قومي اسيمبلي ۾ به گوڙ، اوهان جمهوريت جا دشمن آهيو:پرويز اشرف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي اجلاس ۾ مخالف ۽ حڪومتي ميمبرن هڪٻئي تي سخت تنقيد ڪئي جڏهن ته مخالف ڌر طرفان گوڙ ڪيو ويو۔مخالف ڌر باني پي ٽي آءِ  ميمبر عمران خان جي تصويرن سان پوسٽر کڻي ايوان ۾ آيا. پيپلز پارٽي جي سينيٽر راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته "توهان گوڙ مچائڻ واري مشين نه بڻجي، توهان جمهوريت جا دشمن آهيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي خلاف ڳالهائيندڙ گمراهه آهن .قومي اسمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي نئين چونڊيل ميمبر بلال فاروق  حلف کنيو. حلف برداري کان پوءِ سياسي گرما گرمي ۾ اضافو ٿي ويو . اپوزيشن طرفان آئيني ترميم لاءِ دعا ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو  . محمود خان اچڪزئي به پي ٽي آءِ ميمبرن سان اسپيڪر ڊائس جي سامهون موجود رهيا، جڏهن ته جَي يو آءِ ف جي ميمبرن ان احتجاج ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ نه رهيا ۽ پنهنجن سيٽون تي ويٺا رهيا۔ انهي دوران اپوزيشن رڪن اقبال آفريدي ايون ۾ اذان ڏني جنهن سان ماحول وڌيڪ جذباتي ٿي ويو .قومي اسمبلي ۾ نجڪاري ڪميشن ترميمي بل ڪثرتِ راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته سول ملازمن ترميمي بل 2025 ۽ اقبال اڪيڊمي ترميمي بل 2025 کي تفصيلي جائزي ۽ سفارشات لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي جي حوالي ڪيو ويو۔قومي اسمبلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏيڻ جي قرارداد ڪثرتِ راءِ سان منظور ڪئي وئي، جڏهن ته قومي اسمبلي ۾ قاعدن کي معطل ڪري قرارداد پيش ڪئي وئي۔ ان ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي منصفانه آزادي ناهي ڏني وئي۔ قرارداد ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي شهيد قرار ڏنو وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.