زيد پيرزادو اديب، شاعر، نثر نگار، ڪالم نگار ۽ پروفيسر آهي. هن جو جنم 15 آڪٽوبر 1973 ۾ ٿيو. سندس تعلق سنڌ جي مشهور ڳوٺ ٻلهڙيجي سان آهي ۽ هو سنڌ جي ليجينڊ انور پيرزادي جو ٽيون نمبر فرزند آهي. زيد پيرزادي آسٽريا مان مائيڪرو بايولوجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ هاڻي ڪراچي يونيورسٽي ۾ مائيڪروبايولوجي شعبي جو پروفيسر آهي. زيد پيرزادي جا هن وقت تائين ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سندس پهريون ڪتاب 2019 ۾ ڇپيو جيڪو نثري نظمن جو ڪتاب ’خيال‘ هيو، جڏهن ته 2022 ۾ سندس ٻيو ڪتاب آسٽريا جو سفرنامو ‘ڏکن پٺيان سک‘ جي عنوان سان ٿيو، جيڪو جلد ئي مارڪيٽ مان ختم ٿي وڃڻ ڪري ان جو ڇاپو آندو ويو آهي ۽ ويجهڙ ۾ سندس ٽيون ڪتاب ’مثبت سوچ‘ پڻ پيڪاڪ پبلشرز پاران شايع ڪيو ويو آهي. زيد پيرزادو پنهنجين لکڻين ۾ سماج جي مڙني مسئلن کي قلم جو موضوع بڻائي، تن جي حل طرف ڌيان ڇڪائيندي پنهنجا تخليقي خيال جديد انداز سان پيش ڪري ٿو.
زيد پيرزادي جي ڪتاب ’خيال‘ ۽ شاعري تي راءِ ڏيندي ناليواري شاعر امداد حسيني لکيو هو ته: ’خيال‘ انسان جي سڀ کان وڏي سگهه آهن.بُتُ ڀلي سنگهرن ۾ سوگهو هجي، پر ’خيال’ کي سوگهي ڪرڻ لاءِ اڃان ڪا به سنگهر نه ٺهي آهي. زيد پيرزادي پنهنجي شعري مجموعي مجموعي جو نالو ’خيال‘ رکيو آهي ۽ هن پنهنجا ’خيال‘شاعريءَ ۾ اسان جي آڏو پيش ڪيا آهن. مان انهن خيالن کي پڙهان ٿو ۽ حيران ٿيان ٿو. ”خيال“ ۾ ڪيترائي اهڙا خيال آهن، جيڪي متاثر ڪندڙ آهن.
سندس شاعري تي راءِ ڏيندي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ لکيو آهي: زيد پيرزادو پنهنجي شاعريءَ ۾ خيالن جي نواڻ ۽ اظهار جي جُداري دڳ تي هلڻ سان گڏ روشن خيالي واري منزل کي اکين جي ماڻڪين ۾ ڏاڍي باريڪ بينيءَ سان سانڍڻ کان ڪٿي به غافل نٿو ٿئي. جيڪا هن کي شاعرن جي ڊگهي قافلي ۾ ٻه ٽڪا اڃان وڌيڪ نمايان ڪري ٿي. زيد پيرزادي جي هن ڪتاب ۾ ڌيمي ڌيمي، آهستي آهستي ۽ گَهِري گَهِري سفر واري خيالي ڪائنات مان گذرندي سندس نظمن کي پڙهجي ٿو ته شاعر جي شاعراڻي اڏام سان ’مينهن ڪُنڍيءَ پور‘ جهڙو ناتو ٿو وڃي ۽ من ائين گد گد ٿيڻ لڳي ٿو، ڄڻ علم ۽ عقل جو ڪو اهڙو خزانو هٿ اچي ويو هجي، جيڪو سوين ڪتابن مان ڪنهن ڪنهن مان ئي حاصل ٿيندو آهي.
هيٺ زيد پيرزادي جي چونڊ نظم مان هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
سَڌَ
سڌ سامهون آهي،
کيسو خالي آهي.
پيڙا وڏي آهي!
