ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيٽروليم ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيئرمين عبدالسميع، وائيس چيئرمين وسيم قادري، انور ڪمال، سنڌ جي صدر امير خان ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيٽرول جا اگهه رات جي پيٽ ۾ وڌايا ويا جنهن جي ڪري پيٽرول ڊيلر ۽ عوام پريشان آهي، عوام سان فراڊ ڪيو ويو،21 رپيا ليوي جا وڌايا ويا پو اسان پڇون ٿا ته 34 رپيا ڪيڏانهن ويا، اسان مطالبو ڪيون ٿا ته ان معاملي جي انڪوائري ڪئي وڃي ته پهرين مارچ کان پيٽرول ڪنهن ذخيرو ڪيو ۽ 34 رپيا في ليٽر فائدو ڪنهن کي ڏنو ويو، اسان وقت کان اول ئي انڪم ٽئڪس ڏيون ٿا، حڪومت چوي ٿي ته ٻاهران سيڙپڪار آڻيو ، هتي موجود جيڪي آهن انهن کي دٻايو ويو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسانجو فائدو ڏيڻ ۾ حڪومت کي تڪليف آهي باقي پنهنجي لاءِ 21 رپيا ليوي جا وڌايا ويا آهن، اڳواڻن چيو ته هن وقت اسان کي 2.59 سيڪڙو فائدو ڏنو پيو وڃي جيڪو نامناسب آهي اسان جي ڪروڙين رپيا سيڙپڪاري ٿيل آهي پيٽرول جو اگهه وڌڻ سان اسانجو فائدو گهٽايو پيو وڃي، اسان وزير اعظم شهباز شريف، آرمي چيف کي خط لکيا ته 55 رپيا في ليٽر تي وڌائي عوام سان دوکو ڪيو ويو آهي ، جيڪڏهن هنن جا مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته 26 مارچ کان پوء اسان پنهنجو ڪاروبار بند ڪنداسين.