واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته غير مشروط سرينڊر کانسواءِ ايران سان ڪا به ڊيل نه ٿيندي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته” سرينڊر ۽ هڪ عظيم ۽ قبول ڪرڻ جوڳي رهبر جي چونڊ کانپوءِ اسان پنهنجن اتحادين سان گڏجي ايران کي تباهي جي ڪَنڌي تان واپس آڻينداسين، ايران کي معاشي طور تي بهتر ۽ اڳ کان وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين.“