صدر کي تاحيات ڇوٽ، آرمي چيف بدران ڪمانڊر ڊفينس فورسز ، آئيني عدالت جو قيام

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ ستاويهين آئيني ترميم جي سڀني 59 شقن کي شق وار منظور ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي سينيٽرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته ترميم جي مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه آيو۔ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته فيلڊ مارشل رينڪ هاڻي آئيني حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي. سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو. 27هين ترميم وزير قانون اعظم نذير تارڙ طرفان پيش ڪئي وئي، جنهن تي ڳڻپ ڪئي وئي ۽ بل جي حق ۾ گهربل ٻه ڀاڱي ٽي 64 ووٽ مليا، جڏهن ته مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه آيو. مخالف ڌر اجلاس دوران واڪ آئوٽ جاري رکيو، بل تي تحريڪ پيش ڪئي وئي ۽ مخالف ڌر ايوان ۾ گوڙ شروع ڪئي، جڏهن ته چيئرمين سينيٽ جي ڊائس کي گهيرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون۔ ايوان ۾ مڇي مارڪيٽ بڻجي وئي. تنهن هوندي به مخالف ڌر طرفان بل جي ڪنهن به شق جي مخالفت ۾ آواز ناهي آيو. 27وئين آئيني ترميم جي شق وار منظوري دوران اپوزيشن طرفان ووٽنگ جو مطالبو ڪيو ويو، پر چيئرمين بل جي شق وار منظوري جاري رکي۔  ڳڻپ ۾ نتيجو سامهون آيو، ترميم جي حق ۾ 64 ووٽ مليا. حڪومت کي گهربل 64 جي تعداد جَي يو آءِ احمد خان ۽ پي ٽي آءِ جي سیف الله ابڙو کان ملي وئي. انهن ٻئهين پارٽي پاليسي جي ابتڙ ووٽ ڏنو. شق وار منظوري کان پوءِ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ 27 هين آئيني ترميم جي منظوري جي رٿ پيش ڪئي، جنهن کان پوءِ سينيٽ ۾ گھنٽيون وڄايون ويون، ۽ گھنٽيون ختم ٿيندي ئي ڊويزن جو عمل مڪمل ڪيو ويو۔ ترميم جي حق ۾ 64 ووٽ، جڏهن ته ترميم جي مخالفت ۾ ڪو به ووٽ نه آيو. سينيٽ اجلاس دوران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ فائيو اسٽار رينڪ جي شق شامل ڪئي وئي آهي، ۽ فيلڊ مارشل رينڪ کي هاڻي آئين ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سان ٽيئي فوجن لاءِ فائيو اسٽار رينڪ آئيني حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي۔اسحاق ڊار چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي سينيارٽي برقرار رکڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي، آئيني عدالتن کي ٻين عدالتن کان ڌار ڪرڻ هڪ اهم پيش رفت آهي، ۽ 27 هين ترميم جي منظوري تي سڀني سينيٽرن کي مبارڪباد پيش ڪئي وڃي ٿي۔ نائب وزيراعظم چيو ته آئيني ترميم عدالتي نظام ۾ سڌارن لاءِ ڪئي وئي آهي، ۽ جيئن وعدو ڪيو ويو هو، بل پهريان سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو۔ سڀني سينيٽرن کي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ڏنو ويو، ۽ گڏيل پارلياماني ڪميٽي ٻنهي ايونن جي ارڪنين تي مشتمل هئي۔ سڀني معاملا  گڏيل مشاورت ۽ افهام و تفهيم سان حل ڪيا ويندا۔اسحاق ڊار چيو ته 18هين ترميم ۾ خيبرپختونخوا جو نالو تبديل ڪيو ويو، جيڪو عوامي نيشنل پارٽي جي مطالبو تي ڪيو ويو، جڏهن ته هاڻي مطالبو ڪيو ويو آهي ته صوبو صرف "پختونخوا” نالي سان سڏجي۔ صوبائي نالي ۾ تبديلين بابت وڌيڪ مشاورت ٿيندي، ۽ ايم ڪيو ايم پاران پيش ڪيل بلدياتي نظام بابت ترميم تي به مشاورت ٿيندي.  فاروق ايچ نائڪ ايون ۾ هڪ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ججن جي مقرري عدالتي ڍانچي ۽ صوبائي نمائندگي بابت اهم تبديليون تجويز ڪيون ويون، جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ جي جج جي تعيناتي مدت 5 سال مقرر ڪرڻ ۽ آئيني عدالت ۾ سڀني صوبن جي نمائندگي شامل ڪرڻ جا تجويز شامل آهن۔ سينيٽ ۾ ستاويهين ترميم۾ آرٽيڪل 243 جي شق 4 ۽ 7 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي.چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو بدلائي ڪري ڪمانڊر آف ڊفينس فورسزرکيو ويو آهي. ان ترميم مطابق، صدرِ وزيراعظم جي تجويز تي  ڪمانڊر آف ڊفينس فورسز جي مقرري  ڪندو، جيئن ايئرچيف ۽ نيول چيف جي مقرري ٿئي ٿي. 27 نومبر 2025 کان جوائنٽ چيف آف اسٽاف  ڪميٽي جو عهدو ختم ٿي ويندو.  وزيراعظم آرمي چيف جي سفارش تي ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ جي مقرري ڪندي جيڪو پاڪستان آرمي جي افيسرن مان هوندو.  ترمیم مطابق، وفاقي حڪومت فوجي افسرن کي  فيلڊ  ، جنهن سان انهن کي تاحيات مراعتون ۽ وردي ملندي، فيلڊ مارشل ، ايئر مارشل ۽ ايڊمرل چيف  کي قومي هيرو طور ڄاڻايو ويندو ۽ انهن کي آرٽيڪل47  تحت عهدي تان هٽائڻ جو ڪو طريقو نه هوندو. .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.