لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي فاسٽ بالر سلمان مرزا هڪ خانگي ٽي وي چئنل طرفان نشر ڪيل خبر تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي صحافي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
واضح رهي ته ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ سريلنڪا جي دوري دوران پاڪستاني رانديگر اڻوڻندڙ سرگرمين ۾ ملوث هئا ۽ هوٽل انتظاميا ان حوالي سان ٽيم مئنيجمينٽ کي باضابطا شڪايت پڻ ڪئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته مبينا واقعي کانپوءِ ٽيم مئنيجمينٽ معاملي جو جائزو ورتو ۽ ظابطن جي ڀڃڪڙي تي رانديگر مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو.
ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ان خبر کي فوري طور رد ڪندي غير تصديق ٿيل ۽ ورغلائيندڙ ڪندڙ قرار ڏنو.
پي سي بي جو چوڻ هو ته چيو ته بنا تصديق جي اهڙيون خبرون نشر ڪرڻ بدنِيتي ۽ غير ذميواراڻي صحافت آهي، بورڊ معاملي تي ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.
هواڏنهن فاسٽ بالر سلمان مرزا به سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي خبر جي سختي سان ترديد ڪئي ۽ چيو ته ميڊيا ۾ هڪ بي بنياد خبر گردش ڪري رهي آهي ۽ هو اهڙي سستي صحافت جي مذمت ڪري ٿو، ڪو به ميڊيا هائوس غير تصديق ٿيل خبر نشر نٿو ڪري سگهي.
سلمان مرزا وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳ ئي هن خبر کي ڪوڙو ۽ بي بنياد قرار ڏئي چڪو آهي ۽ هو ان معاملي تي قانوني ڪارروائي ڪندو.
هن حڪومت پاڪستان کان به اپيل ڪئي ته غلط ڄاڻ پکيڙيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.