لاڙڪاڻو (رپورٽ: علي ساجد تنيو) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت طرفان ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ سپورٽ پروگرام 2025 تحت ڊي اي پي ۽ يوريا جي خريداري لاءِ بينظير هاري ڪارڊ ذريعي روڪ رقم جي سڌي ريت منتقلي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ انقلابي ۽ ملڪي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون گڏيل پروگرام آهي. پ پ چيئرمين چيو ته پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته هاري خوشحال ٿيندو ته ملڪ خوشحال ٿيندو، اسان جي سوچ آهي ته ڊي اي پي ۽ يوريا جي خريداري جو بار هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي نه کڻڻو پئي. هن چيو ته سندس هدايتن تي وڏي وزير ۽ ان جي ٽيم هڪ گڏيل منصوبو تيار ڪيو آهي، جنهن تحت صوبي جي هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي ڊي اي پي ۽ يوريا جي خريداري لاءِ مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هن تقريب ۾ موجود بينظير هاري ڪارڊ هولڊرز کي مخاطب ٿيندي چيو ته هن وقت ڊي اي پي ۽ يوريا جي خريداري لاءِ امدادي رقم سڌي ريت توهان جي اڪائونٽن ۾ منتقل ٿي چڪي آهي. بلاول ڀٽو زرداري ان منصوبي تي ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ان پروگرام تحت سنڌ جي هڪ ايڪڙ کان 25 ايڪڙ جي مالڪ هارين ۽ آبادگارن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي. هن نشاندهي ڪندي چيو ته صوبي ۾ هڪ ايڪڙ کان 25 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪ هارين جي شرح 90 سيڪڙو ٿئي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان سڄي ملڪ جا هاري پريشان هئا. هن چيو ته زرعي معيشت کي پهچندڙ نقصان جو بار لاڙڪاڻي، پنجاب ۽ وسيب جي هارين کي کڻڻو پئجي رهيو هو. بلاول زرداري چيو ته عالمي معاهدن سبب صوبائي حڪومتن جا هٿ ٻڌل هئا ته اهي ڪڻڪ خريد ڪري سگهيا نه سپورٽ پرائس ڏئي پئي سگهيا. هن چيو ته منهنجي مطالبي تي وزيراعظم ميان شهباز شريف ملڪ ۾ موسمياتي ايمرجنسي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سان گڏ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ واهپيدارن جا بجلي جا بل معاف ڪيا، جنهن تي سندس ٿورائتو آهيان. هن ڪڻڪ جي سپورٽ پرائس ڏيڻ ۽ پروڪيورمينٽ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهائڻ ۽ ان کي قائل ڪري صوبائي حڪومتن کي ان حوالي سان اجازت ڏيڻ تي به وزيراعظم جي قدمن کي ساراهيو. پ پ چيئرمين ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ آئيني ترمين تي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت اسلام آباد ۾ گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پ پ سمجهي ٿي ته آئين، قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو جي امانت آهي. هن چيو ته 1973ع جو آئين هجي يا 18هين ترميم، پيپلز پارٽي جي اها ئي ترجيح رهي آهي ته آئين سازي يا قانون سازي اتفاق راءِ سان ٿئي. هن چيو ته جڏهن ڪا آئيني ترميم يا قانون سازي ٿيندي آهي ته ان لاءِ مخالف جماعتن کي وچولو رستو ڪڍڻو پوندو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀلي 1973ع جو آئين هجي يا 18هين ترميم، لاڙڪاڻي جي عوام جو ڪردار پهرين صف جو رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن هن ملڪ جي معيشت ۾ هارين جو پگهر ۽ رت شامل آهي ته ملڪ جي آئين سازي ۾ لاڙڪاڻي جي عوام جو رت ۽ پگهر شامل آهي. هن 27هين ترميم جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته آئين ۾ هڪ کوٽ هئي، جنهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي پورو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جهڙي ريت سينيٽ ۾ سڀني وفاقي ايڪن کي برابر نمائندگي حاصل آهي، ائين ئي هاڻ ملڪ جي آئيني عدالت ۾ به سڀني صوبن کي برابر نمائندگي حاصل هوندي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي عوام کي خبر آهي ته اهو ڇو ضروري آهي، ڇو ته هنن پنهنجي اکين سان ڏٺو ته جنهن بينچ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي جي سزا ڏني، ان ۾ ججن جي اڪثريت هڪ صوبي مان هئي ۽ باقي ٻين صوبن مان هئا، نه رڳو قائد عوام سان ناانصافي ڪئي وئي، پر هن ملڪ جي وفاق کي لوڏيو ويو. توهان هڪ غلط تاثر موڪليو، اڄ اسان ان جا اثر ڀوڳي رهيا آهيون. آئيني عدالت ۾ سڀني صوبن جي برابر نمائندگي هجي، مان ان وڏي ڪاميابي تي توهان سڀني کي مبارڪباد ڏيان .