ڪالهه ڪراچي ۾ ڳري ٽريفڪ حادثن ۾ ٻئه ڄڻا پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا، خبر موجب نٽي جهٽي پل ۽ بهادر آباد واري علائقي ۾گاڏين جي ٽڪر ۾ ٻئه شهر فوت ٿي ويا.ان کان پهريان پڻ يعني ٻئه ڏينهن اڳ پيش آيل حادثي ۾ بلديا جي لڪي چڙهائي وٽ واٽر ٽينڪر هڪ نوجوان کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. اهو نوجوان جيڪو پنهنجي نوڪريءَ تي پئي ويو، اوچتو هڪ تيز رفتار ٽينڪر جي هيٺان اچي پنهنجي زندگي وڃائي ويٺو. ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ پوليس ٽينڪر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي، فوتي نوجوان جو لاش سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ۽ بس… ڇا قصو اتي ئي ختم ٿي ويندو؟ ڇا ڪنهن سرڪاري عملدار، ڪنهن ٽريفڪ آفيسر، يا ڪنهن وزير کان اهو سوال ڪيو ويو ته آخر اهي واٽر ٽينڪر ۽ ڊمپر شهري علائقن ۾ ڏينهن جو رش ۽ اسڪول جي وقت ۾ ڇو هلي رهيا آهن؟ ڇا انهن گاڏين جا بريڪ ٺيڪ آهن، ڊرائيور وٽ ترتيب يافته آهن ۽ وٽن اصلي لائنسس آهي؟
اهڙي طرح فيض گنج ۾ پيش آيل حادثو پڻ انتهائي دل رنجائيندڙ آهي ، جتي تيز رفتار ٽرالر هڪ موٽر سائيڪل سوار خاندان کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو. هڪ ماءُ پنهنجي ٽن معصوم ٻارڙن سميت فوت ٿي وئي ۽ پيءُ سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو. جتي مڇريل ماڻهن فوتين جا لاش رکي ڌرڻو هنيو. گاڏين جي تيز رفتاري، ڊرائيورن جي نشي واري حالت ۾ بي احتياطي، بي لائسنس ڊرائيونگ، اوور لوڊ گاڏيون ۽ روڊن جي خراب حالت گڏجي روزانو ڪيترن ئي ماڻهن جي موت جو سبب بڻجن ٿيون. پر اسان جي حڪومت ۽ ادارا لاءِ اهي حادثا ڄڻ ڪا وڏي ۽ ڳڻتي جوڳي ڳالهه ناهن رهيا. اسان وٽ ٽريفڪ جا قانون رڳو ڪتابن ۾ لکيل آهن. عملي زندگيءَ ۾ ڪو به نظام نه آهي. روڊ تي ڊيوٽي ڏيندڙ پوليس اهلڪار چيڪنگ جي نالي تي خرچي وٺڻ ۾ مصروف هوندا آهن. جيڪي ماڻهو بنا لائسنس ۽ ضروري ڪاغذن جي گاڏيون هلائي رهيا آهن، سي ڪنهن به چيڪ پوسٽ تي ڪجهه نوٽ ڏئي نڪري وڃن ٿا. نتيجي ۾ جڏهن اهڙي گاڏي ڪنهن غريب مسافر يا مزدور جي زندگي ختم ڪري ٿي، ته سڄي ڪارروائي جو انجام ”ڊرائيور فرار ٿي ويو، ٽينڪر تحويل ۾ ورتو ويو“ تي اچي بيهي ٿو.
سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ٽريفڪ نظام گهڻي حد تائين بيڪار ٿي ويو آهي. ٽريفڪ سگنلن جو ڪم نه ڪرڻ ۽ ٽرئفڪ پوليس جي غير موجودگي سبب حادثا عام ٿي ويا آهن. واٽر ٽينڪر، ٽرالر، ڪنٽينر ۽ ٽرڪون شهري حدن ۾ اهڙي تيز رفتاري سان هلن ٿيون ڄڻ ته شهر سندن ذاتي جاگير آهي. ٻئي طرف ڳوٺاڻن علائقن ۾ صورتحال ان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. اتي نه ڪو روڊ جي مارڪنگ جو نظام آهي، نه ڪو اسٽريٽ لائيٽ، نه روڊ سائيڊ بورڊ، نه سگنل. ڳوٺن ۾ موٽر سائيڪلن جو استعمال وڌي چڪو آهي، پر تربيت ۽ ٽريفڪ قانون جي ڄاڻ ٻڙي آهي. نوجوان بنا هيلمٽ، بنا لائسنس جي ٽي ٽي ۽ چار چار ڄڻا به موٽر سائيڪل جهڙي غير محفوظ سواري تي سوار ٿي سفر ڪن ٿا. جڏهن ته انهن رستن تي هر وقت ڳري ٽرئفڪ جهڙوڪ ٽرالر، ٽريڪٽر، يا ٽينڪر وغيره هلندا آهن ۽ پوءِ ان غفلت جو نتيجو اهڙو ئي نڪرندو آهي، جيڪو فيض گنج ۾ ڏٺو ويو. اهڙن حادثن جا ذميوار صرف ڊرائيور نه هوندا آهن، بلڪه پورو نظام آهي. اهو نظام جيڪو ڊرائيورن کي بنا تربيت، بنا ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ بنا لائسنس گاڏيون هلائڻ جي اجازت ڏئي ٿو. اهو نظام جيڪو روڊن جي مرمت لاءِ بجيٽ ته رکندو آهي، پر ان مان بهترين ڪم ڪرائڻ جي بدران ڪرپشن ڪري غير معيار ڪم ڪرايو ويندو آهي.
