قومي اسيمبلي ۾ 27هين ترميم پيش نه ٿي، اجلاس اڄ تائين ملتوي

اسلام آباد (بيور) 27هين آئيني ترميم قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش نه ٿي، اجلاس اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو، پي پي پي ميمبر راجا پرويز اشرف ايوان ۾ اپوزيشن جي گوڙ ۽ نعرن سبب پنهنجو خطاب مڪمل نه ڪري سگهيو، اپوزيشن گو زرداري گو ۽ زندہ باد عمران خان جا نعرا لڳايا، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم کي راجا رينٽل قرار ڏنو ويو،  سينيٽ ۾ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ترميم پيش ڪئي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني صدارت ڪئي، مخالف ڌر جي اڳواڻن ترميم پيش ٿيڻ دوران احتجاج ڪندي بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ اعظم نذير تارڙ جي ميز ڏانهن اڇلايون،  پارلياماني ڪميٽين مان معمولي تبديليون منظور ٿيڻ بعد بل کي اڳتي وڌايو ويو، پر ڪجهه تجويزون جهڙوڪ ايم ڪيو ايم جي آرٽيڪل 140 ۾ ترميم ۽ اين پي جي صوبو نالو تبديل ڪرڻ واري تجويز موخر ڪئي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.