نيپال جو بحران: انقلابي خواب، ناڪام قيادت ۽ جنريشن زي جي مزاحمت

تحرير: ناصر منصور

نيپال جي اڄ جي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ، ويجهي ماضي جي تاريخ کي کوٽڻ ضروري آهي. 2006 کان 2008 تائين نيپال ۾ هڪ وڏي سياسي تبديلي نروار ٿي، جيڪا بورژوا جمهوريت جو انقلاب سڏائي ٿي سگهي ٿي. هن انقلاب سان اڍائي سئو سالن جي بادشاهت جو خاتمو ٿيو، نيپال، جيڪا دنيا جي واحد هندو رياست هئي، هاڻي سيڪيولر رياست بڻجي وئي، ۽ هڪ وفاقي جمهوري رياست قائم ٿي. مزدورن، عورتن ۽ قومي ثقافتي سڃاڻپ رکندڙ گروهن کي پارليامينٽ ۾ نمائندگي جو آئيني حق ڏنو ويو.  تنهن هوندي به، انقلاب جي بنيادي تقاضا – خاص طور تي زرعي سڌارا – آئيني ۽ قانوني مونجهرن ۾ ڦاسائي، اڻپورا ڇڏي ڏنا ويا. ان سان هارين ۾ مايوسي پيدا ٿي. ساڳيءَ ريت، مائو نواز گوريلا جنگجوئن کي فوج ۾ شامل ڪرڻ بدران، انهن کي مالي سهارا ڏئي عام شهري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ فوج جي جوڙجڪ ۾ ڪو به بنيادي ڦيرو نه آيو.

اهو ياد رکڻ گهرجي ته سوويت يونين جي زوال کان پوءِ، نيپال پهريون ملڪ هو، جتي ڪميونسٽن هڪ عوامي جمهوري تحريڪ جي نتيجي ۾ چونڊون کٽي، اقتدار حاصل ڪيو. هي سياسي تبديلي ٻن وڏن ڪميونسٽ لاڙن جو نتيجو هئي: 1. مائو نواز پارٽي جي اڳواڻي ۾، ڳوٺاڻي علائقن ۾ مسلح جدوجهد – جنهن کي "پرچندا پٿ” سڏيو ويو، 2. ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف نيپال (UML) جو غير مسلح، شهري ۽ جمهوري جدوجهد جو انداز. انهن ٻنهي ڌڙن جي اتحاد سان، پشپا ڪمل دهل عرف ڪامريڊ پرچندا، وزيراعظم چونڊيو ويو. بادشاهت جي خاتمي لاءِ انهن جي گڏيل جدوجهد سان، لکين ڪارڪنن کٺمنڊو کي گهيري ۾ آڻي، بادشاه کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. تنهن هوندي به، نيپال جي ڪميونسٽ سياست تاريخ جي هر مرحلي تي ورهاست، اختلاف ۽ ڦوٽو جو شڪار رهي آهي. مائو نواز پارٽي جي اثريت ڳوٺن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ رهي، جڏهن ته UML کي شهري مزدور طبقي جي وڏي حمايت حاصل رهي، ۽ نيپالي ڪانگريس، ترائي جي علائقن ۾ عوامي حمايت سان هڪ اهم سياسي قوت آهي، جيڪا ڀارت سان ويجهڙائپ رکي ٿي.

نيپال، جيتوڻيڪ ڀارت ۽ چين جي وچ ۾ واقع آهي، پر تاريخي، سياسي ۽ معاشي حوالن سان ڀارت تي گهڻو انحصار رکي ٿو. نيپال جو واپار، آمدرفت، روزگار، ۽ ڪرنسي جو نظام وڏي حد تائين ڀارت سان جڙيل آهي. ڀارتي واپاري وڏي تعداد ۾ موجود آهن، ڀارتي رُوپين جو واهپو عام آهي، ۽ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي اچ وڃ ويزا کان سواءِ ٿيندي آهي. تنهن هوندي به، ڀارتي مداخلت خلاف جذبات ملڪ جي اڪثريتي حصي ۾ عام آهن.

نيپال جي معيشت جو دارومدار سياحت، ٻاهرين ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ محنتڪش، ۽ ڀارت سان واپاري لاڳاپن تي آهي. خوش آئنده ڳالهه اها آهي ته: نيپال ۾ مذهبي يا ساڄي ڌر جي پارٽين کي ڪو خاص اثر حاصل نه آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي ۾ سيڪيولر ۽ جمهوري سوچ واريون پارٽيون آهن، ۽ ڪميونسٽ پارٽيون اقتدار ۽ اپوزيشن ٻنهي ۾ موجود آهن.  مايوسي، بي روزگاري ۽ سوشل ميڊيا تي پابندي تنهن هوندي به، بادشاهت جي خاتمي، سيڪيولر رياست جي قيام، ۽ جمهوريت جي باوجود عوام خاص طور تي نوجوانن جي زندگي بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي آهي.

