پيوٽن جوهري تجربي جي تاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو: روسي پرڏيهي وزارت جي تصديق

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف تصديق ڪئي آهي ته صدر ولاديمير پيوٽن طرفان امڪاني جوهري تجربي جي تياري بابت حڪم تي عمل شروع ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سرگئي لاوروف چيو ته 5 نومبر تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران صدر پيوٽن جي هدايت تي عمل جاري آهي ۽ نتيجن کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.
اهو حڪم آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان غير امڪاني اعلان کانپوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ هن آمريڪا طرفان جوهري تجربا ٻيهر شروع ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو.
ڊونلڊ ٽرمپ روس تي ڳجهي نموني جوهري تجربا ڪرڻ جو الزام پڻ هنيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.