زندگيءَ جو سفر هڪ طويل، پيچيده ۽ گهري جدوجهد آهي، جتي انسان پنهنجن خوابن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ هر ڏينهن نين اميدن سان جاڳي ٿو، پر شام جي آخر ۾ اڪيلائي، مايوسي ۽ اندروني تڪليف کيس پاڻ ڏانهن واپس ڇڪي ٿي اچي. ذهن، جيڪو انسان جو سڀ کان وڏو رفيق آهي، اهو ئي ڪڏهن ڪڏهن سندس سڀ کان وڏو دشمن بڻجي وڃي ٿو. ذهن ئي خوابن کي جنم ڏئي ٿو، ذهن ئي انهن خوابن ۾ زندگيءَ کي تصويري رنگ ڀري ٿو، ۽ جڏهن اهي خواب حقيقت جي سخت ڀتين سان ٽڪرائجي ٽُٽي پون ٿا، ته انسان اندروني درد، پيڙا ۽ مچ جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
اندر جو مچ، جيڪو هر ٽٽل خواب سان وڌندو رهي ٿو، هڪ اهڙو احساس پيدا ڪري ٿو، جيڪو نظر نه ٿو اچي، پر شدت سان محسوس ڪري سگھجي ٿو. اهو انسان جي روح کي آهستي آهستي متاثر ڪري. ذهن کي بيچين ڪري ٿو، ۽ دل کي خاموشيءَ جي ڳوڙهن سان ڀري ڇڏي ٿو. ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن ڏکين حالتن کي ظاهر نٿو ڪري، پر اندر جو هي مچ هر سوچ، هر عمل ۽ هر خواب ۾ موجود رهندو آھي.
اڄ جو انسان، جيتوڻيڪ علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اڳتي وڌي چڪو آهي، پر سندس اندر جو انسان اڃا به اڪيلو ۽ مايوس آهي. ذهن ۾ اڏامندڙ وڏا خواب محبت، عزت، امن، سک، فڪر جي آزادي عمل جي زمين تي پهچي ٽُٽي پون ٿا. انسان محسوس ڪري ٿو ته هو پنهنجي سوچ سان دنيا کي بدلائي سگهندو، پر جڏهن هو معاشري جي بيحسي، ظلم ۽ ناانصافيءَ سان منهن ڏئي ٿو، تڏهن سندس ذهن جا وڏا خواب بڻجي وڃن ٿا، جنهن جي ڇانوَ ۾ صرف درد تڪليف مايوسي باقي رهي ٿي.
سنڌ جو ماڻهو به انهن ئي خوابن جي دنيا ۾ جيئرو آهي. موئن جي دڙي کان وٺي اڄ تائين سنڌي ذهن پنهنجي علم، فڪر، انسانيت ۽ صوفيت تي فخر ڪندو آيو آهي، پر وقت جي ظلم، معاشرتي بيحسي ۽ حڪومتي ناانصافي هنن ذهنن کي گهائل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جي سنڌي ذهنن وٽ خواب ته آهن، پر انهن خوابن کي حقيقت بڻائڻ لاءِ جيڪا آزادي، وسيلا ۽ موقعا گهرجن، اهي زماني جي شور ۾ گم ٿي چڪا آهن.
هڪ غريب شاعر جو ذهن لفظن سان دنيا کي بدلائڻ جي خواهش رکي ٿو، پر غربت ۽ سماجي بيتفاوتي کيس صرف پنهنجي اندروني تڪليف ۾ محدود ڪري ڇڏي ٿي. هڪ شاگرد جو ذهن علم سان قوم جي تقدير بدلائڻ جو خواب ڏسي ٿو، پر ڪرپشن، سفارش ۽ سماجي تعصب جي ڀتين اڳيان سندس اميدون دم ڪن ٿيون. هڪ مزدور جو ذهن پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ روشن تصوير ڏسندو آهي، پر غربت، محنت ۽ روزگار جي بي يقيني کيس اندروني پيڙا ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ٿي. هڪ ڳوٺ جي ڇوڪري جو ذهن پڙهائي ۽ تعليم جي ذريعي سماج کي بدلائڻ جو خواب ڏسندي آهي، پر معاشري جي محدود نظر ۽ حالتن جي پابندي کيس گهر جي ڀتين ۾ قيد ڪري ڇڏي ٿي.
