ڇا وفاق سان تعاون ڪرڻ تي عمران خان کي ڪو فائدو حاصل ٿيندو؟

تحرير:عارفه نور

انهيءَ سڄي سياسي پس منظر  جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ عمران خان کي ڪو به رليف نه ملڻ، بدعنواني ۽ نااهل حڪمراني جا الزام شامل هئا، جڏهن ته پارٽي جي اندر (قيادت ۽ ڪارڪنن ٻنهي ۾) علي امين گنڊاپور کان سخت نارضگي موجود هئي۔ سندس غلط فيصلن ۽ ناڪامين بابت افواهه لڳاتار وڌي رهيا هئا. اهو بلڪل واضح هو ته عمران خان پاڻ به ان صورتحال کان مڪمل طور باخبر هو. هن ڪيترائي ڀيرا علي امين گنڊاپور ڏانهن پيغام موڪليو ته هو اچي کيس ملي، ته جيئن صوبائي بجيٽ، وڌندڙ دهشتگردي ۽ ٻين حڪومتي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي، پر ڪجهه وقت علي امين گنڊا پور اڊياله جيل نه پئي ويو ۽ پشاور مان سدائين اهو ئي جواب ڏيندو رهيو ته کيس باني سان ملاقات جي اجازت نٿي ملي. پشاور واري تازي جلسي ۾ معاملو انتها تي پهتو۔ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي راءِ ۾ اهو جلسو  ناڪا هو، جنهن سان نه صرف پارٽي جي مقبوليت ۾ گهٽتائي جا تاثر وڌيا، پر ڪارڪنن ۾ به صوبائي حڪومت خلاف مايوسي وڌي وئي۔

سوشل ميڊيا تي اهڙيون ويڊيوز به گردش ڪنديون رهيون، جن ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڏسڻ ۾ آيو ته جڏهن علي امين گنڊاپور اسٽيج تي آيو ته ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار ڪيو۔ اهي منظر يقيناً علي امين لاءِ پريشان ڪندڙ هئا، جنهن کان پوءِ هو فوراً اڊياله روانو ٿيو ۽ هن ڀيري جيل جا در کلي ويا۔ پر جيئن هو تڪڙ ۾ ويو، اوتري ئي تڪڙ سان واپس به موٽي آيو، جنهن مان اهو تاثر مليو ته عمران خان سان سندس ملاقات سٺي نه رهي۔ بعد ۾ هن صحافين کي وضاحت ڏيڻ جو ڪم بيرسٽر سيف جي حوالي ڪيو، جنهن چيو ته علي امين اڃا به عمران خان جي پسنديده ماڻهن مان آهي، پر پوءِ جڏهن عليمه خان بابت سندس سخت بيان سامهون آيو  ته صورتحال هڪ نئون رخ  اختيار ڪري وئي۔ جڏهن اڊياله مان سرڪاري طور تي علي امين جي برطرفي جو اعلان ٿيو، ته سبب اهو ٻڌايو ويو ته صوبو وڌندڙ دهشتگردي کي سنڀالي نه سگهيو ۽ وزيراعليٰ پنهنجي حڪومت کي وفاقي پاليسين کان الڳ نه رکي سگهيو۔ پر حقيقت شايد ان کان وڌيڪ پيچيده آهي۔

عمران خان خلاف ’توشه خانا 2‘ ڪيس جي ٻڌڻي جيل ۾ تيزي سان هلندڙ آهي ۽ لڳي ٿو ته فيصلي جو رخ اڳواٽ ئي واضح ٿي چڪو آهي۔ مٿين عدالتن مان عمران خان کي ڪنهن به قسم جو رليف ملڻ جو امڪان تمام گهٽ آهن۔ چيو پيو وڃي ته جڏهن سندس خلاف سڀ فيصلا اچي ويندا ته پوءِ هن تائين رسائي وڌيڪ محدود ٿي ويندي۔ اهڙي صورتحال ۾ عمران خان لاءِ اهو فائديمند نه هوندو ته خيبرپختونخواه حڪومت وفاق سان تعاون ڪري، خاص طور تي جڏهن پارٽي ڪارڪن اڳ ۾ ئي ناراض آهن۔ اهو به ممڪن آهي ته هيءَ حڪمت عملي ”هڪ تير سان ٻه شڪار“ واري هجي۔ پر اصل ڇڪتاڻ علي امين جي برطرفي کان وڌيڪ سندس جانشين جي مقرريءَ تي ٿي۔ خيبر پختونخواه ۾ پي ٽي آءِ پاران سهيل آفريدي جي نالي جو اعلان ٿيو، جنهن کي پارٽيءَ اندر ته قبول ڪيو ويو، پر باقي سياسي ڌڙن ان تي سخت ردعمل ڏنو۔

وفاقي اطلاعات واري وزير پريس ڪانفرنس ۾ ان فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهو منظور نه ڪيو ويندو۔ حڪمران ڌر جا ٻيا اڳواڻ به ساڳيو بيان ڏيندا رهيا، جڏهن ته پسِ پرده گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ يا پي ٽي آءِ اندر ڌڙا بندي جون ڳالهيون به هلي رهيون هيون۔ جلد ئي نئين اميدوار سهيل آفريدي تي الزامن جو سلسلو شروع ٿي ويو۔ ڪنهن چيو ته هو مراد سعيد جو ويجهو ساٿي آهي، ڪنهن کيس طالبان جو همدرد سڏيو، ته ڪن مٿس اسمگلنگ يا ان کان به سنگين الزام لڳايا۔ سڀ کان گهٽ پر ممڪن طور تي سڀ کان حقيقي الزام اهو آهي ته هن جو سياسي تجربو تمام گهٽ آهي۔

