فنونِ لطيفه جِي مُک شاخَ ”پرفارمنگ آرٽس“ ۾ ’نظامتَ‘ (ڪمپئرنگ) به اوترو ئي اهم شعبو آهي، جيتري موسيقي، اداڪاري ۽ نرت (رقص)، پر بدقسمتيءَ سان اسان جهڙن ملڪن ۾ ان کي اڃا تائين پرفارمنگ آرٽس جو ’شعبو‘ سمجهيو ئي ناهي ويو ۽ جيئن ڪنهن تقريب جي ترتيب ۾ راڳين، سازندن يا اداڪارن وغيره کي اڳواٽ ڪانڍي، انهن کي باقاعدي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا ويندا آهن ۽ کين پنهنجي پرفارمنس جو مناسب معاوضو ڏنو ويندو آهي، ان طرح سان پروگرام جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ اڳواٽ انتظام ناهي ڪيو ويندو ۽ سڀني کان آخر ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪم بابت سوچيو ويندو آهي، ته اهو ڪمپئرنگ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته پروگرام شروع ڪرڻ وقت، موقعي تي موجود ماڻهن منجهان ڳولي ان ماڻهوءَ کي اهو ڪم ڏنو ويندو آهي، جيڪو نسبتاً ٻين کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل هجي يا ٿورو گهڻو ڳالهائڻ ايندو هجيس! ان اهم ڪرت کي ’فن‘ نه سمجهڻ جو نتيجو اهو آهي ته اسان وٽ لطيف فنن (فائين آرٽس) ۾ اهو شعبو اُسري ناهي سگهيو ۽ شروع کان اسان وٽ ان شعبي ۾ پوري ملڪ ۾ ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو رهيا آهن. سنڌ ۾ ته ان شعبي ۾ فنڪارن جو تعداد خير ڪو آهي! حالانڪه ان شعبي کي هڪ ’مضمونَ‘ طور ميڊيا سائنس جي شاگردن کي پڙهائڻ گهرجي ۽ ان جي پيشاورانه تربيت جي سلسلي ۾ نصاب ترتيب ڏنو وڃڻ گهرجي، جيڪو وقت جي اهم ضرورت آهي.
نظامتَ يا ’ڪمپئرنگ‘ هڪ وسيع اصطلاح آهي، جيڪا ڪيترن ئي شعبن ۾ انجام ڏني وڃي ٿي. ان جون مُک ڪيٽيگريون هي آهن:
1 ــ اسٽيج جي نظامتَ
2 ــ ريڊيو پروگرامن جي ميزباني
3 ــ ٽيليويزن جي ميزباني
4 ــ راندين جي Events جو اکين ڏٺو احوال (سنئين سڌي ڪمنٽري)
5 ــ اسٽيج، ريڊيي ۽ ٽيليويزن تي فني/ٽيڪنيڪل (جيئن: طب، قانون، مذهب، سياست ۽ معاشيات تي ٻڌل) پروگرامن جي ميزباني
6 ــ انٽرويو وٺڻ
مٿي بيان ڪيل سمورين ڪئٽيگرين جي نوعيت ڌار ڌار آهي ۽ ضروري ناهي ته هر ميزبان انهن سمورن پروگرامن جي ميزباني ڪري سگهي. مٿي بيان ڪيل پهرين ڪئٽيگري (اسٽيج جي ميزبانيءَ) جا وري ذيلي قسمَ آهن، ڇاڪاڻ ته اسٽيج جا پروگرام به الڳ الڳ نوعيت جا ٿيندا آهن، جن منجهان هر پروگرام کي هلائڻ لاءِ ڌار قسم جي مهارت درڪار هوندي آهي. اسانجي خطي ۾ اسٽيج پروگرامن جا خاص قسمَ هي آهن:
1 ــ موسيقيءَ جا پروگرامَ
2 ــ ادبي ميڙاڪا ۽ مشاعرا
3 ــ پيشاورانه سيمينار ۽ ڪانفرنسون
4 ــ ڪارپوريٽ ورڪشاپَ، سمپوزيمَ، ڪولوڪوئيُم ۽ ٽيڪنيڪل سيشنَ
ان طرح ريڊيي ۽ ٽيليويزن جا پروگرام به بيشمار نوعيت جا ٿيندا آهن. جن مان مُک قسمَ هي آهن:
الف ــ سادي انائونسمينٽ وارا پروگرامَ
ب ــ ڪمپيئرنگ جا پروگرامَ
1 ــ گيتن تي مشتمل پروگرامَ
2 ــ ڳالهه ٻولهه تي ٻڌلَ پروگرامَ (جن ۾ سياسي، ثقافتي ۽ مذهبي پروگرامَ اچي وڃن ٿا)
3 ــ تبصرن ۽ تجزين تي ۾مشتمل پروگرامَ (جن ۾ اڪثر راندين يا نيوز ۽ ڪرنٽ افيئرز جا پروگرام اچي وڃن ٿا.)