سنڌ سرڪار کي حادثن جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ نتيجا ڏيندڙ قدم کڻڻا پوندا. سڀ کان پهرين، سڀني وڏن شهرن ۾ ٽريفڪ جو شيڊول لاڳو ڪرڻ گهرجي. يعني صبح ۽ شام جي رش واري وقت ۾ واٽر ٽينڪر، ٽرالر يا ڪنٽينر کي شهري علائقن مان گذرڻ جي اجازت نه هجي. ٻي ڳالهه، سڀني ڊرائيورن لاءِ تربيت، ميڊيڪل چڪاس ۽ لائسنسن جو سخت نظام هئڻ لازمي آهي. بنا لائسنس ڪنهن کي به گاڏي هلائڻ جي اجازت نه هجي. ٽئين ڳالهه، هر ضلعي ۾ ٽريفڪ ڪيمپين هلائي عوام کي آگاهي ڏيڻ گهرجي ته ٽريفڪ قانونن جي اهميت ڇا آهي ۽ انهن جي ڀڃڪڙي جا نتيجا ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. روڊ حادثن جي هڪ وڏو سبب روڊن جي خراب حالت پڻ آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊ ايترا ٽٽل آهن جو گاڏي جو توازن برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. انهن روڊن تي نه حفاظتي ديوارون ۽ نه ڪو لائيٽنگ جو بندوبست. نتيجي ۾ رات جو سفر موت سان مقابلو بڻجي وڃي ٿو. اسان جو سماج پڻ پنهنجي ذميواري کان بي نياز ٿي ويو آهي. ماڻهو ٽريفڪ قانونن کي سنجيدگي سان نٿا وٺن. اوور ٽيڪنگ، تيز رفتاري، نشي ۾ ڊرائيونگ، موبائل تي ڳالهائيندي گاڏي هلائڻ ۽ روڊ جي ڪنڊن تي بيهي ڳالهائڻ، اهي سڀ عمل انساني غفلت جا مثال آهن، جيڪي روز ڪنهن نه ڪنهن جي زندگي کسي وٺن ٿا.
روڊ حادثن جي انگن اکرن تي نظر وجهجي ته سنڌ ۾ هر سال هزارين ماڻهو روڊ حادثن ۾ فوت ٿين ٿا، پر انهن مان بمشڪل ڪجهه ڪيسن ۾ ئي ڊرائيورن يا مالڪن خلاف ڪارروائي ٿئي ٿي. ڇو ته پوليس جون ڪارروائيون به اثرائتيون نه هونديون آهن. گهڻا ڊرائيور بااثر ماڻهن جا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي ڪجهه ڏينهن بعد ضمانت تي آزاد ٿي وڃن ٿا، جهڙي طرح لياقت محسود ۽ سندس گارڊ جنهن ڊمپر حادثي کان پوءِ شهرين تي فائرنگ ڪئي هئي، مٿن ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ سندس گرفتاري کان اڳ ئي ضمانت ٿي وئي.
حڪومت کي هاڻي قانوني سڌارا آڻڻا پوندا. روڊ حادثن جي ذميوار ڊرائيورن کي سخت سزائون ڏيڻ گهرجن، جيئن ٻيا ڊرائيور سبق سکن. ٽريفڪ پوليس جي نگرانيءَ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ٿيڻ گهرجي، جيئن ڪيمرا ذريعي اوور اسپيڊنگ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي تي فوري ڪارروائي ٿي سگهي. شهري علائقن ۾ واٽر ٽينڪر ۽ ٽرالرن لاءِ مخصوص روٽ مقرر ڪيا وڃن، ۽ انهن جي خلاف ورزي تي ڏنڊ ۽ گرفتاري لازمي هجي.