شام جا پاڇا ڊگها ٿي رهيا هئا رات پنهنجا پر کولي قدرت جي فطرت کي ڍڪي رهي هئي، روڊ جي ڪنڊ تي ٻٻر هوٽل جي اڳيان سورج مکيءَ جا ٻج وڪڻندڙ ڏهن ورهين جو معصوم ٻار بيٺو هو۔ آئون ۽ منهنجو دوست ابراهيم لاشاري ماتلي جي باءِ باس ٻٻرن واري هوٽل تي ويٺا هئاسين هن معصوم تي نظر پئي جنهنجي چهري تي معصوميت ۽ اداسي جي دز ڇائيل هئي، هن جو ميرانجهڙو بدن ڦاٽل ڪپڙا ۽ اکيون اهڙيون ڄڻ ڪنهن اڻ ڏٺي اميد جي راهه ۾ بيٺل هجن. سندس نالو ته مقدر هيو پر سندس زندگي جو مقدر ستمگري جي عالم ۾ ڦاٿل نظر ٿي آيو۔ هو هٿ ۾ ڊالڊا جي هڪ پُراڻي ٿيلهي جهلي، جهيڻي آواز ۾ ماڻهن کي سڏيندو پئي ويو: چاچا ٻج وٺو، ڏاڍا سٺا آهن، کائڻ ۾ مزو ايندو…
اهو جملو هن جي روزيءَ جي اميد به هو ۽ زندگيءَ جي مجبوريءَ جو اظهار به. مون جڏهن هن جي پاسي ۾ بيهي ڏٺو، ته هن جي لهجي ۾ اها سادگي هئي، جيڪا صرف انهن ٻارن جي حصي ۾ ايندي آهي، جن وٽ خواب ته آهن، پر وسيلن جي کوٽ سبب انهن کي ڏسڻ جي همت به نٿي ٿئي. مون هن کي سڏي ڀر ۾ ويهاريو ۽ مون پڇيو، پٽ، تنهنجو پيءُ ڇا ڪندو آهي؟ مقدر ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ڪجهه گهڙيون ڪجھه پل خاموش جي عالم ۾ گم ٿي ويو۔ ڄڻ هن جي زهن ۾ ڪو زلزلو برپا ٿي رهيو هجي۔ وجود ڪنبڻ لڳو هئس. منهنجي انهي سوال هن کي جهوري وڌو هو شايد!! محسوس ڪيم!! جڏهن ڪنڌ مٿي کنيائين سندس اکڙين جي پنبڙين ۾ لڙڪ اٽڪيل نظر آيا جيڪي ڳلن تان گيسيون پائي ڊالڊا جي ٿيلهي مٿان ٽپڪي ڪريا۔ پوءِ اکين ۾ هڪ اوچتو اندر جي اڌمن مان ٺري ويل دک جي ڇنڊ ظاهر اچڻ لڳي۔ آهستي آهستي چيائين، بابا ست سال اڳ ٻي شادي ڪئي ۽ اسان کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو…
اهي معصوم مقدر جا لفظ ڏکڻ جي ٿڌڙي هوا ۾ به سرئو جي منڌ وارو جهولو بنجي اندر کي چيرڻ لڳا هئا۔ سچ ته منهنجا سمورا خيال ۽ سوچون ڪلراٺي ڀت جئيان ڀرڻ ۽ ڊهڻ لڳا ۔ اکڙين به روئي ڏنو هو۔ مون پڇيو، ۽ تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟ سندس آواز ۾ هڪ بي آواز رڙ هئي، چيائين هوءَ هڪ سال اڳ گذاري وئي آهي۔ انهن لفظن ۾ معصوميت نه پر زندگيءَ جي بي درديءَ جي شاهدي هئي۔ هن جو چهرو اداسيءَ سان ڀريل هو، پر ان اداسيءَ ۾ هڪ عجيب قسم جي دانائي به هئي۔ ائين لڳو ڄڻ زندگيءَ جي تلخيءَ هن کي پنهنجن همعصر ٻارن کان ڏهه ورهيه اڳتي وڌائي ڇڏيو هجي۔ پڇيم، ڀائر ڀينر ڪيترا آهيو؟
وراڻيائين، اسين ٻه ڀائر آهيون ۽ ٽي ڀيڻون آهن۔ ٻن ڀيڻن جي شادي ٿي وئي آهي، هڪ ننڍڙي آهي۔ مون کان وڏو ڀاءُ به ٻج کپائي ٿو۔ اسان وٽ پنهنجو گهر ناهي۔ ماسي جي گهر ۾ رهون ٿا۔ هوءَ اسان کي ٻج ڏيندي آهي، وڪڻي پئسا اچي هٿ ۾ ڏيندا آهيون ۽ پوء اسانکي ڪڏهن پنجاهه روپيا ڏيندي آهي، ته ڪڏهن خالي هٿين موٽائي ڇڏيندي آهي، ماني رڳو رات جو ڏيندي آهي۔ ڏينهن جو چوندي آهي، ٻج کپائي پوءِ اچجو۔ هن جو بيان هڪ اهڙي غلاميءَ جو اعتراف هو، جنهن جو ڪو قانوني نالو ڪونهي، پر جيڪا روز هن ڌرتيءَ تي هزارين ٻارن جي زندگين کي ڪنهن انڌيرن جي اونداهين کاهين ۾ ڌڪي رهي آهي۔
مقدر ٻڌائي رهيو هو، ماسي تلاشي به وٺندي آهي، متان پئسا اسان لڪايا ته ناهن۔ ڪڏهن ٻج بچي پيو ته ڏاڍو ماريندي آهي۔ چوي ٿي، ٻج کپائي پوءِ ايندا ڪيو، ڀلي رات ٿي وڃي۔ جئستائين ٻج کپجي نٿو تئستائين گهر نه ايندا ڪيو۔ بس افسوس هي يتيم ٻار آهن , جن کان پنهنجو مفاد حاصل ڪرڻ لاء عجيب حرڪتون ڪري رهي !! جيڪڏهن پنهنجو اولاد هجيس ها ته شايد اهڙو جبري پورهيو نه ڪرائي ها۔
مقدر جي لفظن سان گڏوگڏ منهنجو اندر به ٽٽڻ لڳو هو۔ مون سوچيو، هيءَ معصوم ٻار، جنهن جي هٿن ۾ ڪتاب هئڻ گهرجن ها، سي سورج مکيءَ جا ٻج کپائڻ ۾ پنهنجون زندگيون برباد ڪري رهيا آهن۔
مون چيو، جيڪڏهن تون پنهنجو ٻج پاڻ وٺي وڪڻين ته منافعو وڌندو يا نه ? چيائين يار مون وٽ پنج سئو روپيا هجن ته آئون پنهنجي ٻج جو ڪاروبار ڪيان ها وڏي معصوميت سان چيائين اهي ته آهن ڪون۔ مون چيو ته ٺيڪ آهي اهي پنج سئو رپيا گهرجن ٿا ته اچي وٺ وڃي تون پنهنجو ڪاروبار ڪر۔
منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست ابراهيم لاشاري چيو، ها، هي پنج سئو رپيا وٺ، اڄ کان پنهنجو ٻج پاڻ وڪڻج۔ اسان ٻنهي دوستن گڏجي مقدر کي پئسا ڏنا۔
هلندڙ