4 ــ خاص موقعن جي مناسبت سان ترتيب ڏنلَ پروگرامَ (اسيپيشل ڊي اسائنمينٽس)
5 ــ دستاويزي پروگرامَ (ڊاڪيومينٽريُون)
6 ــ اسپيشل Audience (خاص ٻڌندڙن / ڏسندڙن) جا پروگرامَ (جن ۾ ٻارن، نارين، هارين، نؤجوانن، شاگردن، فوجين، آبادگارن، مزدورن، معذورن وغيره لاءِ پيش ٿيندڙ پروگرامَ شامل آهن.)
انهن شعبن مان ڪهڙي به نوعيت جي پروگرام جي نظامتَ (ڪمپئرنگ) هجي، ان لاءِ ’مطالعو‘ پهريون ۽ اڻٽر شرط آهي. جنهن کان ونءٌ وڃڻ سبب يا نئين نسل ۾ اڀياسَ جو رجحان نه هجڻ سبب اسان وٽ اسڪرين کي رنگَ بخشيندڙ فردن جو ته وڏو انگ موجود آهي، پر اهڙن لهجن جي کوٽ آهي، جيڪي ٻُڌڻ سان سماعتن تائين ٻوليءَ جو رسُ رسي. بلڪه اسانجي چئنلن تي اينڪرن جي جيڪا فؤج ظفرِ مؤج وارد ٿِي آهي، انهن ٻوليءَ جي بگاڙَ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان جو اندازو ٻوليءَ جي هر سڄڻ کي آهي.
جديد دؤرَ ۾ ڪمپئرنگ جا ماڻَ مَٽجي ويا آهن. انڪري اڄڪلهه جي دوستن کي نظامت ڪرڻ وقت هيٺين ڳالهين جو ضرور خيال رکڻ گهرجي:
1 ــ 10، 15 سالَ اڳ تائين اسٽيج تي هر مقرر کي گُهرائڻ کان اڳ هروڀرو شعر پڙهڻ جو رواج هو. هاڻي زمانو مَٽجي چُڪو آهي. هاڻي مختصر نموني ڪجهه جُملن ۾ مهمانَ جو تعارف ڪرائي ان کي سَڏايو وڃي ٿو. پوري تقريب ۾ هڪ اڌ ڀيرا فقط اُتي شعر پَڙهيو وڃي، جتي ان جي ضرورت هجي يا ان شعر جي حوالي سان ڪا ڳالهه ڪرڻ ضروري هجي.
