اربيل (ويب ڊيسڪ) عراقي ڪردستان ۾ هڪ آمريڪي تيل ڪمپني جي اختيارين جو چوڻ آهي ته آئل فيلڊ تي حملي کانپوءِ اتي تيل جي پيداوار معطل ڪئي وئي آهي.
ڪردستان جي مقامي حڪومت ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته دهڪ صوبي آمريڪي ڪمپني ”ايڇ ڪي اين انرجي“ جي انتظام هيٺ قائم آئل فيلڊ کي عراق ۾ هٿياربند ۽ غير قانوني گروهن طرفان نشانو بڻايو ويو آهي.
اختيارين موجب، حملي سبب آئل فيلڊ کي سخت نقصان پهتو آهي، جنهنڪري اتان پيداوار فوري طور معطل ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هڪ سيڪيورٽي ذريعي جو چوڻ آهي ته هي حملو خميس ڏينهن ٻن ڊرونز ذريعي ڪيو ويو هو.
عراق ۾ ڪردستان جو علائقو هڪ خودمختيار خطو آهي، جنهن کي ڪردستان علائقائي حڪومت هلائي ٿي.