گورنر خيبر پختونخواه مسلسل قانوني پيچيدگيون پيدا ڪندو رهيو۔ ڪڏهن چيو ته کيس وزيراعليٰ جي استعيفيٰ ملي ئي ناهي، ته ڪڏهن علي امين جي دستخطن جي اصليت تي سوال اٿاريا  ۽  ان وچ هو مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ به هليو ويو۔ ممڪن آهي ته ٻنهي پنهنجي مخالف جي رخصتيءَ تي دل ئي دل ۾ خوش ٿيا هجن، پر جڏهن سرڪاري تصويرون جاري ٿيون ته ٻنهي جا چهرا سنجيده هئا ۽ ملاقات مان ڪو خاص نتيجو به سامهون نه آيو۔ اهي سڀ واقعا ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پشاور واري پريس ڪانفرنس سان به ڳنڍيا پيا وڃن۔ ڪن ماڻهن کي لڳو ته اها پريس ڪانفرنس ڄڻ ته پي ٽي آءِ ۽ خيبرپختونخواه حڪومت تي تنقيد لاءِ ڪئي وئي هجي ۽ اهو تاثر ڏنو ويو ته صوبائي صورتحال جي ذميواري به انهن تي آهي۔ اهڙي ماحول ۾ انهن پريس ڪانفرنسن جي ضرورت يا مقصد تي سوال ڪرڻ آسان ناهي، تنهن ڪري بهتر اهو آهي ته ڳالهه صرف سياست تائين محدود رکي وڃي۔

سومر جي صبح تائين نئين وزيراعليٰ جي چونڊ جو عمل حيرت انگيز طور تي آساني سان مڪمل ٿي ويو۔ اپوزيشن ان عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ نئين وزيراعليٰ لاءِ وڌايل ووٽن مان صاف ظاهر ٿيو ته خيبرپختونخواه جي اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ اڃا تائين متحد آهي۔ پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اڳتي جو سفر به اهڙو ئي هموار هوندو۔ جيئن اڳ چيو ويو، عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ وٽ وفاق سان خوشگوار لاڳاپا رکڻ جا سبب گهٽ آهن۔ ان سان نه ته جيل ۾ ويٺل اڳواڻن کي ڪو فائدو پهچندو، نه ئي اهو خيبرپختونخواه جي عوام جي ناراضگي کي گهٽائيندو، جيڪي دهشتگردي ۽ فوجي ڪارروائين کان تنگ اچي چڪا آهن۔

ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ پاڻ به ڏکئي صورتحال ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته اها اڃا تائين ملڪ ۾ خاص طور تي خيبرپختونخواه ۾  عمران خان جي مقبوليت گهٽائڻ ۾ ناڪام رهي آهي۔ ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته اسٽيبلشمينٽ ٻيهر اهو سوچيو ۽ پوءِ ڇڏي ڏنو ته پي ٽي آءِ کان ٻاهر ڪنهن کي وزيراعليٰ بڻايو وڃي (في الحال اهو ارادو ملتوي ڪيو ويو آهي)۔ اهو صرف ان ڪري نه جو پي ٽي آءِ کي اسيمبليءَ ۾ اڪثريت حاصل آهي، پر ان کان وڌيڪ عوامي ردعمل جي خدشي سبب۔

بلوچستان جي ابتڙ، حڪمران ادارا خيبرپختونخواه ۾ اڃا تائين عوامي احساسن جي پرواهه ڪن ٿا۔ جتي بلوچستان ۾ مڪمل ڪنٽرول هيٺ هلندڙ حڪومت قائم ڪري سگهجي ٿي، جنهن جي ڪا پنهنجي سُڃاڻپ نه هجي، اتي خيبرپختونخواه ۾ اهو عمل ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته  اتي عوامي ردعمل جو خطرو گهڻو آهي۔ اهو ئي رويو 2024ع ۾ به ڏسڻ ۾ آيو هو ۽ شايد اڄ به ساڳي حڪمت عملي هلي رهي آهي۔

جيڪڏهن نئون وزيراعليٰ مزاحمت جو رستو اختيار ڪري ٿو، جيئن امڪان آهي، ته خيبرپختونخواه ۾ امن ۽ سلامتيءَ جي صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن هو علي امين گنڊاپور جي پاليسين کي جاري رکي ٿو، ته پوءِ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان تي وري اهو دٻاءُ وڌندو ته اهي حالتون ٻيهر ڏکيون بڻائن۔

حقيقت ۾، جيستائين عمران خان ۽ وفاقي حڪومت ۾ ٺاهه نٿو ٿئي، تيستائين خيبرپختونخواه جي بحرانن ۾ سڌارو اچڻ جي اميد تمام گهٽ آهي۔ سڄو صوبو ۽ ان سان گڏوگڏ پورو ملڪ، هڪ نئين ۽ ڏکئي دور مان گذرڻ وارو آهي۔

جيڪڏهن نئون وزيراعليٰ مزاحمت جو رستو اختيار ڪري ٿو، جيئن امڪان آهي، ته خيبرپختونخواه ۾ امن ۽ سلامتيءَ جي صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن هو علي امين گنڊاپور جي پاليسين کي جاري رکي ٿو، ته پوءِ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان تي وري اهو دٻاءُ وڌندو ته اهي حالتون ٻيهر ڏکيون بڻائن۔حقيقت ۾، جيستائين عمران خان ۽ وفاقي حڪومت ۾ ٺاهه نٿو ٿئي، تيستائين خيبرپختونخواه جي بحرانن ۾ سڌارو اچڻ جي اميد تمام گهٽ آهي۔ سڄو صوبو ۽ ان سان گڏوگڏ پورو ملڪ، هڪ نئين ۽ ڏکئي دور مان گذرڻ وارو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.