2 ــ پهريان هر مقرر کان اڳ ميزبان پاران ان جي ڊگهين تعريفن کي پسند ڪيو ويندو هو. بي جا تعريف کوکلِي ۽ مصنُوعي لڳندي آهي ۽ غيرجانبدار ٻڌندڙ کي سُٺي ناهي لڳندي. انڪري مهمان کي متعارف ڪرائڻ وقت لفظن جو متوازن ۽ مناسب انتخاب ڪجي، جنهن مان گهڻو مبالغو (وڌاءُ) محسوس نه ٿئي ۽ اهي لفظَ ان مهمان جِي شخصيت جي ٺيڪ عڪاسي ڪندا هجن.
3 ــ جنهن به مقر يا راڳيءَ کي اوهان ميزبان جي حيثيت ۾ سَڏائي رهيا آهيو، ان سان اوهانجو ڀلي ڪيڏو به ديرينه ذاتي تعلق هجي، ان کي پاسي تي رکي ان کي سندس سماج ۾ موجود سُڃاڻپ آڌار گُهرايو ۽ سندس وجهِ شهرت جو حوالو ڏئي ڳالهائڻ يا فن جو مظاهرو ڪرڻ جي دعوت ڏيو. ان وقت اوهانکي ان سان پنهنجي ذاتي واسطي، بي تڪلفيءَ يا حُجتَ جو ذڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي. نه ئي ان سان سلهاڙيل ڪي ذاتي واقعا بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي.
4 ــ اوهان کان اڳ ۾ جنهن مقرر پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو هجي، ان جي چيل ڪنهن ڳالهه جِي منتظمين پاران ڪا وضاحت ڪرڻ ضروري هجي، ته اها مختصر لفظن ۾ ڪئي وڃي. هڪ تقرير پٺيان فقط پنهنجي قابليت جتائڻ لاءِ سندس بيان ڪيل نُڪتن تي هڪ ٻئي تقرير ڪرڻ جِي ضرورت ناهي.
انٽرويو وٺڻ وري بنهه هڪ ڌار فن آهي. جيڪو ڪو عام ڪمپئر نٿو ڪري سگهي. ’انٽرويُو وٺڻ جو فن‘ خود نظامت (ڪمپيئرنگ) اندر هڪ ڌار مضمون طور سيکاريو وڃڻ گُهرجي. انٽرويُوءَ جا هيٺيان مُک پنج قسم ٿين ٿا:
1 ــ رسالي لاءِ ورتل انٽرويو
2 ــ اخبار لاءِ ورتل انٽرويُو (جيڪو نيُوز اسٽوريءَ طور شايع ٿئي)
3 ــ ريڊيو لاءِ ورتل انٽرويُو
4 ــ ٽيليويزن لاءِ ورتل انٽرويُو
5 ــ ’واڪس پاڪس‘ (ڪنهن به موضوع تي عام روڊن، رستن، پارڪس يا شاپنگ سينٽرن ۽ مالس ۾ عام ماڻهن سان ڪيل تڪڙي تڪڙي گفتگو)
6 ــ ’ساٽ‘ (SOT) ــ ’سائُونڊ آن ٽيپ‘ (ڪنهن به دستاويزي پروگرام يا نيوز رپورٽ جي موضوع بابت ڪنهن به سلهاڙيلَ شخصيت سان ڪيل مختصر ڳالهه ٻولهه / ورتلَ تاثرات)
