اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته جنهن به اقتداري پارٽي، ڪنهن تنظيم، اداري يا فرد کي ڪنهن ڪم جي ذميواري ملندي آهي، حڪومت ملندي آهي يا ڪو عهدو ملندو آهي ته اهو اصل ۾ تاريخ کين پنهنجي تاريخ ٺاهڻ جو موقعو ڏيندي آهي. ايئن ئي اسان پهريون به لکيو آهي ته ڪراچي ۾جيئن ته وڏي عرصي کان پوءِ پ پ کي ميئرشپ ملي آهي ۽ گڏوگڏ گذريل چئن سالن کان لاڳيتو سنڌ حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته اسان ان کي، پ پ لاءِ تاريخ طرفان مليل هڪ موقعو سمجهون ٿا. خود پ پ ائين سمجهي ٿي يا نه اها ته خبر ناهي پر هتي اسان جو فرض آهي ته سنڌي عوام جي چونڊيل سنڌ حڪومت کي ان جو احساس ڏياريون ته اها تاريخ جو مليل موقعو سمجهي پنهنجي تاريخ ٺاهي ۽ خاص ڪري پ پ کي ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ جو سونهري موقعو مليو آهي تنهن کي جيڪر اها ضايع نه ڪري. ڇا هيءَ صورتحال پ پ لاءِ آئيڊيل ۽ خوابن جهڙي ناهي ته اها ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گڊ گورننس ۽ حڪومتي رٽ ڏيکاري هتي پنهنجا نوان ووٽر پيدا ڪري. پر پ پ کي ڪراچيءَ جي مالڪي ڪرڻ ۽ پنهنجا نوان ووٽر پيدا ڪرڻ جو جيڪو سونهري موقعو مليو آهي تنهن مان ڪو خاص فائدو وٺندي نظر نٿو اچي.
فائدو وٺڻ ته ٺهيو رهندو ڪراچي کي کنڊر نما شهر بڻايو ويو ويو آهي خاص طور تي هن سال چؤ ماسي جا جيڪي مينهن پيا تن سڄي ڪراچي جا روڊ ڀڃي ڇڏيا آهن. ٻيو وڏو هاڃو اهو ٿيو آهي جو ڪراچي جو سيوريج نظام به مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي جنهن سبب ڪراچي جا اڪثر روڊ گٽرن جي پاڻي سان پيا آهن ۽ تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. اهي ٻه مسئلا آهن جيڪي سنڌ حڪومت کي فوري طور تي حل ڪرڻ گهرجن جڏهن ته مجموعي طور تي ڪراچي ۾ غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو هڪ چئلينج آهي جيڪو گهٽجڻ بدران وڌندو ئي رهي ٿو مثال طور ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جو پراڻو مسئلو آهي جيڪو حل ٿيڻ جو نانءُ ئي نه ٿو وٺي، ايئن بجلي ۽ گيس جي شديد ترين کوٽ آهي جنهن لاءِ غير معمولي ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو نظام به انتهائي ناقص آهي، امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناهي ۽ گندگي توڙي مڇر وڌي ويا آهن، ماحولياتي گدلاڻ جو الڳ مسئلو آهي. اهي سڀ مسئلا جيڪا حڪومت حل ڪندي سا ئي گڊ گورننس جو اعزاز ماڻيندي ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ عوام جون دليون کٽڻ جي اهل بڻجي سگهندي. ٻيو ته ڪراچي جون پسگردايون به آهن جن کي به ترقي جي ضرورت آهي
پر هتي عالم اهو آهي ته ڪراچي جهڙو انٽرنيشنل شهر ئي هاڻي کنڊر بڻجي ويو آهي. هتي هڪ ئي وقت ترقياتي ڪم جي آڙ ۾ ڪراچي جا مک روڊ ڀڳا ويا آهن. جڏهن ته ٿيڻ ائين گهرجي ها ته هڪ روڊ جو ترقياتي ڪم پورو ٿئي ها ته پوءِ ٻئي روڊ تي ڪم شروع ڪيو وڃي ها. هاڻي هڪ ئي وقت تي جو ڪراچي جا ڪافي روڊ ڀڳا ويا آهن ۽ ڪجهه وري چؤماسي جي برساتن سبب تباهه ٿيا آهن ته سڄو شهر کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. خود سنڌ حڪومت تازو هڪ پڌرائي ۾ ڪافي روڊن جي تباهي جو اعتراف ڪيو هو ۽ ٽن مهينن اندر برسات سبب تباهه ٿيل انهن روڊن جي مرمت جو اعلان ڪيو هو پر ڪٿي به انهن تي مرمتي ڪم ٿيندي نظر نٿو اچي. انهن ڀڳل ٽٽل روڊن ۽ مٿان وري انهن تي گٽرن جو گندو پاڻي بيهي ٿو ته ٽريفڪ جو سڄو نظام متاثر ٿئي ٿو.