ظاهر ۾ بيحد مختصر ۽ اظهار ۾ بيحد سادي لڳندڙ هن نظم ۾ پوري هڪ ڪائنات جو درد سمايل آهي. معاشي طور خالي پڻي جي شڪار ماڻهو لاءِ سٺي نموني زندگي گذارڻ واقعي به ناممڪن بنجي وئي آهي. اهو ئي ڏک ۽ الميو هن نظم جومحورآهي. اسان جيڪڏهن پنهنجي آسپاس نظر ڦيرائينداسون ته ماڻهو ويچارا ٻارهن ڪلاڪن بدران سورهن سورهن ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا، ڪي ٻه ٻه نوڪريون ڪن ٿا، پر زندگيءَ جون حسناڪيون ماڻڻ ته پري، پر بنيادي ضرورتن جي پورائي لاءِ به واجهائي رهيا هوندا آهن. هو روز ضرورت جون سوين شيون ڏسي ته سگهندا آهن، پرخريد ڪري نه سگهندا آهن. هو وڏن وڏن جديد قسم جي سپر اسٽورن، شاپنگ سينٽرن جي ڀريان ته روز گذري سگهندا آهن، پر اندر وڃي ڪجهه خريد ڪرڻ جي منجهن طاقت ئي نه هوندي آهي، ان ڪري اندر خالي وڃي نظارو ماڻڻ به کين پنهنجي ڦٽن تان کلون لاهڻ جيان لڳندو آهي، ان ڪري اهي انهن روشنين ۽ رنگن جي ديس لڳندڙ انهن اسٽورن ۽ سينٽرن ۽ ويندا به ناهن. اهي دراصل اهي فرد هوندا آهن، جن سان جڏهن پنهنجا ٻارڙا گڏ هوندا آهن، تڏهن اهي رانديڪن جي دڪانن وٽان، پهرين ته ڪوشش ڪري گذرندا ئي ناهن، پر جي گذرگاهه اتان ئي آهي ته اتان تڪڙا تڪڙا گذري ويندا آهن ته جيئن سندن ٻار کانئن ڪنهن رانديڪي يا ڪنهن ٻي شيءِ جي فرمائش نه ڪن. هن نظم ۾ زيد پيرزادي اهڙن ئي ڪردارن جي پيڙا کي پينٽ ڪيوآهي. اهو سندن کيسو خالي هجڻ دراصل سندن زندگين جو خوشين ۽ بنيادي ضرورتن کان محروم هجڻ هوندوآهي.
نثري نظم جي وجود ۾ اچڻ ۽ مقبولييت ماڻڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته جيڪي ڳالهيون ماڻهو فني پابندين سبب عروضي شاعري ۾ نٿي چئي سگهيو، اهي نثري نظم ذريعي پوري سگهه سان چئي سگهجن ٿيون ۽ ان ۾ هرون ڀرون ڪنهن به قسم جي تجرديديت جي ضرورت ناهي هوندي، جيڪا اڄڪلهه ڪيترائي نوجوان پنهنجن نظمن ۾ استعمال ڪري رهيا آهن، جن سان نثري نظم جو چٽو ۽ دل کي ڇهندڙ اظهار به، مبهم بنجي پڙهندڙ تائين اڻپورو ۽ اڻ چٽو بنجي پهچي ٿو.
زيد پيرزادي جا نظم پڙهڻ سان شدت سان احساس ٿئي ٿو ته هو موضوعاتي حوالي سان ڏاڍو رچ آهي. هن هر قسم جي موضوعن تي لکيو آهي، ۽ انهن کي نئين رخ سان پيش ڪيو آهي. ۽ سندس اهي سمورا موضوع، هن ديس ۽ هن ديس جي مٽيءَ سان ئي جڙيل آهن. هو مريخ ۽ ٻين سيارن جي پار جون ڳالهيون نٿوڪري. هن جون ڳالهيون، هن جا موضوع يا ڪردار گهڻو ڪري مقامي ئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن جا ڏک پنهنجي جوهر ۾ عالمگيريت رکن ٿا. هونئن به جي احساس سلامت آهي ته هڪ فرد جو درد، پوري ڪائنات جو، پوري انسانيت جو ئي درد هوندو آهي. پر شاعر کي ڳالهه اها ئي ڪرڻ گهرجي، جنهن جو بنياد سندس پنهنجي ديس جي مٽيءَ ۾ ئي رکيل هجي. ڪارو ڪاري پڻ اسان جي سماج جو اهو مرض آهي، جنهن جو اڃان تائين ڪو علاج وجود ۾ نه آيو آهي. سنڌ جو صوفياڻو ڪلچر، ’نياڻي ست قرآن‘ وارو مزاج به ان ڪڌي رسم کي روڪڻ ۾ ناڪام ويو آهي. خبر ناهي ماڻهو لمحي اندرڪيئن وحشي بنجي وڃن ٿا.
