سنڌ ۾ لڳندڙ ميلن جي هڪ الڳ ۽ دلچسپ تاريخ آهي، جا بدقسمتي سان اڃان تائين تاريخ جي دز ۾ دٻيل آهي، جنهن جي جيڪا ڇنڊ ڇاڻ ۽ تحقيق ٿيڻ گهرجي ها، سا نه ٿي سگهي آهي، ان لاءِ اهي تاريخي حقيقتون سنڌ جي ماڻهن تائين نه پهچي سگهيون آهن، جنهن سبب سنڌ جا ماڻهو جهالت جي اونداهه ۾ ڀٽڪي رهيا آهن ۽ ان کي ئي سنئون دڳ سمجهي رهيا آهن، جنهن جي پڄاڻي تباهي تي ٿيندي آهي.
سنڌ ۾ مختلف درگاهن تي لڳندڙ ميلن جي شروعات دراصل انهن ماڻهن جو ڪٺ گڏ ٿيڻ سان ٿي، جيڪي مختلف وقتن تي سنڌ تي قبضو ڪندڙ ڌارين جي يلغار خلاف مزاحمت ۽ ويڙهه جو جذبو رکندا هئا، پر کين ڪٿي به گڏجڻ جو موقعو نه ملندو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ پاران اهڙن ماڻهن جي سخت نگراني ڪئي ويندي هئي ۽ مٿن ڪرڙي نظر رکي ويندي هئي ته ڪٿي هو ڪنهن حڪومت مخالف سرگرمين ۾ ته ملوث ناهن. تڏهن چند ماڻهن کي به سرڪار جي مرضي کان سواءِ گڏ ٿيڻ جي اجازت نه هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو شخص سندن حڪم عدولي ڪندو هو ته کيس سخت سزا ڏني ويندي هئي، اهڙي طرح ماڻهن کي شادي وغيره جي تقريب لاءِ به سرڪار جي ڪاردارن کان خاص طور تي اجازت وٺندي پوندي هئي ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته اهڙو اجازت نامو به انهن ماڻهن کي ئي جاري ڪيو ويندو هو، جيڪي سرڪار جا منظور نظر ۽ اعتبار جي قابل هوندا هئا، جڏهن ته اهڙن ماڻهن کي اهڙي قسم جي ڪا به آزادي ۽ اجازت حاصل نه هوندي هئي ته هو ڪنهن تقريب جو انعقاد ڪري سگهن يا برابر شهري جي حيثيت ۾ پنهنجي زندگي گذاري سگهن.
تڏهوڪي سرڪار جي اصولن مطابق قومي شعور ۽ غاضب قوتن کان نفرت رکندڙ ماڻهن کي ڪنهن هڪ هنڌ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ، گهر اڏڻ توڙي زمين جي مالڪي، تعليم يا نوڪري ڪرڻ جو حق به حاصل نه هوندو هو، جنهن سبب هو معاشي بدحالي، غربت ۽ جهالت جي ور چڙهي سندن نسل ئي تباهه ٿي ويندا هئا، بدقسمتي سان اهي انسان دشمن روايتون ۽ رويا اڄ به اسان جي سماج ۾ زندهه آهن، جتي ڪيترن ئي نج سنڌي قبيلن کي نسلي ۽ مذهبي بنيادن تي کين حقارت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ کانئن نفرت ڪئي وڃي ٿي. اهڙن روين جي ڪري سندن ٻار هڪ ته اسڪول پڙهڻ نٿا وڃن، جيڪڏهن ڪو وڃي به ٿو ته کيس ڪلاس ۾ ٻين شاگردن کان الڳ ويهاريو وڃي ٿو ۽ انهن کي گلاس ۾ پاڻي پيئڻ به نٿو وڃي ۽ نه ئي کين ڪنهن ٿانوءَ کي هٿ لڳائڻ جي به اجازت هوندي آهي. اهي رويا دراصل ان غاضب قوتن جي بڇڙي باقيات ئي آهي، جن کان اسان پنهنجو پيڇو ڇڏائي ناهيون سگهيا، توڙي جو انهن ماڻهن جا هڏا به سنڌ جي مٽيءَ ڳاري ختم ڪري ڇڏيا آهن، پر اهي اسان تي اڄ به حڪمراني ڪري رهيا آهن، نسلي مت ڀيد واري منفي سوچ جي صورت ۾.
ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ جي اهڙين هٿڪنڊن جو حل آزادي پسند ماڻهن اهو ڪڍيو ته اهي درگاهن تي آهستي آهستي گڏ ٿيڻ لڳا، ڪي درگاهن جا مجاور بڻجي آزادي جي پرچارڪ ڪرڻ لڳا. ته ڪي سيلاني بڻجي سنڌ جا رڻ پٽ ۽ جهرجهنگ جهاڳيائون، ڀٽائي به پنهنجي زندگيءَ جا اڪثر سفر ان خيال يعني قومي سجاڳي واري مقصد تحت ڪيا. اهڙي ريت اهي پنهنجي ڳالهه وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ لڳا. آزادي جا متوالا پنهنجي ڳالهه کڻي پنهنجي پنهنجي منزلن ڏانهن نڪري پوندا هئا، جيڪي سال ۾ هڪ ڀيرو طئي ٿيل مخصوص تاريخن تي ڪنهن درگاهه تي گڏ ٿيندا هئا ته اتي هڪ ميلي جهڙو سمان جڙي پوندو هو. اهڙي طرح سنڌ جي درگاهن تي لڳندڙ ميلن جو بنياد پيو. جيڪو اڄ تائين جاري آهي.
سنڌ جي ڊگهي تاريخ ۾ جهڙي طرح حڪمران بدلجندا رهيا، اهڙي طرح سنڌ جون حالتون پڻ پنهنجو پاسو بدلائينديون رهيون. جڏهن انگريزن 1843ع تي سنڌ تي قبضو ڪيو ته ڏٺائون، سنڌ جي مختلف درگاهن تي لڳندڙ ميلن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿي رهيا آهن، کين اهو گمان ٿيڻ لڳو ته ڪٿي انهن ماڻهن کي اسان جي خلاف استعمال نه ڪيو وڃي، اهو سوچي انگريزن درگاهن جي گادي نشينن کي جاگيرون عطا ڪري کين پنهنجو مريد ۽ فرمانبردار بڻائي ورتو ۽ ان مزاحمتي ميڙ جو رخ اهڙي گهگهه اونداهه ڏانهن موڙي ڇڏيو، جتي روشني جو ڪو به ڪرڻو پهچي نه ٿي سگهي ۽ ماڻهو ان انڌوڪار کي پنهنجي قسمت سمجڻ لڳا.
سنڌ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان ادبي يعني غير روايتي ميلا لڳڻ شروع ٿيا آهن، پر اهي ادبي ميلا سنڌ جي وڏن شهر جهڙوڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن وڏن شهرن ۾ ٿي ٿيا ، پر اڄ سنڌ جي تاريخي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ لڳندڙ ” ٽيون انور پيرزادو ادبي ميلو“ واحد ادبي ميلو آهي جيڪو سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ نه رڳو سنڌ جا ناليوارا اديب، دانشور، صحافي ۽ شاعر شريڪ ٿي رهيا آهن، پر انهن سان گڏ اردو ادب جا مشهور ليکاري پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن. ٽيون انور پيرزادو ادبي ميلو سنڌ ۾ هڪ منفرد روايت جو بنياد بڻجي سگهي ٿو. جيڪو قوم ۾ شعور جي بيداري واري ان سلسلي جي ٽٽل تسلسل کي جوڙي اڳتي وٺي ويندو، جيڪو سوين سال اڳ سامراجي سازشن سبب ختم ٿي چڪو هو. مان ”ٽيون انور پيرزادي ادبي ميلي“ کي تاريخ جي اها موٽ سمجهان ٿو، جتان اسان رستو ڀٽڪي غلامي، گمراهي ۽ جهالت جي ور چڙهي ويا هئاسين.