شهباز شريف، ٽرمپ ملاقات ۽ غزا ۾ قيام امن جو معاملو

سيد مجاھد علي

اقوام متحده جي اجلاس جي موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه مسلمان ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي، جن ۾ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف به شامل هو. هي ملاقات آمريڪا ۽ قطر گڏيل طور تي ڪرائي هئي، جنهن ۾ پاڪستان کان علاوه ترڪي، سعودي عرب، انڊونيشيا، مصر ۽ متحده عرب امارات جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. غزا ۾ اسرائيلي حملن ۾ تيزيءَ جي خبرون لڳاتار اچي رهيون آهن ۽ لڳي ٿو ته جنگ ختم ٿيڻ جا آثار موجود ناهن. صدر ٽرمپ اقوام متحده ۾ تقرير دوران آزاد فلسطيني رياست جو تصور رد ڪري ڇڏيو. پنهنجي حليف ملڪن پاران فلسطين کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي تي هن چيو ته اهو عمل حماس لاءِ انعام ڏيڻ جي برابر آهي. جنرل اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته غزا ۾ جنگبندي لاءِ 20 اسرائيلي يرغمالين جي آزادي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. اصولي طور ڪو به هن ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري. جيڪي يورپي ملڪ تازن ڏينهن ۾ فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن، سي به غير مشروط طور سڀ يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪن ٿا. البت اسرائيل جي پاليسي اڃا تائين غير واضح آهي. اسرائيل چاهي ٿو ته مستقبل جي غزا ۾ حماس جو ڪو وجود نه هجي ۽ نه ئي اها تنظيم سياسي يا انتظامي معاملن ۾ حصو وٺي.

هن پسمنظر ۾ اهم مسلمان ملڪن جي اڳواڻن سان آمريڪي صدر جي هڪ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ۽ ان ۾ ترڪي ۽ اهم عرب ملڪن سان گڏ پاڪستان جي شرڪت ٻن رخن کان پاڪستان جي ڪردار کي واضح ڪري ٿي. پهريون، پاڪستان کي وچ اوڀر جي سياست ۾ اهم ڌر طور تسليم ڪيو ويو آهي. خاص طور تي تازو سعودي عرب سان دفاعي معاهدي کانپوءِ وچ اوڀر ۾ امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي اهميت نمايان ٿي آهي. البت اهو اڃا واضع ناهي ته پاڪستاني حڪومت هن حوالي سان ڪهڙي آڇ ڪري رهي آهي. اهڙين ملاقاتن ۾ طئي ٿيل ڪجهه شيون پاڪستاني عوام کان منظور ڪرائڻ شايد آسان نه هونديون. ٻيو اهم پهلو اهو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم (پرڏيهي وزير) اسحاق ڊار به اجلاس ۾ شامل هئا ۽ کين پاڪستاني موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ضرور مليو هوندو.

هن اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت اهو ظاهر ڪري ٿي ته عالمي منظرنامي ۾ پاڪستان جي سفارتي اهميت کي تسليم ڪيو پيو وڃي. خاص طور تي ملاقات شروع ٿيڻ کان اڳ ٽرمپ ۽ شهباز شريف جي مختصر ملاقات جي وڊيو ۾ نظر اچي ٿو ته وزيراعظم پر اعتماد نموني ڳالهائي رهيو آهي ۽ صدر ٽرمپ ڌيان سان ٻڌي رهيو آهي. اهو پاڪستان جي اهميت جو ثبوت آهي، پر ساڳئي وقت ان مان اها به توقع ڪئي پئي وڃي ته پاڪستاني حڪومت متوازن حڪمت عملي اختيار ڪندي ۽ غزا جي حوالي سان انصاف تي ٻڌل ڪنهن منصوبي ۾ شريڪ ٿيندي. هي ملاقات عرب ملڪن ۽ آمريڪا سان پاڪستان جي ويجهڙائپ ۽ رابطي جي حوالي سان به اهم آهي.

مسلمان ملڪن سان ٽرمپ جي هن ملاقات بابت ڪا سرڪاري پريس رليز جاري نه ٿي، پر ترڪي جي صدر اردوان چيو ته هي ڳالهه ٻولهه مثبت رهي ۽ غزا ۾ جنگبندي جي اميد پيدا ٿي آهي. پر ساڳئي وقت هن اسرائيلي جارحيت کي نسل ڪشي سان ڀيٽيندي خبردار ڪيو ته هاڻي هي ظلم بند ٿيڻ گهرجي. بعد ۾ صدر ٽرمپ به هن ملاقات کي اهم قرار ڏيندي چيو: ”اسان هڪ اهڙي شي بند ڪرائڻ پيا وڃون جيڪا اسان شروع ئي نه ڪئي هئي.“ خبرن موجب، آمريڪي صدر هن ملاقات ۾ غزا مان اسرائيلي فوجين جي نيڪالي کانپوءِ انتظام سنڀالڻ بابت به ڳالهيون ڪيون. رپورٽن موجب آمريڪا چاهي ٿو ته غزا ۾ مسلمان ملڪن جي فوج مقرر ڪئي وڃي ۽ عرب ملڪ ٻيهر تعمير لاءِ وسيلا فراهم ڪن. اهڙي اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت ان جي اهميت جو ٻيو رخ ڏيکاري ٿي.

