محمد علي پٺان جي شاعري جو ڪتاب "گل وڇائيندو رهيو”

پروفيسر عبدالفتاح سپرو

محمد علي پٺاڻ سنڌي ادب جو اهم نالو آهي، جنهن جو نالو ٻڌندي ئي اسان جي ذهن تي سندس سڃاڻپ جا ڪيئي حوالا  تري اچن ٿا. جن ۾ ڪالم نگار، ڊرامانگار، سوانح نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر شامل آهن. هن وقت تائين مختلف ادبي صنفن تي طبع آزمائي ڪندي چاليهارو کن ڪتاب شايع ڪرايا آهن، محمد علي پٺاڻ جي فقط شاعريءَ جا ڏهاڪو کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جن مان  ڪجهه ڪتابن جو اردو توڙي انگريزي ۾ به ترجمو ٿيو آهي.”گل وڇائيندو رهيو“ سندس شاعريءَ جو نئون نڪور ڪتاب آهي. هي ڪتاب غزلن، وائين، گيتن، ترائيلن، ٽيڙن، آزاد نطمن ۽ نثري نظمن تي آڌاريل آهي. شاعري اندر جو آواز آهي، جنهن کي شاعر حسين لفظن، سهڻين تشبيهن، استعارن، اصطلاحن، ترڪيبن، تمثيلن، پهاڪن، چوڻين، ۽ مختلف صنعتن سان سينگاري عوام آڏو پيش ڪندو آهي. جنهن ڪري اهو شعر ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي اثر ڇڏيندو آهي.

محمد علي پٺاڻ پڻ اهڙڻ شاعرن مان هڪ آهي، موضوعاتي حوالي سان هن جي شاعريءَ ۾ نينهن جا نياپا به آهن ته اڪيلائيءَ جون آهون به آهن، درد جون دانهون به آهن، آتش جا آڙاھ به آهن ته  اوسيئرا ۽ سڏڪن سان سارون به آهن. سچائيءَ جون امرتائون به آھن، ته ڪُٺل سپنا به آهن، نظر گهايل به آهي، ته سونهن جي ساراھ به آهي ۽ آدميت جي سرهاڻ ڦهلائڻ جي خواهش به آهي.جيئن هو چوي ٿو:

سونهن آ نازڪ گهڻي، ان جي ڪري،

هَٿُ  کڻي هَرَ هَرَ پيو ساراهجي.

ڪين بدبو گَهرُ ڪندي ڪنهن گَهرَ اندر،

آدميتَ سُرهاڻ جي ڦَهلائِجي.

شاعر سماج جا سُڄاڻ ۽ سڌارڪ فرد هوندا آهن، کين سماج ۾ موجود ماڻهن جي خوشين توڙي غمن جو احساس هوندو آهي. هو ماڻهن جي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي ۽ تڪليف کي پنهنجي تڪليف محسوس ڪندا آهن. محمد علي پٺاڻ هن سماج جو فرد آهي تنهن ڪري هن وٽ به اهي ئي احساس آهن جيڪي عام ماڻهن وٽ آهن. جنهن سماج ۾ هر موڙ تي ناانصافي موجود هجي، اتي عوام کي سواءِ ڏک، ڪرب، غم، روئڻ ۽ پٽڻ ڪٽڻ جي  ڪجهه به پلئه ناهي پوندو ۽ زندگي گذارڻ هڪ بار ٿي پوندي آهي، کين سواءِ حسرت ڪرڻ جي ٻيو  ڪجهه به هڙ حاصل ناهي ٿيندو. اهڙي ماحول واري زندگي جي ترجماني ڪندي محمد علي پٺاڻ چوي ٿو:

غم  اکين  ۾  کڻي  ٿي  رُلي زندگي،

ڪٿ به ناهي خوشي،ڪيئن ٽِلي زندگي!

هر دور جي صوفين پيار، محبت، اتحاد، امن، عدل، انصاف، ڀائپي، مساوات قائم ڪرڻ، پاڻ سڃاڻڻ، حقيقت سڃاڻڻ، انسان جي عظمت کي سڃاڻڻ ۽ ڏاڍ، ڏمر،جبر، بربريت، ظلم، ناانصافيءَ، بغض، ڪيني،

حسد، ساڙ، اجائي، هٺ، وڏائي، فخر ۽ انا کان پري رهڻ جو درس ڏنو آهي.محمد علي پٺان به شاھ لطيف جوپانڌيئڙو  آهي، تنهن ڪري هو به اسان کي ساڳيو سبق ڏيندي، انا کي فنا ڪرڻ ۽ انسان ذات سان سهڻي سلوڪ ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو.ملاحظه ڪريو:

ڪَرِ اَنا کي فنا،

ماڻهپي ڏي وڌي!

محمد علي پٺاڻ جي شاعريءَ ۾ سماجي براين کان سواءِ پيار، محبت، ايڪي، اتحاد، انسان دوستي، وطن پرستي، ،ڌرتيءَ جي وارثي، جماليات،رومانويت، فطرت نگاري توڙي عڪسي شاعريءَ جھڙيون ڪيئي ڌارائون شامل آهن. جيئن هڪ هنڌ فطرتي ۽ لمسياتي يا ڇهائي عڪس بندي ڪندي چوي ٿو:

اُڀ ۾ ڇامالا، کنوڻ اُجالا،

شال، پرينءَ جي واڳ وَرائن…

ڦُڙِ ڦُڙِ اُڻتڻ، اکڙين تڙپڻ،

مَن تاسارو ۽ ٻيو پارو،

هن جا ڪوسا ڀاڪر موٽن،

ڳائي جھومي تن جمالا،

اُڀ ۾ ڇامالا، کنوڻ اُجالا،

شال، پرينءَ جي واڳ وَرائن…

ڇامالا (آسمان) کنوڻ،ڦُڙِ ڦُرِ، فطرتي عڪس آهن جڏهن ته پارو (سيءُ)  ۽ ڪوسا لمسياتي يا ڇهائي عڪس آهن. ڇهڻ مان مراد، انسان پنهنجي چمڙيءَ ذريعي اهو محسوس ڪري ته هيءَ شيءِ ٿڌي آهي يا ڪوسي، کهري آهي يا نرم آهي. محمد علي پٺاڻ جي هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪيئي شعر آهن، جيڪي آپ بيتيءَ جو ڏيک ڏين ٿا. شاعريءَ جي هن ڪتاب ۾ ڪيئي استعارا پڻ استعمال ٿيل آهن، جيئن: زندگي درد جي چڪي، درد جي ٻوڏ، سر سسي تي بار، سر ڪري سنداڻ وغيره.

ان کانسواءِ محمد علي پٺاڻ هن ڪتاب ۾ صنعتن جو پڻ استعمال ڪيو آهي. بحرحال سندس هي ڪتاب سنڌي شاعريءَ ۾ نمايان حيثيت جو حامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.