گذريل 17 سالن ۾ تقريبن سڀئي سياسي جماعتون اقتدار ۾ رهيون آهن، ڪڏهن ڪميونسٽ اتحاد، ڪڏهن مائو نواز-ڪانگريس جو ميل، ڪڏهن UML ۽ ڪانگريس جو گڏيل حڪمران اتحاد. اصولن جي جاءِ تي مفادن جي سياست اچي وئي. عوام جي اميدن کي باهه لڳي وئي آهي. 21٪ بي روزگاري، هر سال 8 لک کان وڌيڪ نوجوان ملڪ ڇڏي مزدوري تي وڃن ٿا، انهن جي ڪمائي نيپال جي GDP جو 30٪ کان به وڌيڪ آهي – جيڪو دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. سوشل ميڊيا تي پابندي، جيڪو روزگار ۽ اظهار جو ذريعو هو تنهن تي حڪومت پهرين ڊجيٽل سروس ٽيڪس لاڳو ڪيو، پوءِ مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي. غصي جو لاوا روڊن تي اچي ڦاٽو. بي مهار تحريڪ، بي رُخ سياسي قوتون اڄ  سياسي جماعتون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن، نتيجي ۾ بي واڳ، غير منظم قوتون تحريڪ کي اڳتي وڌائي رهيون آهن، اسڪولن جا شاگرد، بي روزگار گريجوئيٽ، گگ ورڪر، ۽ سياسي ڪارڪن ان تحريڪ جي اڳواڻي ڪن پيا. وزيراعظم کي استعفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف نيپال (مائوئيسٽ سينٽر) جي اڳواڻ پرچندا، تحريڪ جي حمايت ڪئي آهي، پر حقيقت ۾ هو هن تحريڪ سان تنظيمي طور اڻ سلهاڙيل آهن.

ڪجهه الزام آهن ته کٽمنڊو جو آزاد ميئر ۽ مائو نواز پارٽي ان جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن. جنريشن زي جو ٽڪراءُ نظام سان اها سڄي نسل، جيڪا جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي واعدن تي جوان ٿي، هاڻ ان نظام سان ٽڪرائي پئي آهي، جيڪو هر در تي بندش وجهي ٿو. بي روزگاري، بي حسي، ۽ ناڪام ترقياتي ماڊل خلاف آهي. سوشل ميڊيا تي پابندي انهيءَ ضبط کي توڙي ڇڏيو، جنهن جي پردي ۾ حڪمران ڪرپشن ۽ اقرباپروري کي پنهنجو حق سمجهي رهيا هئا.

ڀلي ڪير به چوي – ته: سري لنڪا، بنگلاديش يا نيپال جي بغاوتن پٺيان "ڪو ٻيو هٿ” آهي، پر حقيقت اها آهي ته عوام جي مسئلن کان لاتعلق حڪمران آخرڪار عوام جي ڪاوڙ جو نشانو بڻجن ٿا –

چاهي اهي جمهوريت جي لبادن ۾ هجن يا اشتراڪيت جي نالي ۾. پارليامينٽ جي اندر کان احتجاج ڪندڙن تي گولي هلائڻ جو جواب هميشه باهه هوندو، ڀلي ان ۾ "جمهوريت جي علامت” ئي ڇو نه ساڙي وڃي.

نيپال ڀلي ڪير اڄ به:2006 جي "جانا آندولن 2” (پيپلز موومنٽ)۾ ڪيل واعدن جي پاسداري گهري ٿو.. اهو پنهنجن آدرشن کي حڪمرانن جي پيرن هيٺ لتاڙجندي نٿا ڏسڻ چاهين. روزگار ۽ سماجي انصاف جو مطالبو ڪن ٿا.

جيڪڏهن اهي نه مليا ته:  کٽمنڊو جا روڊ ته موجود آهن. ڪالهه ان سياسي طاقتن جي رهنمائي ۾ بادشاهه کي ڀڄايو هو، اڄ جمهوريت جي اوٽ ۾ بدعنواني ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻايو آهي ۽ ايندڙ سڀاڻي جو سياسي منظرنامو ڇا هوندو چوڻ مشڪل آهي پر سياسي جماعتن خاص ڪري کاٻي ڌر جي انقلابي تنظيمن کي عوام سان تعلق مضبوط بڻائڻ لاءِ لازي آهي ته سماج اندر پکڙيل بي چنيي ۽ شديد ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي تقاذن جو ادراڪ ڪن ۽ انقلابي اصولن ۽ آدرشن کي ترڪ ڪرڻ کان پاسو ڪن. نيپال جي عوام اها ئي ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.