اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عيدالفطر جي موقعي تي 4 موڪلن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
رپورٽن موجب هن سال رمضان جا پورا 30 روزا ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ پهرين شوال ڇنڇر 21 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي پر ان حوالي سان حتمي اعلان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪندي.
وفاقي حڪومت عيدالفطر تي 20 کان 23 مارچ، جمعو، ڇنڇر، آچر ۽ سومر موڪل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
You might also like