سياست، جمهوريت ۽ انقلاب جو شاعر علامه محمد اقبال

ڊاڪٽر مدد علي شاھ

علامه اقبال هن ڌرتي جي اها شخصيت آهي جنهن کان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان قوم جو ٻچو ٻچو واقف آهي.  هي دنيا جو اهو واحد شاعر آهي جنهن جي شاعري جي هڪ هڪ سٽ ۾ ڪٿي به مايوسي ۽ نا اميديءَ جي ڪا جهلڪ نه ٿي ملي. منهنجو موضوع علامه اقبال جي شخصيت نه پر اقبال جو پيغام آهي علامه اقبال پنهنجن نظرين ۾ سياست، جمهوريت، اشتراڪيت، انقلاب، فرد ۽ ملت، ملت ۽ وطنيت، خلافت، انتظاميا، حڪومتي سرشتي ۽ پاڪستان جي نظريي کي موضوع بڻايو آهي. هي سياست کي انسان جي روحاني زندگي ٻڌائي ٿو ۽ سياست ۽ دين ۾ ڪو فرق نٿو ڪري. اقبال اسلام جي تاريخ جي نمايان شخصيتن مان هڪ آهن، ۽ انهن ۾ ايتري گهرائي ۽ بلندي آهي جو اهو ممڪن ئي ناهي ته انهن جي ڪنهن هڪ خصوصيت يا زندگي جي ڪنهن هڪ پهلوءَ کي ئي ذهن ۾ رکيو وڃي ۽ رڳو انهي پهلو يا خصوصيت تي انهن جي ساراهه ڪئي وڃي۔

نہیں تیرا نشیمن قصر سلطانی کے گنبد پر،

تو شاهیں ہے، بسیرا کر پہاڑوں کی چٹانوں میں

اهو شعر جيڪو نوجوانن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ٿو، شاعرِ مشرق علامه اقبال جو لکيل آهي. علامه اقبال اهڙا ڪيترائي شعر چيا، جن ذريعي هو نوجوانن ۾ حب الوطني، اسلامي فڪر، جديد تعليم سان آراستو ٿيڻ ۽ دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ چاهيندو هو. علامه اقبال جي دلچسپ شخصيت ۽ شاعري اڄ به اسڪولن ۽ يونيورسٽين جي نصاب جو حصو آهي ۽ شاگردن کي پڙهايو وڃي ٿو.

اهو هڪ الميو آهي ته اڄ تائين به علامه اقبال جي شخصيت کي مثبت انداز سان گڏوگڏ منفي انداز ۾ به ورتو وڃي ٿو، ان لا۽ مان پنهنجي ناقص معلومات موجب اهو ئي چوندس ته ان لاءِ اسلام جي تعليمات ۾ ته ايتري تائين اهو حڪم ملي ٿو ته اهو ڏسو ڇا چيو پيو وڃي اهو نه ڏسو ته ڪير پيو چوي. ٻين لفظن ۾ اهو به چئي سگھجي ٿوروايت کي ڏسو، راوي کي نه ڏسو. فطرت جي تعليم ڏيندڙ اهو ڄاڻن پيا ته حق جي رڪاوٽ ۾ ڪڏهن نالا ايندا ته ڪڏهن ذاتيون ۽ ڪڏهن علائقا ايندا آهن بس ايترو ئي چوندس ته اقبال جي پيغام کي سمجهڻ ۾ اقبال جي شخصيت رڪاوٽ آهي ته ان کي اسان عليحده ڪريون ٿا ۔ آءُ پنهنجي لاءِ اهو چوندس ته جي مونکي اقبال سمٍجھه ۾ نه اچي ها ته شايد ڪنهن به بُزگ جو ڪلام سمجھه ۾ نه اچي ها۔ اوهان به بزرگن جو ڪلام ٻڌو هوندو سندن ڪلام جي ڪري انهن بزرگن کي هڪ فڪر سان جوڙيو ويندو آهي ۽ اهو فڪر آهي ته صوفي شاعر يا صوفي بزرگ.

علامه اقبال جي فڪري ۽ نظرياتي رهنمائي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي شعور ۽ بيداري ڏني، شاعر مشرق جي سوچ اڄ به سندن ملڪ لاءِ مشعل راهه آهي. علامه اقبال هڪ اهڙي معاشري جو خواب ڏٺو هو جتي انصاف، برابري ۽ اتحاد بنيادي قدر هجن. پاڪستان جو عوام خاص طور نوجوان اقبال جي شاعري ۽ فلسفي مان سبق حاصل ڪن، قوم اقبال جي ميراث کي رڳو لفظن ۾ نه پر عمل ذريعي زنده رکي. قوم هڪ اهڙي معاشري کي هٿي وٺرائي جنهن جو بنياد رواداري، ديانتداري ۽ ترقي تي هو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اچو هو اقبال جي خواب کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي زندگي ۾ شامل ڪري اڳتي وڌن، اهڙو پاڪستان ٺاهيون جو اقبال جو تصور ڪيل انصاف، امن ۽ برابري جي اصولن کي ظاهر ڪندو هجي.

علامه اقبال عوامي شاعر هو، هن پنهنجي سڄي زندگي مسلمانن جي بيداري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. عالمي سامراج جي چنبي ۾  فڪري، نظري، ثقافتي ۽ سياسي طرح ڦاٿل امتِ مسلمه لاءِ علامه محمد اقبال جيڪي ڏيئا ٻاريا، تن جون ڪرڻون اڄ به آسانيءَ سان محسوس ڪري سگهجن ٿيون. علامه اقبال جي ڪلام ۽ فڪر جي پيغام تي عمل ڪرڻ لاءِ رنگ، نسل ۽ فرقي جي عصبين کي ختم ڪري هڪ ملت جو تصور عام ڪرڻ ضروري آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين پاڪستان کي علامه اقبال جي خواب جي تعبير بڻايون.

نہیں ھے نا امید اقبال اپنی کشت ویراں سے

ذرا نم ہو تو یہ مٹی بڑی ذرخیز ہے ساقی۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.