اسان جو سماج بنيادي طور بندشن جو سماج آهي، جيڪو عورت لاءِ ته ڏاڍو موتمار آهي. عورت هجي يا مرد، غلطي ته ڪنهن کان به ٿي سگهي ٿي، پر ان حساب سان به هتي ٻٽو معيار آهي. مرد کي ته پهرين، ٻي ۽ شايد ٽي غلطي به معاف هوندي آهي يا ڪئي ويندي آهي، پرعورت وٽ اهڙي ڪنهن به غلطي جي ڪا گنجائش نه هوندي آهي. اصل ڏک يا سانحو ته اهو به آهي ته اسان وٽ ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيندا آهن، جن ۾ بنا ڪنهن تصديق جي ڇوڪرين يا عورتن کي ماريو ويندو آهي. اهڙيون ئي خبرون پڙهي زيد پيرزادي جهڙا حساس فرد اهو لکڻ تي مجبور ٿين ٿا ته:
خبر ناهي ته هن کي ڪاري،
پيءُ ڪيو،
يا طنز ۾ ٻڏل طعني؟
انهن لفظن ۾ وڏو درد آهي. اها دانهن آهي هڪ حساس دل جي ۽ شايد ڏکايل ديس جي به. هڪ حساس دل شاعر به جيئن اهو محسوس ڪيو آهي، ان کي ائين ئي ساڳئي ئي شدت سان بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب به ويوآهي. درحقيقت اهي رسمن رواجن جا طعنا ئي آهن، جن جي ڪري انهن نياڻين کي ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو. ٻئي نظم ۾ ان سڄي ظلم جو ڊراپ سين ٻڌايو ويو آهي ته هڪ ڀريل آباد گهر ڪيئن خالي ۽ تباهه ٿئي وڃي ٿو. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته اهڙن ڪيسن ۾ ڇوڪري يا عورت سان گڏ ڇوڪرو يا مرد به گڏ ڪارو ڪري ماريو ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماريندڙ يا ته گهڻو ڪري جيل هليو ويندو آهي، يا باغي ٿي ڌاڙيل بنجي ويندو آهي، نتيجي ۾ ان گهر جي وڏڙي عورت کي جيل ۾ واڙيو ويندو آهي، جيڪا اڳ ئي لُٽجي چڪي هوندي آهي. پوءِ قيد به اها ڀوڳي ٿي.
بنيادي طور تي شاعر پرامن ۽ امن جا سفير هوندا آهن. اهي جنگ جدل کي پسند ناهن ڪندا. انهي ڪري ظاهر آهي، اهڙو پرامن وجود هٿيارن جي ٺهڻ، انهن جي واپار۽ انهن جي خالي امڪاني استعمال تي به پريشان ٿيندو آهي. زيد پيرزادي جو اهو چوڻ ته هڪ گوليءَ جو ٺهڻ، دراصل هڪ حياتيءَ جو وڃڻ آهي. ڏٺو وڃي ته اهو هڪ نهايت ڳوڙهو احساس آهي، ڇو جو اهو طئي آهي ته جيڪا گولي ٺهندي، اها رت به لازمي وهائيندي.اهو ئي منظر هڪ حساس ڪلاڪار پنهنجي اندر جي اک سان وقت کان اڳ ئي ڏسي وٺي ٿو. ۽ هو ان نتيجي تي پهچي ٿوته ان گوليءَ جو ٺهڻ، هڪ انساني زندگيءَ جو وڃڻ هوندو آهي. دراصل شاعر ان گوليءَ کي سڄي انسان ذات خلاف سمجهي ٿو.
اهو چئي سگهجي ٿو ته زيد پيرزادو نثري نظم جو پنهنجي هڪ مخصوص مزاج وارو شاعر آهي. پر سندس نظمن ۾ ڪٿي ڪٿي شعريت جي کوٽ شدت سان محسوس ٿئي ٿي. مجموعي طور هن جي مکيه موضوعن ۾ فيمينزم، مزاحمت، سماجي حقيقت نگاري، ترقي پسندي، فطرت پسندي، انسان دوستي، رومانيت، سماجي جاگرتا ۽ سڌارا شامل آهن. هو پنهنجي نظمن ۾ سماج کي هڪ بهتر سماج ڏسڻ چاهي ٿو. ۽ چاهي ٿو ته ڪنهن به قيمت تي سماج پنهنجا وڃايل صحتمند قدر پڻ وري حاصل ڪري.