ٻهراڙي جي عورت ۽ ان جا مسئلا

تحرير:خالده منير

اڄ سڄي دنيا جيان سنڌ ۾ به ٻهراڙي جي عورت جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، مختلف ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾  تقريبون ملهايون پيون وڃن، انهن تقريبن ۾ گهڻي ڀاڱي شهري عورت جي شرڪت هجي ٿي، ٻهراڙي جي عورت اهڙين تقريبن ۾ نالي ماتر هجي ٿي، ٻهراڙي جي عورت ويچاري کي اها به خبر نه آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ سندس نالي سان ڪو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ضروت ان ڳالهه جي آھي ته ٻهراڙي جي عورت جو عالمي ڏينهن ٻهراڙي ۾ ئي ملهايو وڃي ته  جيئن ٻهراڙي جي عورت کي ان ڏينهن ملهائڻ جي مقصد جي خبر پوي. کيس سندس حقن جي باري ۾ نه صرف ڄاڻ ملي پر پاڻ به ساڻس زندگي ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ مسئلن جي باري ۾ ڳالهائي سگهي، پر ان جي ابتڙ اهو ڏينھن شهرن ۾ ملهايو ٿو وڃي جنهن سان ٻھراڙي جي عورت کي ڪو به فائدو ناھي. آئون سمجهان ٿي ته شهرن جي ڀيٽ ۾ ان ڏينهن کي ڳوٺن ۾ ملهائي وڌيڪ بامقصد ڪري سگهجي ٿو. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ شهري عورت سان به مسئلن جا انبار آهن، شهري عورت جي زندگي به ڪا ايتري آسان نٿي گذري پر پوءِ به ڳوٺاڻي عورت کان وڌيڪ بهتر گذري ٿي، ٻهراڙي جي عورت وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏي ٿي، ٻهراڙي جي عورت وٽ تعليم جي سهولت نه آهي، صحت جي سهولت نه آهي، بهتر ۽ مستحڪم روزگار جي سهولت ميسر نـ آهي. هي اهي بنيادي اهم ضرورتون آهن جيڪي انساني جياپي لاءِ لازمي آهن، پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ملڪ جي 2024 جي آدم شماري مطابق عورتن جو تعداد 241.5 ملين يعني ڪل آبادي جو 48.51 سيڪڙو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ ٻهراڙي جي عورتن جو تعداد عورتن جي ڪل آبادي جو 61.96 سيڪڙو بيهي ٿو. ڏٺو وڃي ته ترقي يافته ملڪن جا ڳوٺ به شهرن جهڙو ڏيک ڏيندا آهن جتي زندگي گذارڻ جي هر سهولت موجود هوندي آهي ۽ اسان جهڙن پٺتي پيل ملڪن ۾ انسان پيدا ئي ڄڻ سزا ڪاٽڻ لاءِ ٿيو هجي، چوطرف مسئلا ئي مسئلا ۽ انهن جو حل نظر ئي نٿو اچي.

ٻهراڙين ۾ نياڻين جي تعليم گهڻي ڀاڱي صرف پرائمري اسڪول تائين محدود آهي، ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي ڳوٺ آهن جتي مڊل اسڪول جي سهولت آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻهراڙي ۾ نياڻين جي تعليم جو تناسب 46 سيڪڙو آهي، تعليم يافته نه هجڻ ڪري ٻهراڙي جي عورت ڪنهن به سرڪاري توڙي خانگي ادارن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ جي اهل نه آهي، ان سبب جي ڪري ٻهراڙي جي عورت معاشي طور ڪمزور ۽ غير مستحڪم آهي، جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ٻهراڙي جي عورت صبح جو پنج وڳي کان وٺي رات دير تائين محنت مشقت ڪري ٿي، پنج وڳي اٿي هو مال جي جي چاري ۽ ان جي ڏوهائي ڪري ٿي، وٿاڻ صاف ڪري ٿي. مال جي سنڀال سميت گهر وارن لاءِ نيرن تيار ڪري ٻارن کي اسڪول لاءِ تيار ڪري اسڪول موڪلي ٿي، گهر جي صفائي ڪري ٿانو ڌوئي. پاڻي لاءِ ڪوشش ڪري ٿي، ڪنهن وٽ گهر ۾ نلڪي جي سهولت آهي نه ته گهڻي ڀاڱي پري پري کان مٿي تي گهڙا رکي ڀري اچي ٿي، ان کان پوءِ ٻني ٻاري تي وڃي ڪم ڪري ٿي ٻني ۾ گُڏ ڪرڻ، ڦُٽي چونڊڻ، لابارن جي مند ۾ ڪڻڪ سارين جو لابارو ڪرڻ، ڪمند جي ڪٽائي ڪرڻ جو ڪم ڪري شام جو مال جي چاري جو گاھ ڪرڻ سان گڏوگڏ گهر موٽندي سانجهڻ لاءِ ڪاٺيون به پاڻ ڪري موٽندي آهي. گهر اچي مال جي سار سنڀال ڪري گهر جي ماني ٺاهي اڪثر ته رات جو رلي يا ڀرت وغيره جو سيبو ڪنديون آهن، ان سڄي ڏينهن جي ڪم جي کيس ڪا به اجرت هٿ ۾ نه ملندي آهي، جنهن کي هوءَ پنهنجي مرضي سان خرچ ڪري سگهي، پنهنجي مرضي سان ڪپڙو گندي وٺي سگهي، يا پنهنجي مرضي جو ڪا کاڌي جي شي وٺي سگهي، ايتري ڪم جي باوجود هوءَ هٿين خالي هجي ٿي ان کان وڏو ٻهراڙي جي عورت جو معاشي استحصال ڇا ٿو ٿي سگهي؟