انهن سمورن ’مِيڊِيَمس‘ لاءِ ڪيل ڳالهه ٻولهه جِي نوعيت ۽ انداز بنهه مختلف آهي. جيڪي سوالَ اوهان رسالي لاءِ ورتل انٽرويوُءَ ۾ ڪري سگهو ٿا، اهي ٽي وي يا ريڊيي لاءِ ڪيل انٽرويُوءَ ۾ نٿا ڪري سگهجن. ان ڏس ۾ نامياري عالمي ميڊيا ماهر ۽ مصنف ’ماورا فٽز گيرالڊ‘ جو ڪتاب ”دي ٽي وي اينڊ ريڊيو انٽرويُو: اي اسٽيپ باءِ اسٽيپ گائيڊ“ انهن دوستن کي ضرور پڙهڻ گهرجي، جيڪي انٽرويُو وٺڻ جي فن ۾ واقعي مهارت حاصل ڪرڻ گهرن ٿا. مَٿين ڇهن قسمن جي انٽرويُوز ۾ به سامهون ويٺل شخصيت جي شعبي جي لحاظ کان سوالن جي نوعيت ڌار ڌار هوندي. انڪري سياسي انٽرويُوز، شوبزنس جي شخصيتن سان ڪيل ڳالهه ٻولهه ۽ اديبن توڙي دانشورن سان ڪيل گفتگوءَ جي نوعيت ۾ واضح فرق هوندو آهي، جنهنجو انٽرويُو وٺڻ واري کي خاص خيال رکڻ گهرجي. ان ڏس ۾ عدم تربيت جي نتيجي ۾ پوءِ اسانجي سنڌي چئنلن جي مارننگ شوز وانگر ايئن ٿو ٿئي جو توڙي سامهون ڪيڏي به وڏي ادبي، سياسي يا سماجي قد ڪاٺ وارو شخص يا ڪنهن به شعبي جو ماهر ڇو نه ويٺو هجي، ان کان ان جي شعبي بابت اهڙا ڪارائتا سوالَ، جيڪي مبادا ان شعبي سان وابسته سيکڙاٽن لاءِ رهنمائي بڻجي سگهن ٿا، پڇڻ بجاءِ ’پسند جو رنگ، موسم، کاڌو‘ وغيره جهڙا ساڳيا گِهسيل پٽيلَ سوال ڪيا وڃن ٿا. انٽرويُو ڪرڻ وقت به ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي ته:
1 ــ سامهون وارو اوهانجو مهمان آهي ۽ اوهان ان کي پروگرام ۾ عزت ڏيڻ لاءِ گهرايو آهي، انڪري اوهانجو هر جملو مهمانَ جِي توقير جو ضامن هجڻ گهرجي. هتي به اوهانکي پنهنجو پاڻ کي بنهه الڳ رکي فقط مهمان کان سوال جواب ڪرڻا آهن. ايئن نه ٿئي جو مهمان پاڻ سان جپان ۾ پيش آيل ڪنهن واقعي جو ذڪر ڪري ته اوهان ان جي جواب ۾ پنهنجو جپان جو سفرنامو شروع ڪري ڇڏيو. هتي به مهمان سان پنهنجي ذاتي تعلقات يا ويجهڙائپَ جي ذڪر کان پاسو ڪيو وڃي.
2 ــ مهمان جِي ڳالهه ڪَٽڻ ميڊيا ۾ بدتهذيبي شمار ٿيندي آهي. (جنهنجو اڄڪلهه بنهه خيال نٿو رکيو وڃي!) مهمانَ جي ڳالهه هرگز نه ڪَٽيو. جيڪڏهن مهمان جي جواب دؤران اوهانجي ذهن ۾ ڪو سوال اُڀري ٿو ته ان کي پنهنجي ذهن ۾ تيستائين روڪي رکو، جيستائين مهمان پنهنجي ڳالهه پُوري ڪري. پوءِ اوهان پنهنجي ذهن ۾ آيل اهو سوال ڪريو. هنَ تڪنيڪَ (ٽيڪنيڪ) کي فني زبان ۾ ’to hold the thought‘ (خيال کي جَهلي بيهڻ) چيو ويندو آهي. نظامتَ (ڪمپئرنگ) ايڏو گوناگون موضوع آهي، جو ان جي رهنمائيءَ لاءِ ڪتابَ لکي سگهجن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي هڪ جامع ڪتاب جي يقيناً گُهرجَ موجُود آهي، جيڪو نئين نسل جي ڪمپئرن جي رهنمائي ڪري سگهي ۽ ’ڪمپئرنگ‘ کي شوبزنس جي هڪ ڌار شعبي طور اڳتي هلي سُڃاڻپ ملي سگهي.