انهيءَ صورتحال ۾ ڪراچي اندر سفر ڪرڻ ڪنهن جهاد کان گهٽ نٿو لڳي. جنهن پاسي وڃ هر وقت ٽريفڪ جام آهي جنهن ڪري پندرنهن منٽن جو سفر ڪلاڪ ۾، اڌ ڪلاڪ جو سفر ڏيڍ ڪلاڪ ۾، هڪ ڪلاڪ جو سفر ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو. ان حالت کي ئي بيڊ گورننس چئجي ٿو. هن وقت سڄي ڪراچي ۾ صرف شاهراهه فيصل وارو روڊ اعليٰ معيار جو آهي پر اتي وري ٽريفڪ جام جو آزار هوندو آهي. اسان اهو به ڏسندا آهيون ته جتي ٽريفڪ جام ٿيندي آهي ته هنگامي طور تي اتي ڪو ٽريفڪ اهلڪار نظر ناهي ايندو. جڏهن ته ٽريفڪ کاتي وٽ اهڙو الرٽ سسٽم هئڻ گهرجي ته شهر ۾ جتي به ٽريفڪ جام هجي ته ٽريفڪ اهلڪار اتي پهچي وڃن ۽ ٽريفڪ کي روان رکڻ ۾ پنهنجو فوري ڪردار ادا ڪن پر ان ڀيٽ ۾ ڏٺو اهو ويندو آهي ته ٽريفڪ اهلڪار ڳجهن ۽ ننڍن روڊن جي ڪنڊن تي بيهي چالان جي آڙ ۾ رشوت وٺڻ واري ڪم ۾ وڌيڪ مصروف نظر ايندا آهن.
عوامي آواز ميڊيا گروپ جيئن ته عوامي مسئلن بابت آواز اٿارڻ جي پاليسي تي ڪاربند آهي ته عوام ان مان ئي توقع رکندو آهي ته اهو ميڊيا گورپ عوام جي مسئلن جي نشاندهي ڪندو ۽ عوام جي آواز کي اقتداري ايوانن تائين پهچائڻ جو پنهنجو فرض ادا ڪندو. ميڊيا تي اڄ ڪلهه اها تنقيد ڪئي ويندي آهي ته اها عوام جي مسئلن کي اقتداري ايوانن تائين پهچائڻ بدران عوام کي حڪمرانن جا مسئلا ۽ بحران ٻڌايا ويندا آهن جنهن جو مطلب اهو آهي ته ميڊيا جو قبلو پنهنجو رخ مٽائي رهيو آهي پر عوامي آواز جي ميڊيا هاڻي به ان پاليسي تي قائم آهي ته عوام جا مسئلا اقتداري ايوانن تائين پهچائجن، اڄوڪو ايڊيٽوريل به ان مقصد تحت لکيو ويو آهي ته حڪمرانن کي اها زميني حقيقت ٻڌائجي ته ڪراچي جو عوام موجوده حڪومتي ڪارڪردگي مان خوش ناهي. ڪراچي هن وقت کندر بڻيل آهي، روڊ رستا ڀڳا ٽٽا پيا آهن جنهن ڪري هر وقت ڪراچي ۾ ٽريفڪ جام رهي ٿي تنهن جي نشاندهي ڪرڻ اسان جو فرض آهي جيڪو اسان هميشه کان ادا ڪندا رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين جڏهن ته حڪومت جو فرض آهي ته فوري طور تي اهڙين نشاندهين جو نوٽيس وٺي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.