شهيد محترمه بينظير ڀٽو بعد توهان 18هين ترميم جي شڪل ۾ اهو بحال ڪيو ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي جا جيڪا سمورا شرط هئا، اهي منظور ڪرايا، پر هڪ شرط هو جيڪو توهان کي نه ڪرڻ ڏنو ويو، جيڪو انشاءَالله مان اسلام آباد وڃي اتي ڪري ڏيکاريندس. تقريب ۾ پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، وڏو وزير مراد علي شاهه، زراعت وارو وزير سردار محمد بخش خان مهر، اڳوڻو وڏو وزير قائم علي شاهه، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي عهديدار موجود هئا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته هاري ۽ آبادگار نه صرف اسان کي اناج فراهم ڪندا آهن پر هو ملڪ جي معيشت کي هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن مان انهن کي سلام پيش ڪيان ٿو، چيئرمين هن پروگرام ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي پر اڄ پنهنجي مصروفيتن جي باوجود لاڙڪاڻي پهتو آهي. هن چيو ته هن صوبي پنهنجي تاريخ جو سڀ کان وڏي ٻوڏ 2022ع ۾ ڏٺي ان ٻوڏ دوران چيئرمين پرڏيهي وزير هو . اسان دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو 21 لک گهر ٺاهڻ جو منصوبو شروع ڪيو ۽ چيئرمين هٿ وٺي ان کي ڪامياب ڪرايو، ان وقت وزيراعظم مون کي چيو ته سنڌ وارا ڪڻڪ جو به فصل ڪري نه سگهندا پر سنڌ حڪومت ڪوششون وٺي ٻوڏ جو پاڻي ڪڍرائي ڪڻڪ جي ٻج لاءِ 5 هزار في ايڪڙ ڏئي زراعت جي نيٽ ورڪ کي بحال ڪيو، سنڌ جي آبادگارن 2022ع جي ٻوڏ کان پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڪڻڪ جي پيدائش ڪئي ۽ اسان پاڪستان اندر ڪڻڪ ۾ سرپلس ٿياسين. وفاق ۽ آءِ ايم ايف جنهن امدادي قيمت ڏيڻ تي پابندي لڳائي ان کي نرمي ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اسان گهر ڪئي ته 4 هزار ڪڻڪ جي امدادي قيمت ٿي جيڪا 3500 روپيه ٿي ۽ سنڌ حڪومت 8 کان 10 لک ڪڻڪ پنهنجي هارين ۽ آبادگارن کان خريد ڪندي ته جيئن کين پڪ ٿئي ته حڪومت انهن کان ڪڻڪ خريد ڪري ٿي. هن چيو ته اسان جو زرعي ملڪ آهي تنهن ڪري سڀ کان پهريان زراعت کي سنڀالڻو پوندو ۽ چيئرمين چيو ته هڪ اسڪيم ٺاهيو جنهن اسڪيم جو اڄ افتتاح ٿي چڪو آهي هن اسڪيم تحت 56 ارب جي امدادي رقم ڏني ويندي جنهن سان هو يوريا ۽ ڊي اي پي جي ٻوري خريد ڪندا.اهڙي طريقي سان سارين جي لاءِ به اسن ايگريڪلچر پراڊڪٽ جي ايڪسينچ بڻائينداسين ته جيئن هارين ۽ آبادگارن کي پنهنجي محنت جو پورو صلو ملي. هارين کي گهرجي ته هن پروگرام مان فائدو وٺن جيسيتائين اسان پنهنجي هارين ۽ آبادگارن جو خيال نه رکنداسين تيسيتائين هي ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه ڀٽو جي ويزن مطابق هارين ۽ آبادگارن سان هميشه گڏ بيٺا رهنداسين ڇاڪاڻ توهان جي خوشحالي ملڪ جي خوشحالي آهي، توهان کي تڪليف پهتي ته ملڪ ترقي نه ڪندو، هن پروگرام جي ڪاميابي لاءِ سنڌ حڪومت کي جيڪي قدم کڻڻا پيا سنڌ حڪومت اهي قدم کڻندي. زراعت کاتي جي صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي جنهن ۾ زراعت شعبي 24 سيڪڙو آمدني ڏئي ٿو جيڪو شعبو 40 کان 50 سيڪڙو ملازمت جا موقعا فراهم ڪندو آهي، پوري پاڪستان ۾ 23 زراعت سنڌ صوبي سان آهي، زراعت کي سڀ کان وڌيڪ نقصان موسمياتي تبديلي جي ڪري ٿيو آهي ان لاءِ سڄي ريجن کي گڏ ٿيڻو پوندو. هارين کي امدادي اگهه نه ملڻ، ڀاڻ ۽ ڊي اي پي جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ٿيڻ ۽ زراعت تي ٽئڪس لڳائڻ جي ڪري هارين ۽ آبادگارن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي پر چيئرمين جي ڪري اسان کي ڪڻڪ جي امدادي اگهه مليو ۽ ٽئڪس جي حوالي سان ڪا رليف مليو آهي، چيئرمين جي ڪوششن سان آءِ ايم ايف جي شرطن تي نرمي ٿيندي.