ڇا رڳو ڊيم ئي ٻوڏن کان بچائي سگهن ٿا؟

تحرير: نصيرميمڻ

پنجاب هن وقت سخت ترين ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن وقت درياهه چناب ۾ اَٺ لک ڪيوسڪ، جڏهن⁠  ته راوي ۽ ستلج ۾ به هڪ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ وڏا وهڪرا وهي رهيا آهن. هي پاڻي ڀارت جي طرفان داخل ٿيو آهي. 20 آگسٽ کان ڀارت جي سرحد سان لڳندڙ علائقن ۾ غير معمولي برساتون پيون آهن. ان جي تفصيل ڪجهه هن ريت آهي:

هيمچل پرديش ۾ معمول کان 500 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي، جتي 25 آگسٽ تائين 150 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا. ان رياست جون ٻه اهم شاهراهون ۽ اسڪول بند ڪرڻا پيا. هريانا ۾ به معمولي کان 700 سيڪڙو وڌيڪ برسات رڪارڊ ٿي. ڪشمير ۾ هڪ ڏينهن ۾ 368 ملي ميٽر برسات ٿي، جڏهن ته 26 آگسٽ تي ضلعي ڊوڊا ۾ سخت برسات سبب ندي⁠نالن ۾ وڏا ٻوڏ جا ريلا اچي ويا. ڀارتي پنجاب ۾ به غير معمولي برساتون ٿيون، ڪجهه رپورٽن موجب اتي معمول کان 1200 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي. انهن شديد برساتن سبب ڀارت طرفان باکهرا، پونگ ۽ رنجيت ساگر ڊيم جا اسپل⁠ وي کولڻا پيا. چناب تي بگليهار ۽ سلال ڊيم ڀرجي ويا، جنهن کان پوءِ وڌيڪ پاڻي ذخيرو ڪرڻ ممڪن نه رهيو. هي سمورو پاڻي درياهن وسيلي پاڪستان ۾ داخل ٿيو، جنهن پنجاب جي هيٺين علائقن ۽ دريائي پٽيءَ ۾ وڏي تباهي آندي.

في الحال ڀارت طرفان ايندڙ پاڻي ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي آهي، پر اهو وڏو وهڪرو ڪجهه ڏينهن تائين رهندو ۽ هڪ هفتي جي اندر سنڌ ۾ داخل ٿيندو. اندازي مطابق سيپٽمبر جي پهرئين هفتي ۾ سنڌ ۾ ڇهه کان ست لک ڪيوسڪ پاڻي پهچي سگهي ٿو. جيڪڏهن سنڌو درياهه جي ڪيچمينٽ ايريا يا ڪوھه سليمان مان وڏا ريلا شامل ٿي ويا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. ان ڪري سنڌ کي بدترين حالتن جي اڳواٽ تياري ڪرڻ گهرجي.

جڏهن ستلج، راوي ۽ چناب ۾ ٻوڏ آئي ته پنجاب ۾ نوان ڊيم ٺاهڻ جون ڳالهيون شروع ٿي ويون. ڪي ماڻهو اهو به چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته پنجاب ۾ هي ٻوڏ نه اچي ها. اهڙي سوچ رکندڙ نه جاگرافيائي کان واقف آهن ۽ نه ئي ڊيم جي سائنس کان. چناب کان ڪالاباغ تائين فضائي فاصلو لڳ ڀڳ 275 ڪلوميٽر آهي، تنهن ڪري جيڪو ماڻهو جاگرافيائي جا بنيادي اُصول ڄاڻندو، اهو ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه ڪندو. جيستائين ٽنهي درياهن تي ڊيم ٺاهڻ جو سوال آهي، انجنيئرنگ ماهر ڄاڻن ٿا ته پاڪستان ۾ انهن درياهن تي وڏا ڊيم ٺاهڻ لاءِ موزون جڳهيون موجود ناهن. چولستان منصوبي ۾ چناب تي ٽن ننڍن ڊيم ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، پر ڏهه لک ڪيوسڪ جي وهڪري ۾ انهن جو ڇا حال ٿئي ها؟ چناب ۾ اڳ به وڏا وڏا وهڪرا ايندا رهيا آهن. 2014ع ۾ نو لک ڪيوسڪ وهڪري تباهي مچائي هئي. هن ڀيري به قادرآباد کي بچائڻ لاءِ بند ٽوڙڻو پيو. ننڍڙا ڊيم وڏن ۽ اوچتن وهڪرن کي برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن.

اهو ئي سبب آهي جو ڊيم ۾ پاڻي آهستي ڀريو ويندو آهي ته جيئن ڊيم جي جوڙجڪ تي دٻاءُ گهٽ رهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي هڪ سطح تي روزانو هڪ فوٽ کان وڌيڪ پاڻي نه ڀريو ويندو آهي. ويجهو مثال ليبيا جي شهر درنه جو آهي، جتي 10 سيپٽمبر 2023ع تي ٻوڏ سبب ٻه ڊيم ٽٽي پيا، جنهن ۾ 11 هزار ماڻهو مارجي ويا. وڏين برساتن ۽ ٻوڏن ۾ ڊيم پاڻي روڪڻ تباهي جو سبب بڻجي سگهن ٿا.

ياد رکڻ گهرجي ته راوي ۽ چناب ۾ ايتري وڏي ٻوڏ 38 ورهين بعد آئي آهي. انهن درياهن جي سڪي ويل پيٽن ۾ انساني آبادين، پوکائي ۽ ڳوٺ ٺهي چڪا آهن، تنهن ڪري نقصان وڌيڪ ٿيو. سيالڪوٽ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 350 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات سبب ٻوڏ آئي. وفاقي وزير خواجه آصف چيو ته قدرتي رستن ۾ رڪاوٽن ۽ حددخلين سبب تباهي ٿي. پاڪستان ۾ درياهن ۽ ندي⁠نالن ۾ رڪاوٽون مسلسل جاني ۽ مالي نقصان جو سبب بڻبيون رهيون آهن.

حقيقت  اها آهي ته اڃا تائين ايندڙ سڀ وهڪرا درياهن جي گنجائش اندر هئا، پر نقصان پوءِ به وڏو ٿيو. انساني غلطيون انهن ٻوڏن کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي رهيون آهن. جيستائين غيرقانوني تعميرون ۽ رڪاوٽون ختم ناهن ٿينديون، تيستائين معمولي برساتون به تباهي مچائينديون رهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.