بھتري لاءِ پيش ڪيو ھو. ھاڻي پاڪستان ھڪ اھڙي فوجي مرڪزيت ڏانھن وڌي رھيو آھي جيڪا بظاھر ڀارت جي پنھنجي فوجي ماڊل جي عڪاسي ڪري ٿي. حقيقت ۾ سڀ کان اھم تبديلي فوجي ڪمانڊ جي نظام ۾ آئي آھي. ڪيترن ڏهاڪن بعد ھي سڀ کان وڏي تنظيمي تبديلي آھي جنھن تحت سي ڊي ايف جو نئون ۽ طاقتور عهدو متعارف ڪرايو ويو، جنھن بابت اندازو لڳايو پيو وڃي ته اھو عھدو فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سنڀاليندو. سي جي سي ايس سي جو عهدو ختم ڪري ان جا سمورا اختيار سي ڊي ايف جي ماتحت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته تازو قائم ڪيل پاڪستان راڪيٽ فورس — جيڪا جوھري ميزائل ڪمانڊ کي الڳ ڪرڻ لاءِ آگسٽ ۾ ٺاھي وئي ھئي هاڻي سڌو سنئون سي ڊي ايف جي ماتحت ھوندي. ھن نئين ڍانچي تي دفاعي ماھرن ۽ سياسي شخصيتن خدشا ظاهر ڪيا آھن. نامياري صحافي باقر سجاد موجب، ھن قدم سان ادارياتي عدم توازن پيدا ٿيڻ جو امڪان آھي، جنھن سان فضائيا ۽ بحريا ٻنھي کي ماتحت حيثيت ۾ ڌڪيو ويو آھي. ان کان علاوه، فوجي اختيارن جي مرڪزي ٿيڻ سان شھري نگراني (سول اوور سائيٽ) جي اصول کي به سخت نقصان پھتو آھي، جيڪو جمھوري نظام جي بنيادي ڍانچي جو حصو سمجھيو ويندو آھي. ھن آئيني ترميم پٺيان سبب اندروني کان وڌيڪ ٻاهريان آھن۔ ھي ترميم ڀارت جي خلاف فوجي توازن بحال ڪرڻ جي ڪوشش طور سامھون آئي آھي. جديد جنگن جي نوعيت تيزيءَ سان بدلجي رھي آھي، جتي سي اي ايم اي (سائبر ۽ اليڪٽرو ميگنيٽڪ سرگرميون) جي اھميت مرڪزي ٿي وئي آھي. ھاڻي جنگ جو ميدان جاگرافي کان نڪري ڪري سائبر اسپيس تائين پھچي چڪو آھي. پاڪستان ھن ميدان ۾ پنھنجي صلاحيت جو مظاهرو تڏھن ڪيو جڏھن مبينا طور سرينگر جي بجلي جي نظام ۾ اليڪٽرو ميگنيٽڪ مداخلت ذريعي خلل وڌو ويو، جنھن سان ڀارت سان حڪمتِ عملي وارو فرق گھٽ ٿيو. ان کان علاوه جديد جنگن ۾ ڊرونز، ميزائلن ۽ سائبر آپريشنن جي امتزاج فيصلو سازيءَ لاءِ ھڪ تمام مربوط ڪمانڊ نظام کي لازمي بڻائي ڇڏيو آھي. علائقائي سطح تي ڀارت جي ’ڊيپ اسٽرائڪ‘ نظريي ۽ ’آپريشن سندور‘ جي تناظر ۾ پاڪستان پنھنجي فوجي ڍانچي جي نئين سر تنظيم کي لازمي سمجھيو. ھن نئين ڪمانڊ ڍانچي تحت بري فوج حڪمتِ عملي واري سطح تي قيادت ڪندي، جڏهن ته فضائيا آپريشنل ۽ ٽيڪٽيڪل سطح تي مرڪزي حيثيت ۾ ھوندي ته جيئن جديد جنگن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگھجي. ھن سڄي صورتحال پاڪستان ۾ ھائبرڊ ريجم جي تصور کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو آھي، جتي سلامتيءَ جا ادارا سمورن اھم رياستي شعبن تي قابض آھن۔ اھا حالت سول حڪومتن ۽ بيوروڪريسيءَ تي اعتماد جي کوٽ جي علامت آھي، جنھن سڄي طاقت جا مرڪز فوجي دائري ۾ مرڪوز ڪري ڇڏيا آھن۔ 27هين آئيني ترميم پاڪستان لاءِ ھڪ اھڙي سياسي ويزن جي شڪست جي علامت بڻجي وئي آھي جيڪو امن، ڳالهه ٻولهه ۽ علائقائي استحڪام تي ٻڌل ھو. نواز شريف جي اها سوچ، جنھن تحت ھن واجپائي کي پاڪستان دعوت ڏني ۽ نريندر مودي کي راءِ ونڊ ۾ ڀليڪار ڪيو، ھاڻي ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪو آھي۔ اڄ سياسي قوتن لاءِ ڀارت سان ڳالهين ۽ مصالحت جي ڳالهه ڪرڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي. شهباز شريف جو فوجي قيادت سان مڪمل ھم آھنگ ھجڻ ھن حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو ته ھاڻي پاڪستان ۾ ڪو اھڙو سياسي ڪردار باقي ناھي جيڪو امن جي حمايت ڪري. نتيجي طور، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ھڪ ٻئي جا عڪس بڻجي ويا آھن، 2 ايٽمي رياستون جيڪي لڳاتار ٽڪراءَ جي دائري ۾ قيد آھن ۽ سفارتڪاريءَ جا سڀ دروازا بند ٿيندا پيا وڃن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 11 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.