غزا ۾ جنگبندي جو منصوبو اصل ۾ ان عرب پلان مطابق آهي جيڪو مصر سال جي شروع ۾ پيش ڪيو هو ۽ جنهن تي گهڻن عرب ملڪن اتفاق ڪيو هو. عرب ملڪ غزا جي ٻيهر تعمير لاءِ وڏي سرمائي ڏيڻ تي راضي هئا، پر تڪرار ان نقطي تي رهيو ته اسرائيلي فوج جي واپسي کانپوءِ غزا جو انتظام ڪير سنڀاليندو. هي منصوبو صدر ٽرمپ جي انهي بيان کانپوءِ سامهون آيو هو جنهن ۾ غزا تي قبضو ڪرڻ ۽ اتي جي ماڻهن کي جلاوطن ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. عرب ملڪ فلسطيني ماڻهن جي جبري منتقلي جي خلاف هئا، پر غزا جي سلامتي ۽ انتظام بابت ڪو اتفاق پيدا نه ٿي سگهيو. هاڻي اقوام متحده ۾ ٽرمپ ۽ مسلمان اڳواڻن جي ملاقات ۾ ساڳي نڪتي تي ڳالهه ٿي آهي. في الحال عملي تفصيلن تي اتفاق ناهي ٿيو ۽ نه ئي ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙيون تجويزون غور هيٺ آهن، پر آمريڪا ۽ اسرائيل واضع ڪري ڇڏيو آهي ته مستقبل ۾ حماس جو ڪوبه ڪردار قبول نه ڪيو ويندو. سوال اهو آهي ته ڇا مسلمان ملڪ اهڙو سلامتي پلان ڏئي سگهندا جنهن ۾ حماس کي غير مسلح ڪيو وڃي ۽ ان جا اڳواڻ ڪمزور ڪيا وڃن؟ ان موقع تي پاڪستان جي موجودگي ۽ ان جي فوج جي سڃاتل  پيشه وراڻن صلاحيتن جي ڪري قياس آهي ته شايد پاڪستاني فوج کي ان عبوري فورس ۾ شامل ڪيو وڃي جيڪو اسرائيلي فوج جي نيڪالي کانپوءِ غزا جو انتظام سنڀاليندو ۽ فلسطيني اٿارٽي جي نگراني ۾ ڪنهن مستقل حل تائين اتي رهندو. پر جيڪڏهن پاڪستاني فوجي دستن جي شموليت جو فيصلو ٿيو ته پاڪستان اندر سياسي ۽ مذهبي مخالفت به آڏو اچي سگهي ٿو. تحريڪ انصاف ۽ مذهبي پارٽيون اهڙي معاهدي کي ”غزا جي ماڻهن کي وڪڻڻ“ قرار ڏئي سگهن ٿيون. تنهنڪري ضروري آهي ته جيڪڏهن اهڙي تجويز غور هيٺ آهي ته ان جون تفصيلون عوام آڏو پيش ڪيون وڃن ۽ عوام جو اعتماد حاصل ڪري پوءِ قدم کنيو وڃي. ٻي صورت ۾ حڪومت کي عالمي سطح تي ته عزت ملي سگهي ٿي پر ملڪ اندر سخت مخالفت منهن ڏيڻي پوندي.

آمريڪا ظاهر آهي اسرائيل جي حمايت ڇڏيڻ لاءِ تيار ناهي، پر ساڳئي وقت پنهنجي حليف ملڪن ۾ غزا جنگ تي وڌندڙ بيچيني کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهي. ان ڪري ٽرمپ جو چوڻ ته آمريڪا ڪيترن آپشنز تي غور ڪري رهيو آهي، وزن رکي ٿو. يرغمالين جي آزادي ضمانتن سان ممڪن آهي، پر حماس کي غير مسلح ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي. البت جيڪڏهن عرب ملڪ گڏجي مضبوط اتفاق ڏيکارين ۽ فلسطيني عوام جو پرامن مستقبل نظر ۾ رکن ته ممڪن آهي ته حماس کي هٽائڻ سان امن لاءِ رستو کلي سگهي. آمريڪي صدر هڪ طرف پنهنجي حليفن (برطانيا، فرانس، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا) جي فلسطين کي تسليم ڪرڻ تي ناراض آهن، پر ساڳي وقت انهن ملڪن جي عوام اسرائيلي جارحيت خلاف آهن جنهن کي ڪو به آمريڪي ليڊر نظرانداز نٿو ڪري سگهي. هن پسمنظر ۾ فرانس جي صدر ميڪرون چيو هو ته ”صدر ٽرمپ هن جنگ کي بند ڪرائي سگهي ٿو، ڇو ته آمريڪا ئي اسرائيل کي هٿيار ڏئي ٿو. جيڪڏهن ٽرمپ واقعي امن جو نوبل انعام کٽڻ چاهي ٿو ته کيس جنگ بند ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.“

صدر ٽرمپ بار بار غزا ۾ جنگ بند ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. کيس خبر آهي ته اهڙي ڪاميابي کيس امن جو اڳواڻ تسليم ڪرائي ڇڏيندي. پر اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ کيس اهم مسلمان ملڪن جي تعاون جي ضرورت آهي. پاڪستان لاءِ اها خوشخبري آهي ته ان کي انهن اهم ملڪن ۾ شمار ڪيو پيو وڃي جيڪي وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ فلسطين جي مسئلي جو حل ڳولڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.