”هيڏي ڇو آئي آن“ مڙس سان رُسي پيڪين آيل عورت کي ڀاءُ قتل ڪري ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ مڙس سان ڪاوڙجي پيڪين آيل عورت کي ڀاءُ فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
راولپنڊي جي مندرا ٿاڻي جي علائقي ڍوڪ مقدم ۾ ڀاءُ فائرنگ ڪري ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.
واقعي جو ڪيس مقتولا جي پيءُ ملازم حسين جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته 4 مهينا اڳ ڌيءُ فرحت شاهين جي شادي محمد عثمان سان ٿي، ڌيءُ مڙس سان ڪاوڙجي گهر آئي ته پٽ ارسلان جي ان سان ڏند چڪ ٿي ۽ هن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ فرحت شاهين ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.