محمد ابراهيم جويو ڪنهن شخصيت جو نالو نه پر هڪ فڪر، هڪ تحريڪ ۽ هڪ عزم جو نالو آهي. اهو نالو سنڌ جي فڪري، علمي ۽ ادبي دنيا ۾ اهڙي روشني وانگر چمڪي ٿو، جيڪا هر دور جي اونداهيءَ کي علم، شعور ۽ انسانيت جي جوت سان روشن ڪري ٿي. محمد ابراهيم جويو نه صرف هڪ اديب، ليکڪ، ۽ فلاسافر هو، پر هڪ اهڙو فڪري استاد به هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ کي سنڌ، انسانيت، علم ۽ ٻوليءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. جويو صاحب 13 آگسٽ 1915ع تي ڄامشوري جي ڀرسان ڳوٺ آباد ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو۔ ننڍي ڄمار ۾ والد جي وڇوڙي باوجود هن تعليم کي پنهنجو هٿيار بڻايو. سندس زندگيءَ جي شروعات ئي جدوجهد سان ٿي، پر اها جدوجهد مايوسيءَ ۾ نه، پر محنت، علم ۽ ايمانداريءَ ۾ بدلجي وئي.
هن پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، پوءِ 1927ع ۾ سَن جي اسڪول ۾ داخلا ورتائين. اتي سندس ذهانت ۽ پڙهائيءَ سان محبت سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو۔ 1930ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسته الاسلام ۾ پڙهيو، جتي کيس فڪري طور شعور مليو ۽ 1934ع ۾ مئٽرڪ ۾ ٻئي نمبر تي اچي 20 رپيا اسڪالرشپ حاصل ڪئي، جيڪو ان وقت غريب هاريءَ جي پٽ لاءِ وڏي ڳالهه هئي۔
1938ع ۾ ڊي . جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي پاس ڪيائين، پوءِ 1940ع ۾ بي.ٽي لاءِ بمبئي ويو ۽ 1941ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماسٽر مقرر ٿيو. پر سندس قلم ۽ فڪر سرڪاري نوڪريءَ جي حدن ۾ نه سمايو. سندس پهريون سنڌي مضمون "پڃري جا پکي” رڳو 14 سالن جي ڄمار ۾ لکيو، اهو ئي سندس فڪري انقلاب جي شروعات هئي. 1946ع ۾ انگريزي مضمون "Democracy in School Administration” ڇپيو، جيڪو سنڌ جي تعليمي فڪر ۾ نئين راھ جوڙي ويو. بعد ۾ ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو "اسلام جو تاريخي ڪارنامو” ڪيو، ۽ 1947ع ۾ لکيل ڪتاب "سنڌ بچايو – کنڊ بچايو” سندس قومي شعور ۽ فڪري جرئت جو ثبوت بڻيو. ان ڪتاب سبب کيس نوڪريءَ مان به هٽايو ويو، پر جويو صاحب پنهنجي ايمان، سچ ۽ اصول تي قائم رهيو. محمد ابراهيم جويو جي زندگيءَ جو بنيادي محور علم، تعليم ۽ انسانيت هو۔ هن هميشه چيو ته ”جيڪو انسان تعليم کان خالي آهي، اهو قوم جي سفر ۾ رنڊڪ بڻجي ٿو“ تنهنڪري هن نه صرف تعليم ڏني، پر تعليم جو مقصد به بيان ڪيو۔ هو استاد هئڻ سان گڏ هڪ فڪر جو معمار هو، جنهن پنهنجي شاگردن کي نه رڳو پڙهايو، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ سماج لاءِ ڪم ڪرڻ سيکاريو۔
سندس ادبي ۽ تعليمي خدمتون لافاني آهن. ٺٽي ميونسپالٽي ۾ هيڊ ماسٽر، ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ ماسٽر، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سيڪريٽري ۽ پوءِ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري طور سندس خدمتون سنڌ جي فڪري بنيادن ۾ شامل ٿي ويون. محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ هڪ جدوجهد هئي. هن سنڌي ٻوليءَ کي عالمي فڪر سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ڪتاب "سنڌي ٻولي” ۽ ڪيترائي ترجما، جهڙوڪ سقراط، ارسطو، ٽالسٽاءِ ۽ ٻين فلسفين جا، سنڌي پڙهندڙ کي فڪر ۽ انساني شعور سان جوڙي ڇڏيو. هن لکڻ کي عبادت جو درجو ڏنو ۽ هر سٽ ۾ سنڌ جي محبت جو اظهار ڪيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ سندس دور سنهري دور سڏجي ٿو. هن بورڊ ذريعي علم، ادب ۽ ثقافت لاءِ بيشمار ڪتاب شايع ڪرايا۔ سندس مقصد رڳو ڪتاب ڇپائڻ نه، پر پڙهندڙ پيدا ڪرڻ هو. هو چوندو هو، ”جيڪو پڙهي ٿو، اهو پاڻ کي ڳولي ٿو، ۽ جيڪو پاڻ کي ڳولي ٿو، اهو پنهنجي ڌرتيءَ کي سڃاڻي ٿو.“
محمد ابراهيم جويو سنڌي سماج ۾ فڪر ۽ جدوجهد جو نشان بڻيو. هو نه سياستدان هو، نه حڪمران، پر علم، اصول ۽ سچ جو سپاهي هو. هن هميشه نوجوانن کي سيکاريو ته ڌرتيءَ سان محبت زباني نعري نه، پر عملي جدوجهد آهي۔ هن سنڌي ٻوليءَ جي حق، سنڌ جي وسيلن جي انصاف، ۽ سنڌي شعور جي سجاڳيءَ لاءِ هر محاذ تي آواز اٿاريو. سندس قلم طاقتور هو، پر قلم سان گڏ سندس دل به انسانيت سان ڀرپور هئي. هو چوندو هو، مان دنيا کي فتح نه ٿو ڪري سگهان، پر مان پاڻ کي تعليم، محبت ۽ ايمانداري سان فتح ڪري سگهان ٿو. سندس ادبي ورثو سوين ڪتابن، ترجمن ۽ مقالن تي ٻڌک آهي۔ هر تحرير ۾ سنڌ جي محبت، علم جي جوت ۽ فڪر جي روشني سمايل آهي۔ سندس لکڻين ۾ ڪنهن به قسم جي نفرت، تعصب يا شخصي مفاد جو نشان نه آهي. هو سڀني لاءِ برابري، انسانيت ۽ فڪر جي آزادي جو داعي هو. سندس آخري ڏينهن تائين ڪتاب، قلم ۽ شاگرد سندس سنگت ۾ هئا۔ هن ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي، هميشه شاگردن کي چيو: منهنجي زندگيءَ مان سبق وٺو، ته خدمت جو ڪو مُلھه ناهي، پر ان جو اثر صديون زندھ رهي ٿو.
+