اڄ به اکين اڳيان سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ٿيل اهي ويڊيوز ڪنهن کان ڪين وسريون هونديون جنهن ۾ ڌاڙيلن کي ڀنگ وصول ڪرڻ لاءِ مغوين کي زنجيرن ۾ جڪڙي وڻ ۾ ابتو ٽنگي تشدد ڪندي ڏيکاريو ويو .مغوين ۾ ڪي جوان هئا ته ڪي پوڙها ڪي معصوم ٻار ته ڪي عورتون! شڪارپور واسين کي هڪ مزدور دم جو مريض مستري عبدالرافع جو پٺن اگهاڙو لاش ڪيئن ياد وسرندو!!
هي پورهيت ”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ واري طبقي سان تعلق رکندو هو تن جا مائٽ ڪٿان لکين روپيا آڻي ڌاڙيلن جي پيٽ جو جهنم ڀرين آخر هي پورهيت ڌاڙيلن جي تشدد ۾ شهيد ٿي ويو ۽ پوءِ لاش جو ڀنگ گهريو ويو پر جيڪي مسڪين جيئري جو ڀنگ نه پيا ڀري سگهن ته مئي جي ڀنگ ڀرڻ لاءِ پئسا ڪٿان آڻيندا؟ ان اغوائن جي ظلم شڪارپور ڇا پر سنڌ جي اڪثر گهرن ۾ ڪربلا قائم ڪري ڇڏي .اهڙي ڪربلا جيڪا شايد مائٽن لاءِ ڪڏهن ختم ٿيڻي نه هجي،ڏهين محرم ته سال ۾ هڪ ڀيرو پر اڄ جن جا جگر هن جهان ۾ ناهن واٽ ويندي ڏوهارين هٿان ري سبب ماريا ويا تن جي اندر جا ڦٽ ڪيئن ڇٽندا؟ شڪارپور جا دروديوار اڄ به انهن مائرن جي اڀ ڏار آهن،دانهن ۽ فريادن جا شاهد آهن جن جا چئن پنجن سالن جا معصوم ٻچڙا ڀنگ لاءِ اغوا ڪيا،انسانيت جو درد ۽ احساس رکندڙ دردمند دليون انهن مائرن جي درد کي ضرور سمجهنديون ۽ محسوس ڪنديون هونديون .ماڻهن جو الهھ تلهھ چٽ ٿي ويو ڪن جا جهڳا وڪامجي ويا،ڪن جي مائرن جي ڪل ٿڙي پئي،ڪي روئي روئي ورهاڱي کانپوءِ وري ٻيهر پنهنجي جنم ڀومي کي الوداع ڪري ويا ڀوتارن جي سامهون لڏپلاڻ ٿيڻ لڳي پر ڪنهن انهن کي ٻانهن کان وٺي نه جهليو ته بابا اوهان ڪيڏانهن پيا وڃو توهان ته اسانجا آهيو اوهان توهان سان گڏ آهيون .نه! ڪٿان به ڪابه تسلي ڪونه!!هن کان وڌيڪ ٻيو انياءُ ڪهڙو؟لفظ ناهن جو انهن ماڻهن جي درد جي صحيح معنا ۾ ترجماني ڪري سگهن .
عبدالرافع جو لاش دفنائجي ويو ڏک ونڊڻ لا ڪو ڪين پهتو،مائرون روئي روئي چريون ٿي پيون ڪو مٿي تي هٿ رکڻ ۽ تسلي ڏيڻ نه آيو .ايڏن وڏن ظلمن تي هڪ عجيب خاموشي .ها هاڻي شڪارپور پوليس لائن ۾ وزيرداخلا ۽ ٻين اعلي پوليس عهديدارن جي موجودگي ۾ هڪ وڏي شاهي تقريب ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ نرڙ تي ٽوپيون رکي شهپرن کي تيل مکي پنجاهه کن ڌاڙيل جيڪي سنگين ڪيسن ۾ گهربل آهن ۽ انهن تي سرڪار طرفان ڪروڙين روپيا انعام رکيل آهي سي پنهنجن ڪروڙين روپين جي مهلڪ هٿيارن سميت رضاڪارانه گرفتاري پيش ڪندا .پوءِ ڇا ٿيندو ته انهن تي انڌيون منڊيون ايف آءِ آرون داخل ڪري انهن کي ترت جيلن حوالي ڪبو .جيلن ۾ به مون انهن جي بادشاهت ڏٺي آ،بيقصور غريب ويچارو ته اتي ويل ۾ آ،ان کي ته اهڙن داداگيرن جو اردلي مقرر ڪيو وڃي ٿو .ڏوهاري جيلن ۾ به رعب تاب ۽ داٻي سان پيا گذارين .انهن کي اتي به ڪا پرواهه ڪانهي .اڳتي هلي انهن ڪمزور ايف آئي آرز ۾ نه شاهد بيهندا نه مشير نه ئي فريادي بڻيل اسٽيٽ ئي ڪا ڪيسن جي پوئواري ڪندي .چند مهينن کانپوءِ ڪمزور ڪيسن جا گهر اجاڙيندڙ قيدي جيلن کان ٻاهر هوندا ڄڻ ته جيلن ۾ ٿڪ پٽي تازا ٿيڻ آيا .بهرحال ڀلي وڏيون تقريبون ٿين يا امن جي طرف ان کي انقلابي قدم قرار ڏنو وڃي هي سوال پوءِ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ۽ هوندو ته هي پوليس لائن ۾ ٿيل اعلي تقريب ماڻهن جي دردن جي دوا ٿيندي .مستقبل ۾ امن جي ڪهڙي ضمانت هوندي ڇا ڏوهارين جا سهولتڪار ۽ ماڻهن کان ڀنگ اوڳاڙيندڙ به ان تقريب ۾ سرينڊر ڪندا يا انهن جون پوءِ به ڏه ئي آڱريون گيهھ ۾ .