اسرائيل طرفان تهران ۾ ايراني فوج جو زمين اندر اهم بنڪر تباهه ڪرڻ جي دعويٰ 

تل ابيب(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي ڊفينس فورسز(آءِ ڊي ايف) چيو آهي ته تهران ۾ هڪ زمين ايندر قائم بنڪر تباهه ڪيو ويو آهي، جيڪو ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ آيت الله علي خامنه اي جي استعمال لاءِ تيار ڪيو ويو هو.
برطانوي ميڊيا موجب، هي حملو 50 اسرائيلي جنگي جهازن جي ڪارروائي کانپوءِ ڪيو ويو.
آءِ ڊي ايف جو چوڻ آهي ته خامنه اي کي ان بنڪر جي استعمال کان اڳ ئي ” قتل ڪيو ويو هو“.
 آءِ ڊي ايف موجب ”هي بنڪر رهبرِ اعليٰ لاءِ هڪ محفوظ هنگامي ڪمانڊ سينٽر طور استعمال ٿيڻ وارو هو“.
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هي بنڪر تهران جي مرڪزي علائقي ۾ ڪيترين ئي گهٽين تائين پکڙيل هو ۽ ان کي ايراني حڪومت جا اعليٰ عملدار اڃا به استعمال ڪري رهيا هئا.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.