ٻئي پاسي ٻهراڙي ۾ ڪي به مناسب صحت سينٽر نه آهن جيڪڏھن ڪنھن ڳورهاري عورت کي رات جي وقت ويم جي تڪليف ٿئي ته بروقت سندس علاج جي ڪا به سهولت ميسر نه آهي، ڳوٺن ۾ ليڊي ڊاڪٽر جي نه هجڻ ڪري شهرن جي اسپتالن تائين پهچندي پهچندي ٻهراڙي جي عورتن جو ويم دوران موت جو تعداد W.H.O جي رپورٽ موجب روزانو ڇھه سو پنجهتر پيدا ٿيندڙ ٻار ۽ ستاويهه مائرون موت جو کاڄ ٿين ٿيون. ٻهراڙين جا وڏا انڱڻ، کليل گهر، لانڍيون، ميدان ۽ وڻ ٽڻ ته سڀن کي پاڻ ڏانهن متوجـهه ڪندا آهن پر انهن گهرن جي بورچي خاني ۾ رڌ پچاءُ ڪندڙ عورت، جيڪا مال جي سڪل ڇيڻي ۽ آلين ڪاٺين جي دونهن سبب مهلڪ بيمارين جو شڪار رهي ٿي جنهن ۾ ٽي بي، سهڪو، دم، الرجي جهڙين بيمارين ۾ ورتل هوندي آهي. ٻهراڙي جيتري خوبصورت نظر ايندي آهي ايتري زندگي گذارڻ سخت آهي، ٻهراڙي جي عورت جي هٿ جو هنري ڪم، جنهن ۾ مختلف ڀرت، مُڪي جو ڪم ۽ مختلف رليون ٺاھڻ جو جيڪو ڪم تقريبن هر عورت کي ڪرڻ اچي ٿو، ورلي ڪا اهڙي عورت ملندي جنهن کي اهو ھنر نه ايندو هجي پر ڪي مناسب ۽ موثر وسيلا نه هجڻ ڪري ٻاهر جا ماڻهو انهن کان تمام سستي اگهه تي ڪم ڪرائيندا آهن، جيڪو اڳتي هلي پاڻ شهر جي مارڪيٽن ۾ تمام مهانگي اگهه ۾ وڪڻندا آهن، جنهن جو منافعو سڌو سنئون پورھيو ڪندڙ ٻهراڙي جي عورت کي ملڻ جي بجاءِ وچ ۾ ٺيڪيداري ڪندڙ فرد کي پهچي ٿو، اهڙي طرح ٻهراڙي جي عورت جي هٿ جي هنر جي مناسب قيمت نه ملڻ ڪري سندس معاشي استحصال ٿئي ٿو، ڏٺو وڃي ته ٻهراڙي ۾ عورتن جي روزگار جا ٻيا ڪي وسيلا نه آهن. فرض ڪجي پنجويھه گهرن تي ٻڌل ڳوٺ ۾ ڪا عورت دڪان کولي ٿي ته هڪ دڪان هلي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪا عورت سلائي ڪري ٿي تڏهن به هڪ عورت ئي ڪري سگهي ٿي. محدود وسيلن جي ڪري ٻهراڙي جي عورت بيروزگار ھجي ٿي، ان ڪري اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته ٻهراڙي جي عورت کي زندگي جون بنيادي  سهولتون مهيا ڪيون وڃن. 1. ٻھراڙي ۾ نياڻين جي تعليم جي لاءِ جوڳا اپاءَ ورتا وڃن، جن ڳوٺن جي آبادي وڌيڪ آهي اتي نه صرف سيڪنڊري پر هاءِ سيڪنڊري تائين اسڪول قائم ڪيا وڃن جيئن ٻهراڙي جي عورت وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري سگهي، 2. ٻهراڙي ۾ صحت جا سينٽر کوليا وڃن جنهن ۾ ليڊي ڊاڪٽر کي لازمي مقرر ڪيو وڃي ته  جيئن ويم دوران عورتن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي اچي سگهي، 3. اسان حڪومت توڙي مختلف ادارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته ٻهراڙي جي عورت جي بهتر معاشي استحڪام ۽ روزگار لاءِ ٻهراڙين ۾ سلائي سينٽر ۽ ڀرت جا سينٽر قائم ڪيا وڃن، انهن ۾ تيار ٿيندڙ مال مارڪيٽ تائين پهچائڻ جون سهولتون پڻ ڏنيون وڃن جيئن ٻهراڙي جي عورت پنهنجي پيرن تي بيهي معاشي طور بهتر زندگي گذاري سگهي. هي ٻهراڙي جي عورت جا بنيادي مسئلا آهن جن جي حل لاءِ حڪومت توڙي نجي ادارا تحرڪ وٺن جيئن ٻهراڙي جي عورت صحتمند خوشحال بهتر زندگي گذاري سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.