اهي سڀ ٽُٽل خواب، اهي سڀ انسان جي اندر جي پيڙا ۽ مچ جا آئينا آهن، جتي هر فرد پاڻ سان ئي جنگ ڪري ٿو. ذهن جي خاموشيءَ ۾ رڙويون گونجنديون رھن ٿيون. دل جي اونداهيءَ ۾ يادون شدت سان محسوس ٿينديون رھن ٿيون، ۽ ٽٽل خوابن جي ڪهاڻي ۾ زندگيءَ جو احساس اڳ ۾ ئي دفن ٿي وڃي ٿو.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته انسان سدائين پنهنجي اندر جي پيڙا مان ئي وڏيون تخليقون پيدا ڪيون آهن. سقراط جو فڪر، ڀٽائيءَ جا بيت، غالب جا شعر، ٽالسٽاءِ جا ناول اهي سڀ اندروني درد، پيڙا ۽ مچ مان نڪتل آهن. جڏهن انسان پنهنجي اندر جي پيڙا کي محسوس ڪري ٿو، تڏهن اهو شعور ۽ تخليق جي صورت اختيار ڪري ٿو، جيڪو دنيا کي بدلائڻ جي طاقت رکي ٿو. پر هر ماڻهو ايترو همت وارو نه هوندو آهي. ڪيترن جا اندر ساڙ ۽ تڪليف خاموشيءَ ۾ ختم ٿي وڃن ٿا، پر انهن مان ڪو شعور جو ڦڙو جنم نه وٺندو آهي.
اڄ جو سنڌي ذهن به اهڙي ئي ميدان ۾ آهي جتي فڪر، تڪليف ۽ مچ هڪ مستقل ساٿي آهن، اميد جو پاڻي گهٽجي چڪو آهي، ۽ هر دل ۾ هڪ ادھورو خواب دفن ٿيل آهي. ڪا ماءُ پنهنجي پٽ جي روزگار لاءِ تڙپي ٿي، ڪو نوجوان پنهنجي عزت لاءِ تڙپي ٿو، ڪو شاعر پنهنجي لفظن کي خاموشيءَ ۾ دفن ڪري ٿو. ۽ انهن سڀني جي اندر هڪ اهڙو مچ موجود آهي، جيڪو نه فقط انهن کي پر سڄي سماج کي اندر کان متاثر ڪري ٿو.
ذهن جي مايوسي انسانيت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي. جڏهن ذهن خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيندو آهي، سماج مرده ٿي ويندو آهي. جڏهن ذهن سوچڻ کان اڳ ڊڄندو آهي، قومون فنا ٿي وينديون آهن. جڏهن ذهنن ۾ اميد بدران خوف، وسوسا ۽ نااميدي پيدا ٿيندي آهي، تڏهن محبت ۽ فڪر ٻئي خشڪ ٿي ويندا آهن.
سنڌي ماڻهن جي تاريخ ۾ اهڙا مثال ڪافي آهن: شاگردن جي محنت باوجود تعليم جا دروازا بند رهڻ، ڳوٺاڻن جي محنت باوجود زمينن تي قبضا، عورتن جي علم جي خواهش باوجود سماجي رڪاوٽو ناهي سڀ زندگي جا نشان آهن جتي ذهن جا وڏا خواب اڌورا رهجي ويا. سنڌي شاعر ۽ اديب، جهڙوڪ شيخ اياز ۽ منشي پريم چند، پنهنجي دور ۾ اهڙن ڏکين حالتن کي پنهنجي قلم سان پيش ڪيو، جيڪي هزارين ماڻهن جي اندروني پيڙائن جا عڪس هئا.
تنهن ڪري ضروري آهي ته انسان پنهنجي اندر جي مچ، تڪليف ۽ پيڙا کي تسليم ڪري، ان کي وسائڻ نه، پر ان مان روشني پيدا ڪرڻ سيکاري. اهو ئي مچ، جيڪو اندر موجود آهي، انسان کي سجاڳ ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سوز، جيڪو تڙپائي ٿو، تخليق جو سرچشمو بڻجي سگهي ٿو. اسان کي پنهنجين پيڙائن کي فنا نه پر فن بڻائڻو آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي اندر جي تڪليف کي همدرديءَ ۾، پنهنجي شدت کي شعور ۾، ۽ پنهنجي زخم کي فڪر ۾ بدلائي سگهي، ته شايد دنيا ٻيهر خواب ڏسڻ ۽ حقيقت بڻائڻ واري جڳهه بڻجي سگهي ٿي. پر ان وقت تائين، جڏهن اندر جو مچ انسان کي متاثر ڪندو رهندو ۽ هو ان کي لڪائيندو رهندو، وڏا خواب رڳو خواب ئي رهندا. ۽ شايد انهن ئي ٽُٽل خوابن جي ڇانوَ ۾، ڪنهن ڏکويل ماڻهوءَ جي اک اڃا تائين انتظار ۾ آهي ڪاش ڪو خواب، ڪنهن ڏينهن، سچ ٿي پوي.