ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پليئر آف دي ٽورنامينٽ لاءِ نامزدگين جو اعلان، پاڪستاني رانديگر به شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پليئر آف دي ٽورنامينٽ لاءِ نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان پليئر آف دي ٽورنامينٽ لاءِ نامزد ڪيل رانديگرن ۾ پاڪستان جو صاحبزادا فرحان پڻ شامل آهي.
صاحبزادا فرحان 7 ميچن ۾ 76 ڏهائي 60 جي ايوريج ۽ سان 383 رنسون ٺاهيون، هن 6 اننگز ۾ 383 رنسون اسڪور ڪري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي هڪ ايڊيشن ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر جو رڪارڊ به قائم ڪيو.
صاحبزادا فرحان سريلنڪا ۽ نميبيا خلاف سينچريون اسڪور ڪيون، هو هڪ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ايڊيشن دوران ٻه سينچريون ٺاهيندڙ اڪيلو بيٽر آهي.
آءِ سي سي طرفان ڀارت جو سنجو سيمسن به پليئر آف دي ٽورنامينٽ لاءِ شارٽ لسٽ ڪيل رانديگرن ۾ شامل آهي.
ان کانسواءِ انگلينڊ جو وِل جيڪس، ڏکڻ آفريڪا جو لُنگي نگيڊي ۽ ايڊن مارڪرم به نامزدگين ۾ شامل آهن، جڏهن ته نيوزيلينڊ جو راچن رويندرا، ٽِم سيفرٽ ۽ آمريڪا جو شاڊلي فن اسڪولوِڪ به بهترين رانديگرن ۾ نامزد ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.